سوال/سروي پي ٽي آءِ اڪائونٽ ۽ رقم لڪائي فراڊ ڪيو آهي، پارٽي تي پابندي لڳائي وڃي: عوام

0
239
سوال/سروي پي ٽي آءِ اڪائونٽ ۽ رقم لڪائي فراڊ ڪيو آهي، پارٽي تي پابندي لڳائي وڃي: عوام

 ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته پي ٽي آءِ 53 پارٽي بينڪ اڪائونٽس لڪايا، 31 ڪروڙکان وڌيڪ رقم اليڪشن ڪميشن ۾ ظاهر نه ڪئي: پي ٽي آءِ جي ان عمل کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ نتيجو ڇا نڪرندو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته پي ٽي آءِ اڪائونٽ ۽ رقم لڪائي فراڊ ڪيو آهي، نتيجو ڪو به نه نڪرندو، ان پارٽي تي پابندي لڳائي وڃي، نا اهل قرار ڏنو وڃي، سوال/سروي ۾ حصو وٺندي ماجد سمون لکيو ته زرداري ۽ نواز شريف کان به وڌيڪ ڀيانڪ ٿا محسوس ڪريون، ڏاڍا خراب نتيجا ايندا، حاڪم ڪٽوهر لکيو ته مذمت جوڳو عمل آهي،

شڪور ڪيريو لکيو ته پي ٽي آءِ نا اهل ٿي سگهي ٿي، آصف علي راڄپر لکيو ته اسان ته پهرئين ئي چيو هو ته پي ٽي آئي چورن جي پارٽي آهي اهو ثابت ٿي ويو آهي هاڻي ڏسون ته اليڪشن ڪميشن هنن چورن خلاف ڪهڙي ڪارروائي ڪري ٿي،شرف الدين ڪيريو لکيو ته اھو سراسر عوام سان ظلم آهي پي ٽي آءِ حڪومت عوام سان فراڊ ڪيو آهي عوام کان معافي وٺڻ گھرجي، گلاب خاصخيلي لکيو ته صرف پي ٽي آئي نه پر ھر پارٽي ائين ڪندي آھي، علي مراد جوکيو لکيو ته اهو سڌو سنئون فراڊ آهي، ذاڪر حسين لکيو ته هنن جا به ساڳيا پرڪار آھن، شنڪر باغي لکيو ته نتيجو ڪو به نه ايندو، حافظ آزاد سهندڙو لکيو ته صرف فراڊ آهي، ممتاز علي سميجو لکيو ته هي سڀني کي بليڪ ميل ڪري اقتدار ۾ آيو سخت کان سخت جاچ ڪري صادق ۽ امين سڏرائيندڙ خلاف ايڪشن کنيو وڃي، علي گوهر سومرو لکيو ته جيڪو اڳ نتيجو نڪتو هاڻ به اهو ٿيندو،

اياز علي راهوجو لکيو ته ھن حڪومت جا ڪيل ڪم به عوام آڏو ظاهر آھن ھن حڪومت وڏو مال ٺاھيو آھي، آدم پالاري لکيو ته غلط عمل آهي، ساگر امير حيدر لکيو ته نتيجو ڪو به نه نڪرندو، نعمت الله راهمون لکيو ته تڏهن به صادق امين آهي اليڪشن ڪميشن انهن کي نا اهل ڪري، راشد مجيد چوهاڻ لکيو ته حڪمرانن سدائين عوام کي بيوقوف بڻائي ووٽ ورتا آهن، حيدر سهندڙو لکيو ته تحريڪ انصاف جو چهرو بي نقاب ٿي ويو آهي، عثمان سنڌي، تبسم بلوچ، غلام شبير ڪنڀر، ستار بلوچ، ساحل ڪمار، عزيزالله شر به سروي ۾ حصو ورتو، سنتوش ڪمار لکيو ته چورن جو ٽولو آهي، نياز ڪلوئي لکيو ته وڏا چور آهن، آسودومل لوهاڻو لڱيو ته هنن اليڪشن ڪميشن ۾ ڪوڙا انگ اکر ڏنا آهن اليڪشن ڪميشن کي گهرجي ته هنن کي نااهل قرار ڏئي،

خاموش خليل شر لکيو ته عوام جو ڪير نٿو سوچي، عاشق حسين لکيو ته وزيراعظم ترجمانن کي چيو آهي ته ماڻهن کي ٻڌايو مان چور ناهيان، چوري به ظاهر ٿي آهي، قربان ديناڻي لکيو ته جاچ ٿيڻ گهرجي، منظور زرداري لکيو ته حڪمران پنھنجا پيٽ ڀريندا آهن ھنن کي عوام جو ڪھڙو لاچار آهي، عرفان سيلرو لکيو ته ڪجهه نه ٿيندو، موهن لال لکيو ته تبديلي سرڪار 53 پارٽي بينڪ اڪائونٽ لڪايا ۽ 31 ڪروڙ کان وڌيڪ رقم اليڪشن ڪميشن کان ڏور رکي، شفافيت واري دعويٰ رد ٿي وئي، عاشق حسين لکيو ته ان عمل جي مذمت ڪجي ٿي پارٽي تي مڪمل پابندي لڳائي وڃي، محمد الياس لکيو ته نئين پاڪستان جي نالي سان ھن نااھل حڪومت ملڪ جو ٻيڙو غرق ڪري ڇڏيو آهي، معشوق علي شيخ لکيو ته نتيجو اهو نڪرندو ته ڪوڙو ثابت ٿيندو، عرفان کوسو لکيو ته عمران خان سليڪٽڊ آهي، احسان علي لکيو ته سياسي پارٽين ۾ ڪھڙا ايماندار ماڻھون هوندا آهن، حسين ٽانوري لکيو ته اهو فراڊ آهي، اسد انڍڙ لکيو ته سڀ پارٽيون ٻاهرين فنڊ تي هلن ٿيون، حميد تنيو لکيو ته عمران خان جيڪي ڳالهيون اليڪشن کان پهريون ڪيون هيون ڪم ان جي ابتڙ ڪيائين،

جاويد زرداري لکيو ته سڀ پارٽيون پئسو لڪايون ويٺيون آهن، ضمير حسين وڌو لکيو ته ھن پارٽي کي تا حيات نااھل ڪيو وڃي، جمال الدين چنا لکيو ته سڀ پارٽيون چور آهن، حبيب الله مهر لکيو ته تڏهن ب چور هي ناهن اڳ وارا چور آھن اليڪشن ڪميشن کي گهرجي ته انهن جي رڪنيت معطل ڪري. عابد ڀٽي لکيو ته سڀ حڪمران چور آھن، وڪيل احمد لکيو ته ملڪ کي کائڻ وارا ظاهر ٿين ٿا، وقاص ياسين آرائين لکيو ته غلط عمل آهي، ڪامران ايم لکيو ته پي ٽي آءِ وارا چور آهن، حاجي محمد جهاڳورو، نياز سومرو، ڊاڪٽر خليق الزمان به غلط عمل قرار ڏنو، حاجي خان پنهور، عبدالمجيد شيخ، نظير اوڳاهي، گل حسن شر به سروي ۾ حصو ورتو.