سوال/سروي … ڪچي سان گڏ پڪي تي به آپريشن ٿيڻ گهرجي، ڌاڙيلن جي سهولتڪارن وڏيرن ۽ سردارن خلاف به ڪارروائي ڪرڻ گهرجي: عوام

0
135

 دي ٽائيم نيوز جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته سنڌ ۾ ڌاڙيلن خلاف فوجي آپريشن جي منظوري ڏني وئي آهي؛ ڇا ڌاڙيلن جي سهولتڪارن خلاف به ايڪشن ٿيندو؟ آپريشن بابت اوهان جي ڪهڙي راءِ آهي؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته ڪچي سان گڏ پڪي تي به آپريشن ٿيڻ گهرجي، ڌاڙيلن جي سهولتڪارن، وڏيرن، سردارن خلاف به آپريشن ٿيڻ گهرجي، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي عبدالرحيم منگي لکيو ته ڪچي جي ڌاڙيلن خلاف آپريشن ڪرڻ سان گڏ ان جي سهولتڪارن خلاف به قانوني ڪاروائي ڪرڻ گهرجي، آدم جانيارو لکيو ته سھولتڪارن جي خلاف ڪابه ڪارروائي نه ٿيندي، رياض سولنگي لکيو ته فيصلو درست آهي آرمي جو ٻڌي سنگت هٿيار ڀوتارن کي ڏئي مزدوري سان لڳي وئي، سهولتڪار کي به گرفتار ڪيو وڃي ڀلي اهي سردار ڀوتار ڇو نه هجن، حاجي ملاح لکيو ته ڌاڙيلن خلاف رينجرز جو آپريشن بھترين عمل آهي پر ان سان گڏ سھولت ڪار وڏيرن جاگير دارن جي لاءِ به آپريشن ضروري آهي ان ۾ سياسي مداخلت نه ھئڻ گھرجي، نماڻو نوناري لکيو ته ڪشمور کان شروعات ٿي وئي آهي جاڙو خان گرفتار ٿيو آهي ايف آءِ آر به ٿي آهي، مظفر شبير بوزدار لکيو ته فيصلو ته تمام ڀلو آهي آرمي اگر اچي ته زبردست ڪم ٿي ويندو پوليس هنن کي تحفظ فراهم ڪرڻ ۾ ڪامياب ويندي باقي ڪجھه نه ڪندي، وڪي بابا لکيو ته اصل آپريشن سھولتڪارن خلاف ٿيڻ گهرجي، جيڪي ڌاڙيلن کي پناهه ڏين ٿا، نعمت الله راهمون لکيو ته عوام کي امن گهرجي، آصف بلوچ لکيو ته اصل نڪري هليا ويندا، باقي غريب اندر ٿيندا، ٻڌايو ويندو ته آپريشن ڪامياب ٿي ويو پر اصل نڪري ويندا، جاويد احمد لاشاري لکيو ته جيڪڏهن پوليس سان رينجرز ۽ پاڪ آرمي گڏيل آپريشن ڪندي ته ضرور ڌاڙيلن سان گڏ سھولتڪارن کي رڳڙو ايندو، مگر اهڙو ڪجهه ٿيندي ڏسڻ ۾ نٿو اچي، بجرحال هڪ اهڙي آپريشن جي ضرورت آهي جيڪو ڌاڙيلن سان گڏ سندس سھولتڪارن کي به قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي… فرمان علي لغاري لکيو ته ڌاڙيلن خلاف ڪارروائي ڪئي پئي وڃي پر ڌاڙيلن جي سهولتڪارن خلاف ڪارروائي نه ٿيندي ڇو جو پوليس کي سڀ خبر آهي باقي رينجرز کي پوليس ڪڏهن نه ٻڌائيندي ڌاڙيلن جا سهولتڪار ڪير آهن، سنڌي علي گل شيخ لکيو ته ڌاڙيلن خلاف رينجرز جو آپريشن بهتر آهي، ۽ سئو سيڪڙو پڪ آهي ته هاڻ امن امان جي صورتحال بهتر ٿيندي،

