سوال/سروي … گلن جهڙا ٻار غير محفوظ، عورتن جو قتل عام به وڌي ويو، وڏيرن ۾ هٿ وجهو امن ٿي ويندو، ڌاڙيلن خلاف فوجي آپريشن ڪريو : عوام

0
257

  ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته گلن جهڙا ٻارڙا به غير محفوظ: ٻارن جو اغوا ۽ عورتن جو قتل عام وڌي ويو، ان صورتحال کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته معصوم ٻارن جي ڪهڙو ڏوهه آهي جو انهن کي اغوا ڪيو ٿو وڃي، عورتن جو قتل عام به وڌي ويو آهي، بدامني، لاقانونيت جا وڏيرا، سردار، ڀوتار ۽ پوليس ذميوار آهن، انهن خلاف ايڪشن کنيو وڃي، ٻارن سوڌو سمورن مغوين جي آزادي لاءِ ڪچي ۾ فوجي آپريشن ڪيو وڃي، ڌاڙيلن جو خاتمو ڪيو وڃي، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي رياض سولنگي لکيو ته معصوم ٻارن جو اغوا ٿيڻ افسوسناڪ عمل آهي معصوم ٻارن کي اغوا ڪندڙن کي ڦاهي ڏني وڃي عورتن جو قتل واري معاملي جي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آهي عورتن جي قتلن ۾ اڪثر اهي ماڻهو ڀوتار سردار ملوث هجن ٿا عورت کي جيڪڏهن ڪو وحشي قتل ڪري ٿو ته سردارن ڀوتارن جا ٿاڻن تي جوابدارن کي آزاد ڪرائڻ لاءِ فون اچن ٿا عورتن ۽معصوم ٻارن تي تحفظ لاءِ الڳ کاتا قائم ٿيل آهن پر اهي نام نهاد کاتا رڳو انگ اکر گڏ ڪري پئيسا ڪمائڻ ۾ لڳل آهن جيڪڏهن قانون پنهنجو درست ڪم ڪري ته شايد ڪافي حد تائين ٻنهي واقعن ۾ گهٽتائي اچي سگهي ٿي، گل حسن شر لکيو ته ٻارن سان ٿيندڙ واقعن جي روڪٿام لاءِ جوابدارن کي سخت ۽ فوري سزائون ڏنيون وڃن يا وري اسلامي قانون لاڳو ڪيو وڃي جيئن افغانستان ۾ آھي اتي ڪرائيم ريشو تمام گھٽ آھي، عابد شر لکيو ته ڪنڌڪوٽ مان روز پنج ماڻھو اغوا پيا ٿين ساڳئي صورتحال گهوٽڪي ۾ به آھي ان کان علاوه هرکجي اغوا ٿيندڙ ماڻھن جو انگ تمام گهڻو آھي سرڪار ڌاڙيلن جي خاتمي لاءِ ڪو ماڪڙ مار جهڙو زهريلو ڦوهارو ٻيلي ۾ ڪرائي ته ڌاڙيل مارجي وڃن پر حڪمرانن کي به شايد ڌاڙيل سنڌ جي ڪلچر ۾ سونهن لڳي رهيا آھن شايد ان ڪري انهن جو خاتمو نٿو آندو وڃي يا سرڪار کي پڪ آھي بجا تير بجا وڳو ته ڪنڌڪوٽ گهوٽڪي سميت سنڌ جي سمورن علائقن جا ماڻھو جهمر هڻي ووٽ ڏيندا ناراض ڪونه ٿيندا شايد ان ڪري ڌاڙيل اڃا اسان وٽ موجود آھن، امر راءِ سنگهه راجپوت لکيو ته اکيون رت روئن ٿيون. ڳوڙھن جي برسات ۾ ڪُجهه ڏسي نٿو سگهجي. ڌرتيءَ دوزخ بڻجي ويئي آھي. ثناءُالله چنا لکيو ته اسان جي ملڪ جا سڪيورٽي ادارا اسان جون عدالتون سڀ ناڪام ٿي ويا آهن بدامني ايتري آ جو پنهنجي گهرن ۾ به محفوظ ناهيون اسان جا معصوم محفوظ ناهن افسوس آ بس اسان جي رياستي ادارن تي، ساگر امير حيدر لکيو ته سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ بدامني ۽لاقانونيت جي باھ ٻريل آهي ڪير به ڪٿي به محفوظ ناهي، چند سردار امن کي يرغمال ڪري ويٺا آهن، اميد سحر لکيو ته معصوم ٻارڙن جو اغوا نھايت ڏکوئيندڙ آهي.