ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ) سون 300 رپيا سستو: ڊالر ۾ 14 پئسا اضافو، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾سون 300 رپيا لاٿ سان 248500 مان 248200 رپيا في تولو تي پهچي ويو، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون 3 ڊالرن جي لاٿ سان 2415 ڊالر في آئونس تي بند ٿيو، هوڏانهن چاندي 2620 ۽ يورو 300 رپين تي بيٺل رهيا، ٻئي طرف  ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾14 پئسا واڌ سان 279.4 مان 279.54 ۽ انٽر بينڪ ۾ 8 پئسا اضافي سان 278.47 رپين تي بند ٿيو، جڏهن ته پائونڊ 50 پئسا اضافي سان 252.5 مان 353 رپين تي پهتو هو