ياسين جوڻيجو لکيو ته پهرين ڌاڙيلن جي سهولتڪاري ڪندڙن خلاف بنا فرق ڪارروائي ڪئي وڃي ان بعد آپريشن ڪامياب ٿي سگهي ٿو ٻي صورت ۾ وڏيرا ڀوتار ڌاڙيلن کي پاڻ وٽ پناهه ڏيندا آپريشن بند ٿيڻ کان پوءِ وري انهن مان هٿ ڪڍندا ته وڃي ڏوھ ڪيو، ونود اداسي لکيو ته ڌاڙيلن خلاف ڪچي ۾ آپريشن جي منظوري جو فيصلو بھترين ۽ ساراھه جوڳو عمل آهي پر گڏوگڏ سھولتڪارن خلاف به آپريشن جو اعلان ڪيو وڃي ها ته شايد گھڻا ڌاڙيل پاڻ ئي پوليس وٽ پيش پون ھا باقي اگر مگر وارو آپريشن ٿيو ته ڪو خاص نتيجو مشڪل آھي، عبدالحئي مير لکيو ته ڌاڙيلن ۽ سهولتڪارن خلاف آپريشن ٿيڻ گهرجي ته ڀلي ڳالهه آھي مگر پاڻ کي نٿو لڳي ته ڪو ان ليول جو آپريشن ٿيندو هميشه جيان وڏا مانگر مڇ نڪري ويندا ۽ ڦاسندا ويچارا مسڪين ۽ اٻوجهه جن کي قرباني جو ٻڪرو بڻايو ويندو، ايم سليم ملاح لکيو ته ڪچي ۾ مسڪين سپاهي مرندا ڪامورن کي ڪجهه نه ٿيندو، سپاهين جي شھيد ٿيڻ تي ڪجهه نه ڪجهه فائدو وٺندا، ڪجھه ڏوھاري مرندا پر ڏوھاري پيدا ڪندڙ فيڪٽريون سردار سلامت رھندا، سردارن جا خاص واٺا جيڪي سھولتڪار ۽ ڌندو سڀاليندڙ آهن انهن کي معمولي ڪيسن ۾ جيل ڀيڙو ڪندا جيڪي وري ضمانتن تي آزاد ٿي ايندا،  مامو جاڙو گرفتار ٿيو آهي  ٻڌڻ ۾ اچي پيو کيس ڪلاشڪوف جھڙي معمولي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي، في الحال اھڙي انتظاميا جي حرڪت ڏسڻ ۾ نٿي اچي جنهن سان مڪمل مطمئن ٿي وڃجي ته ھاڻ امن امان ٿي ويندو!، موهن لال لکيو ته ڌاڙيلن خلاف آپريشن جي منظوري بهترين قدم آهي پر سهولتڪارن خلاف ايڪشن پري پري تائين نظر نٿو اچي ۽ اهي ئي سردار ته ايوانن جي زينت بڻجندا آهن انهن کي ڪاٺ ۾ قطعي طور ڪونه هڻندا. نعمت الله خان نهڙي لکيو ته ڌاڙيلن سان گڏ سهولتڪارن جو به آپريشن ٿئي ها باقي آپريشن ٿئي پيو اهو بهترين قدم آهي امن امان لاءِ، انجنيئر عاشق علي انڍڙ لکيو ته سنڌ جي ڪچي جي ڌاڙيلن کي ھڪ دفعو عام معافي ڏني وڃي ۽ ان کان بعد جيڪڏھن وري قانون خلاف قدم کڻن ته پوءِ انھن کي سري عام گوليون ھڻي ماريو وڃي، نادر ممتاز ڀنڊ لکيو ته ڌاڙيلن خلاف آپريشن جو فصلو سٺي ڳالھه آهي پر ان جي سهولتن جي خلاف به آپريشن ٿيڻ گھرجي. پر منھنجي خيال ۾ سهولتڪارن خلاف ڪاروائي مشڪل ٿئي. علي مراد لاشاري لکيو ته آپريشن ڌاڙيلن سان گڏ انهن جي سهولتڪارن خلاف به ضروري آھي، باقي صرف 5 / 8 ڌاڙيل ماري سنڌ مان ڌاڙيل ختم ڪرڻ ممڪن ناهي، ايم حسن کوسو لکيو ته سنڌ ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن جي منظوري تمام بھترين ڳالھه آھي ۽ ٻيو به سوال آھي ته ڇا ڌاڙيلن جي سهولت ڪارن خلاف به ايڪشن ٿيندو يا نه آپريشن بابت اوهان جي ڪهڙي راءِ آهي ان حوالي سان را۽ آھي ته سنڌ ۾ ڌاڙيلن خلاف اپريشن ڀلي ٿئي پر ان سان گڏ انھن ڌاڙيلن جي سھولتڪارن خلاف به ايڪشن ٿيڻ گهرجي، ابراهيم مخدوم لکيو ته فوجي آپريشن مان سٺيون اميدون آهن ڌاڙيل راڄ ختم ٿيڻ کپي هڪ طرف مهانگائي ته ٻئي طرف ڌاڙيل راڄ ماڻهون ويچارا ڏچي ۾ اچي ويا آهن، اياز کهاوڙ لکيو ته ڌاڙيلن توڙي سهولتڪارن خلاف ڪڏھن به آپريشن ڪونه ٿيندو ڇاڪاڻ هر حڪومت اعلان ڪري گمنام بڻجي ويندي آھي، ۽ ھا اگر حڪومت هن دفعي سنجيده آھي ته آپريشن لاءِ ته پوءِ پهريان سهولتڪارن کان شروع ڪجي پاڻي سڀ ڌاڙيل هٿ ڏيندا،

