سوال/سروي عمران خان پنج سال پورا ڪيا ته ملڪ مڪمل طور تباهه ٿي ويندو، مهانگائي ختم ڪرڻ گهرجي: عوام

0
170

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته مولانا فضل الرحمان ۽ شهباز شريف فوري طور چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو ۽ چيو آهي ته مهانگائي خلاف مارچ ڪرڻو پوندو، اوهان ان مطالبي کي ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته عمران خان پنج سال پورا ڪيا ته ملڪ مڪمل طور تي تباھه ۽ برباد ٿي ويندو، پي ڊي ايم اڳ ڇا ڪيو آهي جو هاڻي ڪجھه ڪندا، چونڊون وقت کان اڳ۾ ٿيندي نه پيا ڏسون،  باقي ايندڙ وقت لاءِ عوام پاڻ ئي فيصلو ڪندو، مهانگائي خلاف گڏيل طور قدم کڻڻ گهرجي، مهانگائي جي ڪري عوام خودڪشيون ڪري رهيو آهي، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي محمد يونس کوسو لکيو ته پي ڊي ايم اڳ ڇا ڪيو آهي جو هاڻي ڪجھه ڪندي، ڳالهيون آهن سکڻيون. گل حسن شر لکيو ته چونڊون وقت کان اڳ۾ ٿيندي نه پيا ڏسون، مھانگائي خلاف مارچ ڪرڻ سان ڪو به فرق نه پوندو ھر ڪو سياسي پوائنٽ اسڪورنگ جي چڪر ۾ آھي، ڪامريڊ لڪش والماڻي لکيو ته اهو سڀ ڪجهه پهريان به چيو ويو هو پر نتيجو ڪجهه به ناهي، جنيد جبار دائودپوٽو لکيو ته وفاقي حُڪومت جو خاتمو غلط آھي، باقي رهي ڳالھه مهانگائي جي ته انهن جي احتجاج تي ڪُجھه به نه ٿيندو، اهي وري ڪهڙا ساڌ آھن، انهن کان ڪُجھه به نه ٿيندو، باقي ايندڙ وقت لاءِ عوام پاڻ ئي فيصلو ڪندو، شرف الدين ڪيريو لکيو ته بلڪل اھو ھر اپوزيشن کي وقتن به وقتن بيان ڏيڻو ھوندو آهي پر انهن سان حڪومتن کي نه اڳ اثر پيو آهي نه هاڻي پوندو حڪومت کي پريشاني ضرور ٿيندي، عرفان جروار لکيو ته اھڙا مطالبا ھر وقت ٿيندا رھن ٿا ڪنھن کي به عوام جو لاچار ڪونھي. آسودومل لوهاڻو لکيو ته مخالف ڌر وارا هڪٻئي جون ڄنگهون ڇڪڻ ۾ پورا آهن هنن کي اقتدار سان مطلب آهي ٻيو ڪجھه به ناهي عوام لاءِ ڪن ها ته ايتري مهانگائي ٿي آهي، سياستدان ڪجھه ڪونه ڪندا عوام کي اٿڻو پوندو آهي، پي ڊي ايم وارن اڳ به اهڙا بيان ڏنا هئا ڪجهه نه ڪندا، نماڻو نوناري لکيو ته مهانگائي خلاف ملڪ گير احتجاج ڪرڻ گهرجي، ڪاشف خاصخيلي به سروي ۾ حصو ورتو، راسومل لکيو ته پي ڊي ايم وارا اڳ به ڪجهه نه ڪري سگهيا هاڻي ڇا ڪندا، اپوزيشن توڙي پي ٽي آءِ سڀ ڳالهه ساڳئي آهن، محمد پريل عباسي لکيو ته وفاقي حڪومت جو خاتمو ۽ چونڊن جو مطالبو غلط نه آھي پر پي ڊي ايم اڳواڻن جو مطالبو پي پي پي کانسواءِ اھميت نٿو رکي، پيپلز پارٽي جي پاليسي جمھوري پاليسي آھي. ممتاز علي سميجو لکيو ته پي ڊي ايم جون سکڻيون ڳالهيون آهن، عاشق حسين لکيو ته پي ڊي ايم اڳواڻ جو مطالبو ھاڻي فوت ٿي ويو آھي ، جڏھن پيپلز پارٽي چئي رھي ھئي ته پنجاب ۾ پھريون حڪومت ختم ڪيون ته ان وقت پي ڊي ايم اھو فيصلو ڇو نه مڃو، طارق علي باجڪاڻي لکيو ته مهانگائي گهٽائڻ جو اهو طريقو غلط آهي، حڪومت ۽ اپوزيشن کي گڏجي قدم کڻڻو پوندو، منظور علي زرداري لکيو ته پي ڊي ايم صرف مفاد تائين پنھنجا مطالبا مڃرائي وڃي گھر ويھي رھندا، احمد علي ڪورائي لکيو ته عمران خان پنج سال پورا ڪيا ته ملڪ مڪمل طور تي تباھ  برباد ٿي ويندو، احسان فقير لکيو ته اڳ هنن ڇا ڪيو جو هاڻ ڪندا، عابد ڀٽي لکيو ته پي ڊي ايم اڳواڻ ناڪام ٿي چڪا آهن، ثناءُالله نيازي لکيو ته عمران خان پنج سال پورا ڪيا ته ملڪ مڪمل طور تباهه ٿي ويندو، اسد انڍڙ لکيو ته هنن جي اچڻ سان کير جون ننڌيون وهنديون، شبير حسين ڀوت لکيو ته پي ڊي ايم اڳ ڇا ڪيو آهي جو هاڻي ڪجھه ڪندو. پي ڊي ايم اڳواڻ هاڻ مڪمل طور ناڪام ٿي چڪا آهن. حاجي خان پنهور لکيو ته هنن جي ڪيل ڪرپشن سبب پاڪستان جو عوام لوڙي پيو ٻيو عوام ڪهڙا ڌاڙا هنيا آھن ڪرپٽ ٽولو آهي، مسرور شر پي ڊي ايم جي اعلان کي درست قرار ڏنو، واحد بخش لکيو ته هر پارٽي کي عوام جي پرواهه ناهي انهن کي صرف حڪومت گهرجي ٿي، عوام جي خدمت ڪرڻ گهرجي ھر پارٽي پنهنجي مفاد لاءِ جدوجھد ڪري رھي آھي، غلام حسين ڀٽي لکيو ته ٿورو آسرو ملين ٿو جاڳي ٿا پون، وري آسرو ڏيڻ وارا ڌڪ ڪڍي ٿا ڇڏن ته سمهي ٿا پون عوام جي ڪنهن کي ڳڻتي ناھي نه وري هنن جو علام لاءِ هانءُ ٿو ڦاٽي، عبدالرحمان چانگ لکيو ته بهترين فيصلو آهي شرط اهو آهي ته عمل ڪري ڏيکارن باقي سکڻا اعلان ته عمران خان به ڪيا هئا، عيدل ڪنڀر لکيو ته عمران خان پنج سال پورا ڪيا ته ملڪ مڪمل طور تي تباھ ۽ برباد ٿي ويندو.