سوال/سروي مري سانحي جي حڪومت ذميوار قرار: اڳواٽ اپاءَ نه وٺي مجرماڻي غفلت ڪئي وئي، حڪمرانن تي ڪيس داخل ڪيو وڃي: عوام

0
173
سوال/سروي مري سانحي جي حڪومت ذميوار قرار: اڳواٽ اپاءَ نه وٺي مجرماڻي غفلت ڪئي وئي، حڪمرانن تي ڪيس داخل ڪيو وڃي: عوام

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته مري سانحي جو ذميوار ڪير آهي؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته وفاقي حڪومت، پنجاب سرڪار سان گڏ مقامي انتظاميا کي ذميوار قرار ڏنو ۽ چيو ته مري ۾ برف هر سال پوندي آهي ۽ برف جي صفائي لاءِ باقاعده ادارو قائم ڪيو ويو آهي جنهن جو ڪم ئي ريسڪيو ڪرڻ آهي موسميات کاتي برفباري ۽ برسات بابت اڳواٽ اطلاع ڏنو هو پوءِ به قدم نه کنيا ويا، حڪمرانن تي ڪيس داخل ڪيو وڃي، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي خادم گهراڻو لکيو ته مري سانحي جي پهرين ذميوار حڪومت آهي جنهن ماڻهن کي ڇو نه روڪيو ٻئي نمبر تي انتظاميا جنهن ماڻهن کي موت جي وادي ۾ وڃڻ جي لاءِ ڇڏيو ٽئين نمبر تي خود موت جي ننڊ سمهڻ وارا ماڻهو آهن،

عرفان جروار لکيو ته وفاقي حڪومت ۽ مقامي انتظاميا ذميوار آهن جن کي موسم جي ڄاڻ هئي پوءِ به سياحن کي اڳتي وڃڻ ڏنو، زاهد خان باجڪاڻي لکيو ته حڪومت جيڪڏهن سياحن جي سنڀال نٿي ڪري سگهي ته پوءِ حڪومت ڪرڻ جو ڪو به جواز نه آهي، نماڻو نوناري لکيو ته ذميوار حڪمران آهن جن جي ڪري حياتيون ضايع ٿيون، علي گوهر سومرو لکيو ته حڪومت ته زميوار آھي ئي آھي پر پر سڀ کان وڌيڪ شوقين پاڻ زميوار آھن، علي احمد لغاري لکيو ته مري سانحي ۾ حڪومت سان گڏ عوام پاڻ به ذميوار آهي، بشير ميراڻي لکيو ته ذميوار سڌي سنئين پنجاب حڪومت توڙي وفاقي حڪومت آهي ڇو ته هنن هيڏي برفباري ۾ مري کي بند ڇو نه ڪيو، ۽ سياحن کي وڃڻ کان روڪي ڇڏي ها پر هنن کي ڪمائي جو خيال هو باقي انساني جانين جو خير آهي.، هزار خان لکيو ته حڪومت ذميوار آهي، جن کي گاڏيون ڳڻڻ جو شوق هو سياحن کي سهولتون نٿا ڏين، عوام کي به احتياط ڪرڻ گهرجي،

جاويد احمد لکيو ته ذميوار پنجاب حڪومت، اسلام آباد پوليس، مري انتظاميا آهي ، هن دور ۾ پل پل جي موسم جي خبر هوندي به ان کي مذاق سمجهيو وڃي ٿو مستقبل ۾ محفوظ رکڻ لاءِ ايئن نه ڪرڻ گهرجي اڳواٽ اپاءَ وٺڻ لازمي آهن، اياز علي راهوجو لکيو ته حڪومت جي نااهلي آهي اھڙا واقعا پھرين به ٿي چُڪا آهن پر حڪومت خاموش تماشائي بڻيل آهي جيڪڏهن پھرين کان ڪو بندوبست ڪيو وڃي ھان ته شايد اھڙا واقعا ٻيھر نه ٿين ها، عبدالله ميراڻي لکيو ته ظاهر آهي ته ذميوار سڌو سنئون پنجاب حڪومت آهي ڇاڪاڻ ته موسميات کاتي الرٽ جاري ڪري ڇڏيو هو پوءِ پنجاب حڪومت کي گهرجي ها ته قانوني ادارن کي پابند بڻايو وڃي ها ته جيڪي به سياح مري ڏانهن ويا ٿي تن کي روڪي ڇڏين ها ته اهو سانحو نه ٿئي ها پر هتي انڌيرنگري چرٻٽ راجا وارو ڪم آهي سڀ رڳو پئسا ڪمائڻ جي چڪر ۾ آهن ڪير مري ڪير بچي انهي سان انهن جو، شبير احمد ڪوري لکيو ته وس وارن جي يقينن وڏي ڪمروزي آهي تمام عبرت ناڪ واقعو پيش آيو آهي بس الله پاڪ اڃان به رحم ڪري. نعمت الله راهمون وفاقي حڪومت کي ذميوار قرار ڏنو،

