سوال/سروي ملڪ کي 70 سيڪڙو گيس پيداوار سنڌ ڏئي ٿي پر سنڌ واسين کي گيس نٿي ملي؟ عوام

0
223
سوال/سروي ملڪ کي 70 سيڪڙو گيس پيداوار سنڌ ڏئي ٿي پر سنڌ واسين کي گيس نٿي ملي؟ عوام

 ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته سنڌ ۾ گيس جي بندش سبب گهريلو واهپيدار پريشان آهن ان جو ذميوار ڪير آهي؟ اوهان جي علائقي ۾ گيس هلي ٿي يا نه ؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته سنڌ صوبو 70 سيڪڙو گيس پيداوار ڏئي ٿو پر ان باوجود جي ئي شهرن کي گيس جي سهولت ناهي، گيس جي بندش سبب پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهيون ڪاٺين ۽ ڇيڻن تي رڌپچاءَ ڪري رهيا آهيون، وفاقي حڪومت ۽ سنڌ سرڪار ذميوار آهن، گيس جي بندش ختم ڪئي وڃي.

سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي خاموش خليل شر لکيو ته اسان جي شهر ڪرونڊي ۾ گيس  جو نالو نشان ئي ناهي، ڪاٺين ۽ ڇيڻن تي گذران ڪيون پيا، وقاص ياسين آرائين لکيو ته اسان جي شھر ۾ گيس  جي تمام لوڊشيڊنگ آهي . ڪاٺين ت رڌ بچاءَ ٿئي ٿو، باقي بل گهڻو ٿو اچي، علي بخش شر لکيو ته ميان صاحب ۾ لوڊشيڊنگ گهڻي هجڻ سبب گيس  جا صارفين پريشان آهن ذميوار حڪومت آهي، شفقت جروار لکيو ته گيس تمام گهٽ مقدار ۾ آهي، جميل ڪلاتاري لکيو ته 70 سيڪڙو ملڪ کي گيس ڏيندڙ سنڌ صوبا جا هزارين گهر ان سهولت کان محروم آهن، جتي گيس لڳل آهي اتي به پريشر گهٽ آهي، نماڻو نوناري لکيو ته حڪومت ذميوار آهي، آسودومل لوهاڻو لکيو ته گيس جي بندش جي ذميوار وفاقي حڪومت آهي جيڪا سڀني کان گهڻي گيس ڏيندڙ سنڌ صوبي سان ناانصافي ڪري پئي باقي عمرڪوٽ ضلعي جي ڪنهن به شهر ۾ گيس ڪونه آهي. موهن لال لکيو ته وفاقي حڪومت جي غفلت آهي، سياري جي موسم ۾ گيس جي اڻاٺ ويتر تڪليفن ۾ اضافو ڪري ڇڏيو آهي، باقي اسان جي ڳوٺ ۾ گيس ناهي.

خادم گهراڻو لکيو ته گيس جي بندش ڪري عوام پريشان آهي ان جي ذميوار حڪومت آهي، اسان جي علائقي ۾ ڪٿي گيس آهي ڪٿي پريشر گهٽ آهي ماڻهو ڪاٺين تي گذارو ڪن ٿا، بابر وساڻ لکيو ته دوڙ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ گيس گهٽ ملڻ جي ذميوار حڪومت آهي، گلزار ملاح لکيو ته مانجهند تعلقي مان گيس  ملڻ باوجود پورو تعلقو گيس  کان محروم آھي، جيڪڏهن ملڪ ۾ گيس  بند هُجي ها ته چئون ها گيس  گهٽ نڪرڻ شروع ٿي آھي، پر فقط سنڌ ۾ گيس  بند هجڻ مان وفاق جي سنڌ سان ٻي اکيائي واضح ٿي پئي آھي، شرف الدين ڪيريو لکيو ته سنڌ جي گيس سنڌ کي نٿي ملي؟ سنتوش ڪمار لکيو ته پي ٽي آءِ حڪومت نا اهل آهي، بشير ميراڻي لکيو ته ذميواري حڪومت جي آهي،  جڏهن ته گيس ڏيندڙ صوبي ۾ گيس جي لوڊشيڊنگ ۽ جنهن صوبي ۾ گيس جي پيداوار ناهي اتي فل پريشر آهي. وفاقي حڪومت جي اھڙي عمل کي نااهلي چئبو آھي. شيراز چانگ لکيو ته اسان وٽ ٽنڊو غلام حيدر ۾ ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ گيس  ڪنيڪشن ئي ناھي.

