آمريڪي سرجن وويڪ مورتي چيو آهي ته سوشل ميڊيا پليٽ فارمز صحت لاءِ نقصانڪار آهن ۽ انهن تي به سگريٽ وانگر وارننگ ليبلز هجڻ گهرجن.

آمريڪي سرجن جنرل وويڪ مورتي نيويارڪ ٽائمز لاءِ لکيل هڪ مضمون ۾اهڙي ڳالهه ڪري واهپيدارن کي دنگ ڪري ڇڏيو.

هن لکيو آهي ته سوشل ميڊيا جو استعمال نوجوانن جي ذهني صحت تي اثرانداز ٿيندو آهي.

سندس چوڻ هو ته اهو وقت اچي ويو آهي ته سوشل ميڊيا پليٽ فارمن سگريٽ وانگي وارننگ ليبل لڳايو وڃي ته سوشل ميڊيا نوجوانن جي ذهني صحت کي تمام گهڻو نقصان پهچائي ٿو.