مختيار مولائي لکيو ته سهولتڪارن سميت پوليس ۾ به ڪجھه ڪاريون رڍون آھن انھن تي ڪاروائي ڪرڻ گھرجي ڇو جو پوليس کان سواءِ ڪوئي اغوا نه پيو ٿئي، بيوس اربيلو ڏاهاڻي لکيو ته سنڌ جا سڀ سردار ڌاڙيل آھن سردار ۽ ان جي چمچن جا بنگلا سيل ڪيا وڃن پوءِ ڀلي اپريشن ڪيو باقي خالي خرچ نه ڪن ڪجھه به گرفتاري يا نه ڪو مرندو، مراد علي لکيو ته نگران حڪومت ڌاڙيلن خلاف سٺو قدم کڻي پئي ڌاڙيلن خلاف ڀرپور آپريشن ڪيو وڃي چونڊيل حڪومت ته انهن جي سپورٽر رھي آهي تڏھن ڪاميابي نٿي ملي پھريان انھن جي سپورٽرن خلاف ايڪشن کنيو وڃي، طارق باجڪاڻي لکيو ته ڏوھارين خلاف آپريشن جي اعلان ۽ فورس جي پھچڻ باوجود اسان کي انهن جي ڪاروائي نظر نٿي اچي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ڪچي سان گڏ پڪي جي ننڍن وڏن ڏوھن ۾ ملوث ڏوھارين ۽ ان جي ساٿارين خلاف جامع پلان تحت سخت ڪاروائي ڪري انهن کي منطقي انجام تائين پھچائي پوري ضلعي کي هٿيارن کان پاڪ ڪيو وڃي، محمد موسيٰ سولنگي لکيو ته ڌاڙيلن جي سهولتڪارن خلاف آپريشن ٿئي ها ته شايد ڌاڙيل ڪوئي نه بڻجي ها، عرفان علي ملاح لکيو ته ڌاڙيل ۽ ڦورن جا سهولتڪار پڪڙي انهن کي ڦاسين تي چاڙهيو وڃي پوءِ ڏسو ته ڪيڏو نه امن ٿو ٿئي، قربان علي ميراڻي لکيو ته بلڪل ڌاڙيلن جي سھولتڪارن کي جيڪڏهن حڪومت گرفت ۾نه آڻيندي ته آپريشن ڪامياب نه ويندو، جاويد جان ڪيريو لکيو ته ڪيڏا مڪار آهن! ھٿرادو ھٿيار ڏئي مسڪين عوام مارائي” ھاڻ ھليا آهن ھڪڙي ڌڪ ۾ 2 شڪار ڪرڻ، عوام کي مطمئن ڪندا ته آپريشن پيا ڪريون! آپريشن بھاني ڪروڙين روپيا ھڙپ ڪندا پاٿاريدار سردارن ھٿيار سپلائي ڪندڙ، سھولتڪارن کي لھر نڪي لوڏو، عوام جيئن پئي جيئي تئين پئي مري، علي محمد مري بلوچ لکيو ته ڌاڙيلن خلاف سخت آپريشن ٿيڻ گھرجي عوام کي امن گھرجي،

احسان علي چانڊيو لکيو ته پھريان ڌاڙيلن جي سھولتڪارن جو گھيرو تنگ ڪيو وڃي پوءِ ڌاڙيلن خلاف آپريشن ڪيو وڃي، منور لال لکيو ته سهولتڪارن جي سڀني خبر آهي، سڀ تر جا وڏيرا سردار ڀوتار جن کي پ پ وري ٽڪيٽ ڏيندا، وري اسيمبلين ۾ ايندا، سنڌ تي ظلم جبر ڪندا، محمد کوکر به سروي ۾ حصو ورتو، رياض ڪولاچي لکيو ته وڏا ڏوهاري ته سهولتڪار آهن ڪاروائي پهريان هجڻ ئي انهن خلاف گهرجي، نقاش پيرزادو لکيو ته آپريشن ٿئي سھولتڪار خلاف ڌاڙيل پاڻھي ختم ٿي ويندا، محمد علي مهر لکيو ته پھريان پڪي تي رھندڙ ڌاڙيلن جا سھولتڪار گرفتار ٿيڻ گھرجن، محمد ابراهيم لکيو ته سھولتڪار ته پري جي ڳالهه آهي خود ڌاڙيلن خلاف به آپريشن نه ٿيندو صرف رڳو بجيٽ کائي ويندي.