سوال/سروي … سنڌ واسين ڊجيٽل آدمشماري کي رد ڪري ڇڏيو: ٻولي جي خاني ۾ سنڌي ئي لکرائڻ گهرجي: عوام

0
23

 ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته ڊجيٽل آدمشماري: اوهان جي علائقي ۾ به ڳڻپ جاري آهي؟ انتظامن کي اوهان ڪيئن  ٿا ڏسو؟ آدمشماري بابت اوهان ڪهڙيون تجويزون ڏيندا ؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن آدمشماري کي رد ڪندي چيو ته هي سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش آهي، اڪثر هنڌن تي اڃا عملو ئي ناهي پهتو، عملي جي درست تربيت به ناهي، هن وقت ڪيترن ئي علائقن ۾ گهر ناهن، ماڻهو دربدر آهن انهن جي ڳڻپ نه ٿي سگهندي، ان ڪري آدمشماري ملتوي ڪئي وڃي، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي منظور علي زرداري لکيو ته ڊجيٽل آدمشماري ٻھراڙين جي علائقن ۾ نيٽ ورڪ صحيح نه ھجڻ ڪري آدمشماري صحيح طريقي سان نه پئي ٿئي،  گل حسن شر لکيو ته اسان وٽ سانگهڙ ويجھو ورڪشاپ ۽ آس پاس سروي جاري آھي انتظام بھتر آھن، جي آر چانڊيو لکيو ته آدمشماري جي ٽيم ته اڃا اسان وٽ تعلقي سانگھڙ ھيڊ جمڙائو ناھي پھتي پر منهنجي سمجهه مطابق آدمشماري صحيح طرح ڪونه ٿيندي، پھريان به ٻوڏ متاثرن کي گھر ڏيڻ واري جيڪا سروي ٿي اھا سروي ڪوٽوار من پسند ماڻهن جي لسٽ ٺاھي سروي ڪري غريب مستحق ماڻهن کي نظر انداز ڪيو ڪافي مستحقن ماڻهن دانهون ڪيون ته سروي ڪرڻ جا پئسا گھري رھيا آھن نه ڏيڻ تي سروي ڪرڻ کان ٺپ جواب ڏيو ڇڏين، ذوالفقار علي راهمون لکيو ته ٿرپارڪر جا غريب پورهيت هن وقت لاباري تي بئراجي علائقن ڏانهن لڏپلاڻ ڪري ويل آهن تنهنڪري ٿرپارڪر جي آدمشماري ڳڻپ ۾ گهٽ ڄاڻائي ويندي حڪومت کي گهرجي ته ٿرپاڪر جي آدمشماري جولاءِ يا آگسٽ ۾ ڪرائي، فاروق اڪبر لکيو ته ڊجيٽل آدمشماري 2023 اسان جو وجود ۽ سنڌ جي وحدت تي آپگهاتي ائٽم بم جي برابر آهي پاڻ بچائڻ لاءِ ٻولي جي خاني ۾ سنڌي ئي لکرائڻ گهرجي،  مراد علي لکيو ته آدم شماري بھتر نموني ھلي پئي انتظام به بھتر آهن پر آدمشماري لاءِ شناختي ڪارڊ وارو شرط ختم ڪرڻ سنڌي قوم سان دوکو ڪيو ويو آهي شناختي ڪارڊ لازمي ھجڻ گهرجي، راسومل لکيو ته ٿر ۾ ٻھراڙي جا ڳوٺ جتي نه روڊ نه لائيٽ نه موبائيل نيٽورڪ آھي اتي ڀلا ڪڏهن عملو پهچندو، جيڪو ٿر جا رهواسي ڪراچي سميت ملڪ جي مزدوري لاءِ ويل آھن ۽ چوپايو مال سميت 6 يا 8 مهينا اتي رهن ٿا ۽ ڪافي سارا ڳوٺ هينئر به خالي ٿي ويا آھن مونکي نٿو لڳي ته هي صحيح ڳڻپ ٿيندي، شمس الدين گابار لکيو ته ڊجيٽل آدمشماري تمام بھترين ھلي رھي آھي، قربان مهر لکيو ته سنڌين کي پنھنجي تاريخي وطن تي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش نامنظور،  جاويد مريد نهڙيو لکيو ته اڃا اسان وٽ ڀوريلو ٿرپارڪر ۾ آدمشماري وارو عمل شروع ناھي ٿيو پر ڳوٺن ۾ ايندڙ آدمشماري وارو عملو عمومن اوطاقن کان اڳتي ناھي ويندو تنھنڪري صحيح نموني معلومات ناھي ملندي ڊجيٽل آدمشماري جي ڊجيٽل دور ۾ اشد ضرورت