ٻن چئن سردارن ۾ ۽ ڪجھه پوليس آفيسرن جي ڳچي ۾ ھٿ وجھڻ کان سواءِ هن جو ٻيو ڪو بي حل ناھي، ماڻڪ حڪيم لکيو ته هڪ ته اسان کي پاڻ جيان پنهنجن ٻارڙن جو خيال رکڻ گهرجي اسڪول گهر مسجد مدرسي سميت دڪانن تي شيء وٺڻ يا گلي ۾ هوڪا ڏئي قلفي آئسڪريم وارن تي پڻ خيال جي ضرورت آهي باقي اسان جا حڪمران نه اسان جي نه ئي اسان جي ٻارڙن جي حفاظت ڪندا هو خالي اسان جي ڏنل ٽيڪس مان عياشيون ڪندا باقي اسان جي علائقي جي پوليس سڳوري رڳو منشيات ۾مصروف هوندي جيستائين اهي مصروف ٿي اين سي داخل ڪندا تيستائين اسان ۽ اوهان جا خوشبو ڏيندڙ گل ڪومائجي ويندا. آفتاب حسين راڄپر لکيو ته ادارن جي نااهلي سبب اهو سَڀ ڪجهه ٿي رهيو آهي ان سان گڏ والدين جي گھٽ توجهه به سبب آهي. مراد علي لکيو ته روز معصوم ٻارڙن جي اغوا ۽ قتل تي اکيون ڀرجي اچن ٿيون حڪومت کي ڪو اثرائتو ايڪشن کڻڻوپوندو ٽن مھينن لاءِ فوجي آپريشن ڪيو وڃي ڪچي ۾ پوءِ ڪجهه ٺاپر ايندي، سينگار علي لکيو ته فريدآباد لڳ ڳوٺ خدابخش خاصخيلي مان اغوا ٿيل بلقيس، وزيران ۽ معصوم نينگر زبير خاصخيلي بازياب نه ٿيا آهن، رياض احمد جانيارو لکيو ته اھڙي صورتحال تمام افسوسناڪ آهي جنهن جو بنيادي سبب قانون تي عملدرآمد ڪندڙ ادارن جي ناڪامي آهي جنهن جي نتيجي ۾ سنگين ۽ عزت لڄائيندڙ واقعا ظاهر ٿين پيا، اظهر جروار لکيو ته صورتحال خراب آهي پنهنجي ٻچن جي حفاظت به پاڻ جيان ڪرڻي پوندي… حڪومت سميت تازا واقعا ٻڌي اکيون رت جي لڙڪن سان ڀرجي پيون آهن، ذلفي چاچڙ لکيو ته سنڌ ۾ لاقانونيت جو راڄ قائم ٿيل آھي، ان لاءِ ھتي ٻارڙن سميت ڪير به محفوظ ناھي. راسومل لکيو ته حڪومت جون اڃا به اکيون بند ڇو آھن گلن جهڙن ٻارن ڪهڙو ڏوهه ڪيو سيڪورٽي ادارن کي فوري ايڪشن وٺڻ کپي، نعمت الله خان نهڙي لکيو ته ٻارن سان ٿيندڙ واقعن جي روڪٿام لاءِ جوابدارن کي سخت ۽ فوري سزائون ڏنيون وڃن يا وري اسلامي قانون لاڳو ڪيو وڃي جيئن افغانستان ۾ آھي اتي ڪرائيم ريشو تمام گھٽ آھي، گلزار خشڪ لکيو ته خدا جو خوف ناهي رهيو مسجدن ۽ مدرسن ۾ به سي سي ٽي وي ڪيمرائون لڳايون وڃن جديد ٽيڪنالاجي کي استعمال ڪري ڏوهن تي ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو، عمران جوڻيجو لکيو ته معصوم ٻارن جي اغوا ۾ ملوث جوابدار با اثرن جي مداخلت تي آزاد ٿيندا ته پوءِ اهي واقعا ائين ٿيندا رهندا. جوبدارن کي سخت سزائون اچڻ کپن. شنڪر لال لکيو ته پاڪستان حڪومت کي ايڪشن پلان تحت فوري ڪارروائي ڪرڻ گھرجي، يار محمد ميمڻ لکيو ته افسوس سنڌ ڌرتي امن جي ڌرتي جيڪا رياستي سازشن جو شڪار پئي ٿي، راجو ٺڪر لکيو ته افسوس ڇا لکان اکيون پاڻي سان ڀرجي وڃن ٿيون، زاهد حسين لکيو ته معصوم گلن جهڙن ٻارن کي اغوا ڪري وڏو ظلم ڪيو ٿو وڃي، نسيم لکيو ته اسين ڇا ڏسون ڏسڻ سنڌ حڪومت کي گھرجي، مير ڌڻي بخش نصيراڻي لکيو ته گھوٽڪي ڪشمور شڪارپور جي ڪچي ۾ ٽن مھينن جي لاءِ پاڪ فوج کي آپريشن ڪرڻ گھرجي باقي پوليس پاڻ غير محفوظ آھي عوام جو ڇا ٿيندو سوال اھو آھي ته پاڪ فوج کي آپريشن ۾ حصو وٺڻ گھرجي، الياس سمون لکيو