عرفان جروار لکيو ته انھن جي خون جو ڪيس اتي جي انتظاميه تي ٿيڻ گھرجي، عرفان علي ڏاهاڻي لکيو ته ان جا ذميوار اسان پاڻ آھيون ڇا ڪاڻ ته انهن کي آگاهه ڪرڻ باوجود اھي موت جي منهن۾ويا انھن کي آگاهه به ڪيو ويو. عبدالرحمان چانگ لکيو ته اتان جي انتظاميا ۽ سياحت کاتو ذميوار آهن، عامر کوسو لکيو ته مري سانحي جي ذميوار گورنمينٽ آھي جڏهن موسم خراب ٿي رهي هئي ته انهي ٽائيم انتظاميا کي اپاءَ وٺڻ کپن ها، عطاءُالله لکيو ته انتظاميا جي نا اهلي سبب جانيون ضايع ٿيون، وحيد لنڊ به سروي ۾ حصو ورتو، مسرور شر لکيو ته انهي جي ذميوار وفاقي ۽ پنجاب حڪومت آهن جن موسميات کاتي جي وارننگ تي ڪو ڌيان نه ڏنو، احسان چانڊيو لکيو ته وفاق حڪومت ۽ اتان جي انتظاميا انھن کي موسم بابت ڄاڻ ھئي پو به انھن سياحن کي اڳتي وڃڻ ڇو ڏنو؟ غلام رسول راهمون لکيو ته مري سانحي جي پهرين ذميوار حڪومت آهي ٻئي نمبر تي انتظاميا جنهن ماڻهن کي موت جي وادي ۾ وڃڻ جي لاءِ ڇڏيو، احمد رند لکيو ته سياح جي وڃن ٿا انهن کي موسم به ڏسڻ کپي، باقي زندگي موت الله جي هٿ ۾ آهي. محمد اسماعيل لانگاهه لکيو ته حڪومت جي ذميواري آهي جيڪڏھن صورتحال خراب هئي ته سياحن کي وڃڻ ڇو ڏنو ويو ايڏو سياحتي روٽ ھئڻ باوجود ڪا انتظام نه آهي سياحن جي موت ذميوار حڪومت آهي. آسن داس لڇواڻي لکيو ته حڪومت ذميوار آهي،

سميع الله لکيو ته مري ۾ افسوسناڪ واقعي جي ذميوار حڪومت آهي حڪومت کي مري ۾ جوڳا انتظام ڪرڻ گھرجن ھا، فيض احمد لکيو ته فاقي حڪومت ذميوار آهي جيڪڏھن سياحتي ماڳ پھريان بند ڪيو وڃي ھا ته اھڙو دردناڪ واقعو نه ٿئي ھا. آسودومل لوهاڻو لکيو ته انهي جي ذميوار وفاقي ۽ پنجاب حڪومت آهن جن موسميات کاتي جي وارننگ تي ڪو ڌيان نه ڏنو، نياز سومرو لکيو ته نااھل حڪمران ذميوار آهن،ڊاڪٽر خليق الزمان لکيو ته يقينن مري سانحي جا حڪمران ذميوار آهن، جنيد جمالي لکيو ته حڪومت  جي نا اهلي آھي، اڻپورن انتظامن ڪري اهو ايڏو قيمتي جانين جو نقصان ٿيو آھي، حڪومت کان مطالبو آھي ته غير جانبدار تحقيقات ڪرائي ۽ زميوارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، گلزار درس لکيو ته ضلعي انتظاميا خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي، هي وڏو سانحو آهي، موهن لال لکيو ته مري ۾ برف هر سال پوندي آهي ۽ برف جي خاتمي لاءِ باقاعده ادارو قائم ڪيو ويو آهي جنهن جو ڪم ئي ريسڪيو ڪرڻ آهي ڪالھه جڏهن مري ۾ لک کان وڌيڪ گاڏيون داخل ٿيون ته انتظاميا کي اک پٽڻ گهرجي ها سانحو انتظاميا جي مجرماڻي غفلت آهي.