آھي اميد ته سڀني خدشن کي دور ڪري انتظاميه ڊجيٽل آدمشماري کي مثالي بڻائيندي، عابد ڀٽي لکيو ته زبردست ڪم هلي پيو ٿوري ڏکيائي ٿئي پئي، خاموش خليل شر لکيو ته ڊجيٽل آدمشماري صحيح نموني هلي پئي، پر ٽيم اسان جي درن تائين نه پهتي آھي، نماڻو عرض سڀني سنڌي ڀائرن کي ته ڪوبه هن آدمشماري ۾ نه رهجي، آدمشماري عملي سان لھه وچڙ ڪري پنهنجا خاندان لکرايو، عمران جوڻيجو لکيو ته صحيح آدمشماري ڪري سنڌ کي پهنجو حصو ڏنو وڃي وفاق سنڌسان ناانصافي نه ڪري، فتح الله مخدوم لکيو ته جي ها در جي ٻھاران ڀت تي لکيل آ “ پر جنهن جو در يا ڀت ناهي اهڙين جڳين تي ڪيئن لکبو؟ احسان لغاري لکيو ته آدمشماري واري ٽيم اسان جي شھر ۾ اسان وٽ اڃا ناھي پھتي گلاب لغاري ۾،  امتياز جمالي لکيو ته سنڌ سڄي در بدر آهي آدمشماري نامنظور، مير ڌڻي بخش نصيراڻي لکيو ته آدمشماري ڪندڙ عملي کي گذارش آھي ته جيڪي گھر برسات ۾ سنڌ جي مسڪين ماروئڙن جا متاثر ٿيل آھن ته اھا رپورٽ به پيش ڪن باقي انتظاميا صحيح ڪم پئي ڪري، شنڪر لال لکيو ته ڊيجيٽل آدمشماري تمام بهترين انتظام آھي. وحيد ڄامڙو لکيو ته آدمشماري صحيح نموني نه پئي ٿئي، يحيٰ جتوئي لکيو ته اھا آدمشماري ڪڏھن به ڪامياب ڪونه ويندي ۽ آدمشماري وارا گھر جا پورا ماڻھو ڪونه پيا لکن بس ھڪ شادي شده مرد جو ڪارڊ لکي وڃن ٿا باقي ھزارين ماڻھون گھرن کان بي گھر آھن الاءِ ڪٿي ڪٿي ويٺل آھن، جيڪي شايد ڳڻپ ۾ ڪونه ايندا ۽ آدمشماري وارا به اڪثر علائقن ۾ ڪونه پھچي سگھندا، محمد علي جوڻيجو لکيو ته ٿرپارڪر جا رهواسي پنهنجي پيٽ خاطر لابارن تي ويا آھن انهن جا گهر بند آهن انهن جي ڳڻپ لاءِ الڳ ٽائيم ڏنو وڃي، اسلم سومرو لکيو ته کرڙاھ ۾ ڪم بهتر پيو هلي، نارائڻ داس لکيو ته اڃا ڪم سٺو ھلي رھيو اھي اڳتي ڏسو ڇا ٿو ٿئي، محمد الياس شر لکيو ته تمام غلط ٿئي پئي ڪا خبر ڪونھي ته ڪيئن پئي ٿئي، مظفر لغاري لکيو ته چمبڙ ٽنڊوالهيار سينسز لاءِ استعمال ٿيندڙ ٽيبليٽ ۾ سپارڪو پاران ڏنل نقشي جي ريزوليشن تمام ڪمزور هئڻ ڪري گهرن جي ٽيگنگ ڪرڻ وڏو مسئلو آهي.  استاد صاحبان کي پيٽرول جو خرچو به ڪونه ٿو ڏنو وڃي جڏهن ته مختلف ضلعن کي ڇهه لٽر في بلاڪ جو خرچو ڏنو پيو وڃي.. ايم دائود چانڊيو لکيو ته اسان وٽ استاد مسلسل پنڌ ڪري آيا نيٽ ورڪ ناھي، واپس بنا انٽري جي ھليا ويا ڳوٺ مختيار احمد مستوئي شھدادڪوٽ، باغي مختيار ميمڻ لکيو ته شهرن ۾ ته ٺيڪ آهي باقي ٻهراڙين ۾ ڪافي هنڌن تي نيٽ ورڪ جو اشو ايندو انهي لاءِ ٽيم جو ڪهڙو لائحه عمل هوندو؟ تسليم چانڊيو لکيو ته ڊجيٽل آدمشماري ۾ صرف ڊجيٽل نالي جي ئي نواڻ آهي باقي هڪ گھر وارا ڏھ گھر لکرائي ٿا سگهن سهولت ته اها به آهي جو شناختي ڪارڊ جي به ضرورت ناهي ضرورت صرف موبائيل فون جي نمبر جي آهي پر افسوس ان لاءِ به اسانجي بهرام علائقي وارن وٽ پنهنجا گھر شامل ڪرائڻ لاءِ به ٽائيم ناھي ته هي وري ڏھ گهر ڪيڏانهن لکرائيندا، عبدالهادي لکيو ته انتظام ڀلي ڪهڙا به هجن پر هن آدمشماري ۾ خاص ڪري ڪراچي ۾ سنڌين کي اقليت ۾ ڏيکارڻ لاءِ پورو پورو بندوبست ٿيل آهي، ايم آچر ڪنڀر لکيو ته تمام بهترين نموني اسان آدمشماري ڪئي پئي وڃي وليج مهاڙيو ٿرپارڪر ۾، محمد فياض وساڻ لکيو ته ڊجيٽل آدمشماري تمام بھترين ھلي رھي آھي آدمشماري ڪندڙ عملي کي گذارش آھي ته بھتر نموني آدمشماري ڪن. شناختي ڪارڊ وارو شرط ختم ڪرڻ سنڌي قوم سان دوکو آهي شناختي ڪارڊ لازمي ھجڻ گهرجي، محمد موسيٰ کٽي لکيو ته اسان جي شهر ڪڍڻ ۾ آدمشماري جي ڳڻپ جاري آهي انتظامن صحيح آهي، آدمشماري گهر دوڪان اوطاق ماڻهو جي ڳڻپ ڪئي پئي وڃي، ميانداد مري لکيو ته ڊيجيٽل آدمشماري تمام بهترين انتظام آھي. علي اصغر قيصراڻي لکيو ته گھگھر ۾ آدمشماري شروع ٿئي چڪي پر عملو ڳوٺ محمد خان قيصراڻي ۾ اڃا ناھي آيو، انتظامن جي حوالي سان گھگھر ھميشه پٺتي پيل علائقو رھيو ھتي ماڻھن کي اھا به خبر ڪانه ته آخر آدمشماري آھي ڇا. موهن لال لکيو ته ڳڻپ جاري آهي، عملو ٽريننگ موجب ڪم ڪري رهيو آهي، باقي تجويز اها آهي ته آدمشماري لاءِ اول شناختي ڪارڊ وارو شرط ختم ڪرڻ سنڌي قوم سان دوکو آهي جنهن جي اسان کي شديد ڳڻتي آهي مهرباني ڪري شناختي ڪارڊ وارو آپشن رکيو وڃي، برڪت باغي لکيو ته ڊيجيٽل آدمشماري ۾ شناختي ڪارڊ جو خانو لازمي ھجڻ گھرجي ۽ نادرا سان ويريفائي ٿيڻ گھرجي گھرانو مڪمل ٿيڻ لاء والد جو ڪارڊ لازمي وٺڻ گھرجي ۽ ھر شي کي نادرا ويريفائي ڪري، موجوده آدمشماري وارو سسٽم بلڪل ناڪام آھي ھر قسم جو فراڊ ٿي سگھي ٿو ۽ اھا آدمشماري ڊيجيٽل نه چئبي غير جانبدار آھي مون پاڻ 5 فارم ڀريا آھن ان سسٽم سان مطمن ناھيان، شهباز ٻجورو لکيو ته آدمشماري جتي به ٿئي ڪوشش ڪري ٻولي خاني ۾ سنڌي ٻولي لکرايو، ساگر علي رضا لکيو ته ڊجيٽل آدمشماري تحت ٻهراڙين جي علائقن ۾ نيٽ ورڪ جي مسئلي جي ڪري درست طريقي سان آدمشماري ٿي نه سگهندي، جنھن جو فائدو ڌاريا آبادڪاري کي ٿيندو، اسان سنڌين کي هاڻي اقليت ۾ تقسيم ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ٿي رهي آهي. ذيشان جسڪاڻي لکيو ته ڊجيٽل آدمشماري سٺي ڳالھه آھي پر جيڪو عملو آھي انھن مان ڪافي دوست اھڙا آھن جيڪي غيرتجربيڪار آھن ڊوائس انھن کي ھلائڻ نه ٿي اچي ٻيو يا وري ٻھراڙي ۾ سگنل نه ايندا آھن جنھن کي ڊوائس نه ھلائڻ اچي 50 جي جاءِ تي غلطي ۾ 5 لکي ڇڏي ٿو ته وڏو نقصان ٿيندو آبادي گھٽ ظاھر ٿيندي ھونئن به سنڌ سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو وڃي ٿو اين ايف سي ايوارڊ ھجي يا ٻي بجيٽ سنڌ کي نظرانداز ڪرڻ ھنن جو اصل کان وٺي ڪم آھي، آدمشماري ڪندڙ عملي کي تربيت ڏني وڃي سگنل وغيره نه اچڻ جون به شڪايتون آھن ان جو پڻ ازالو ٿيڻ گھرجي. اسلم هنڱورجو لکيو ته آدمشماري ۾ جيڪي ڳوٺ جي بلاڪن مان ٽوڙي ٻين ڳوٺن جي بلاڪن ۾ گهر شامل ڪيا ويا آھن انهن کي وپس پنهنجي ڳوٺ جي بلاڪن ۾ شامل ڪيو وڃي، حمير گل راڄپر لکيو ته تجويز اها آهي ته سنڌ ۾ رهندڙ هر ذات واري کي سنڌي ئي لکيو وڃي ته بهتر ٿيندو.