ته جتي اهڙا حڪمران هجن اتي اهڙا ئي ظلم ٿيندا، عبدالقيوم لغاري لکيو ته اکيون رت روئن ٿيون. ڳوڙھن جي برسات ۾ ڪُجهه ڏسي نٿو سگهجي. ڌرتيءَ دوزخ بڻجي ويئي آھي. خاموش خليل شر لکيو ته سڄي سنڌ ۾ ٻارن جي اغوا ،قتل، خودڪشي عام جام ٿي ويو آھي، ڪو به ٻار محفوظ ناهي، سڀ ڪنهن کي گهرجي ته پنهنجن معصوم گلاب جي پنکڙين جي سنڀال ڪن، تحفظ ڪن، باقي ڪنهن جو آسرو نه ڪيو، ڪڏهن ٻارن کي قتل ڪري لاش واهن دريائن ۾ اڇلايا پيا وڃن ته ڪڏھن اغوا ڪري ڪچي جي طرف ڀنگ جي صورت ۾ اغوا ٿو ڪيو وڃي آخر معصوم ٻارن جو ڏوھه ڪهڙو جو هنن کي نشانو بڻايو ٿو وڃي، اياز کهاوڙ لکيو ته خاص ڪري گهوٽڪي ضلعو هن وقت ٻارن واري اشو تي پهرين نمبر تي بيٺل آھي.هتي ڪجھه ڏينهن اڳ قيبلائي تڪرار ۾ بشرا ساوند، ماءُ هٿان سليمان ۽ ڪلثوم لغاري جو زهريلي پتر سان موت هتان جي ڪيترين نرم دل ماڻھن کي روئاري ڇڏيو ٿن، عامر مهيسر لکيو ته اُتر سِنڌ جي ضلعن ڪشمور، شڪارپور، گهوٽڪي ۾ ھر آئي ڏينهن معصوم ٻارڙن کي اغوا ڪار اغوا ڪري رھيا آھن، پوليس ۽ حڪومت ڌاڙيلن اڳيان بيوس نظر اچي رھي آھي ۽ پوليس جي ڪارڪردگي زيرو آھي اُھو ان ڪري ته پوليس جيڪو ٻارڙو بازياب ڪرائي ٿي ته ڌاڙيلن سان ڪنهن ڊيل تحت معصوم ٻار بازياب ڪرايا وڃن ٿا نڪي انهن اغواڪارن کي پڪڙي قانون جي گرفت ۾ آڻي قانوني سزا ڏني وڃي ٿي. اُتر سِنڌ جي انهن ضلعن ۾ ڳوٺاڻن ۽ شهرين کي پنهنجو ۽ پنهنجي معصوم ٻچڙن جو پاڻ خيال ڪرڻو پوندو باقي پوليس انتظاميه ميرن، سردارن ۽ جاگيردارن جا وانگارو بڻيل آھن جنهن جي ڪري ڪو به خاص نتيجو نه ٿو نڪري سگهي، پوليس مان سياسي، وڏيرڪائي ۽ سرداري ۽ جاگيرداري مداخلت ختم ڪرڻي پوندي تڏھن ئي ڏوھن ۽ اغوائن سميت ڌاڙيلن تي ڪنٽرول ٿي سگهي ٿو باقي ته ناممڪن آھي.. خميسو دائوداڻي لکيو ته شروعاتي ڏينھن ۾ وارثن کي ڪاوڙ جي لھر ھوندي آھي ان کانپوءِ مير ڀوتار وڏيرا ميڙ منٿ سان وارثن وٽ پھچي ويندا آھن پوءِ خون معاف ٻئي ڌريون کير کنڊ قاتل آزاد ڪورٽون مجبور جيستائين قاتلن کي سزا نه ايندي واقعا وڌندا رھندا، اسلم سومرو لکيو ته حڪومت اسلامي قانون تي عمل ڪري ٻارڙن جي قتل ۾ ملوث ماڻهن کي قتل ڪيو وڃي ته ٻيهر ڪنهن وحشي ڪنهن به انسان کي قتل ڪرڻ جي جرئت نه ٿيندي، نادر ممتاز ڀنڊ لکيو ته ٻارڙا اغوا ۽ عورتن جو قتل وڌي وڃڻ جا ذميوار اتان جا چونڊيل نمائيندا ۽ نااهل حڪمران آھن. محمد فياض وساڻ لکيو ته روز معصوم ٻارڙن جي اغوا ۽ قتل تي اکيون ڀرجي اچن ٿيون حڪومت کي ڪو اثرائتو ايڪشن کڻڻوپوندو ٽن مھينن لاءِ فوجي آپريشن ڪيو وڃي ڪچي ۾ پوءِ ڪجهه ٺاپر ايندي، حڪومت جون اڃا به اکيون بند ڇو آھن گلن جهڙن ٻارن ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي، سيڪورٽي ادارن کي فوري ايڪشن وٺڻ کپي، اياز بلوچ لکيو ته اکيون رت جا ڳوڙھا روئن ٿيون، اسان جي سنڌ ۾ امن امان جو پري پري تائين ڪو نالو نشان ئي ناهي، پوليس صرف خوشامد ۾ پوري آهي، رات ڪنڌڪوٽ مان هڪ ٻي ننڍڙي عليشبا چنا اغوا ٿي وئي.