جنيد عمرڪوٽ ۾ گيس مرڳو نالي جي ڪونهي، خاموش خليل شر لکيو ته اسان جي علائقي نيوڇور ۾ گيس  آهي ڪونه اسان ڪاٺين تي ڪم هلائيندا آهيون، محمد ايوب لکيو ته اسان جي علائقي ۾ ماڻھو ڪاٺيون ٻاريندا آھن، فيصل کنڀڙو لکيو ته جيستائين ھي نالائق حڪومت ھلندي رھندي تيستائين ھر شيءِ جو بحران وڌندو ويندو، اياز علي راهوجو لکيو ته اسان وٽ مهيني کان گيس ناهي، ذميوار حڪومت آهي، علي مراد لاشاري لکيو ته ظلم ته ڏسو پوري ملڪ کي گيس  فراهم ڪندڙ سنڌ هن وقت گيس  جي بدترين بحران کي منهن ڏئي رهيو آھي هن سڄي صورتحال جي ذميوار تبديلي سرڪار آھي، طارق حسين راڄپر لکيو ته سوئي گيس ۾ گيس ڪنهن وٽ آهي ئي ڪانه، هتان جو تعلقو ٺري ميرواھ تمام پوئتي پيل آهي جنهن ۾ اڪثر علائقن ۾ گيس ناهي.

منظور زرداري لکيو ته اسان وٽ گيس ئي ناهي، گل حسن شر لکيو ته هنڱورجا ۾ گذريل هڪ مهيني کان گيس جي بندش سبب شهري ڪاٺين تي رڌ پچاءَ ڪري رهيا آهن، ظفر رند لکيو ته وفاقي حڪومت ذميوار آهي، مسرور شر به عمران سرڪار کي ذميوار قرار ڏنو، ساگر علي رضا لکيو ته وفاقي ۽ صوبائي سرڪار ٻئي ذميوار آهن، ذوالفقار چانڊيو لکيو ته گيس بس جيڏي مھل ڏين ٿا رڌ پچاءَ ڪيون ٿا، لجپت راج ميگهواڙ لکيو ته وفاقي حڪومت ذميوار آهي، عرفان سيلرو لکيو ته شهدادڪوٽ ۾ تمام گهڻي لوڊشيڊنگ پئي ٿئي، وقار حسين لکيو ته اسان جي علائقي ۾ گيس  نه هئڻ برابر آهي، رڌ پچاءَ ۾ وڏي تڪليف کي منهن ڏئي رهيا آهيو، ڪير نوٽيس ئي نٿو وٺي.ساگر امير حيدر لکيو ته حڪمران ذميوار آهن،

عبدالرحمان چانگ لکيو ته اسان وٽ تعلقي فيض گنج ۾ سواءِ ايم پي ايز جي، ڪنهن جي گهر ۾ گيس ناهي، حاجي خان پنهور لکيو ته اسان وٽ سهولت ناهي، ڪاٺين تي گذارو ڪريون ٿا، آصف علي راڄپر لکيو ته نا اهل حڪومت استعيفا ڏئي، غلام ماويه بلوچ لکيو ته سنڌ جي مختلف علائقن ۾ گيس  جو بحران آهي، اسين پنوعاقل واري علائقي ۾ رهون ٿا جتي تقريبن 60 جي قريب گهر آهن جنهن ۾ اسان کي گيس ڪونه آهي، حسين ٽانوري لکيو ته بوزداروڏا شھر ۾ گيس جو پريشر تمام گھٽ آھي، جنيد زرين جمالي لکيو ته ڄامشورو ڦاٽڪ، غريب آباد محلو ڀريا محلو ۾گذريل ٽن مھينن کان گيس جو پريشر ناهي اسين ڪاٺيون ٻاري رھيا آھيون،ر اشد الطاف لکيو ته اسان وٽ گيس ئي ناهي.