سوال/سروي … بنگالين جي حمايت ڪرڻ تي عوام جي نثار کهڙو مٿان ڇتي تنقيد: معافي جو مطالبو ڪري ڇڏيو

0
136

 ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته پ پ سينيٽر نثار کهڙو چيو آهي ته سنڌ ۾ رهندڙ بنگالين کي سڃاڻپ ڪارڊ مليا ته ڇا ٿي پوندو؟  ڊجيٽل آدمشماري تي مون کي به خدشا آهن پر مخالفت نه ڪنداسين: پ پ سينيٽر نثار کهڙو جي ان بيان کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن نثار کهڙو جي بيان تي شديد ردعمل ڏيندي معافي جو مطالبو ڪيو، سروي ۾ بنگالين کي سڃاڻپ ڪارڊ ڏيڻ جي مخالفت ڪندي چيو ويو ته ڌرتي ڌڻي پنهنجي ديس ۾ دربدر آھن جيڪڏهن بنگالين کي ڪارڊ جاري ٿيا ته پوءِ باقي ڇا رهندو؟ هنن کي ڌرتي وارن سان گڏ بيهڻ گهرجي، نثار کهڙو انتهائي غلط بيان ڏنو آهي، پنهنجي بيان تي مغذرت ڪري، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي گل حسن شر لکيو ته شايد پنھنجو ووٽ بئنڪ وڌائڻ لاءِ اھڙا شوشا پيو ڇڏي نثار کهڙو جھڙا ماڻھو اڇي ڪاري جا مالڪ ھوندا ته نسلن جا نقصان ته ٿيندا معدنيات ناڻي ۽ ٻيا نقصان ڪرڻ کان پوءِ ھاڻي نسلن جي نقصان تي لھي آيا آھن، صدام ڪولاچي لکيو ته پيپلز پارٽي سدائين ڊبل گيم کيڏي آھي، ھڪ پاسي بنگالين، برمين، بيھارين ۽ افغانين جي حمايت، ٻئي پاسي سنڌ ڪارڊ، مناقت جي حد آھي، عبدالمجيد لکيو ته انھن ڪڏھن ب سنڌ جي حقن جي ڳالهه ناھي ڪئي پر ڇا ڪريون اسان جا لڇڻ اھڙا آھن جو اھڙن ليڊرن کي اڳتي آندو ٿو وڃي، اسان سان ظلم سڌائين اھڙا حڪمران ڪندا آھن. جنيد زرين بلوچ لکيو ته نثار کهڙو ھا اھو نثار کهڙو جنھن سنڌ جي عظيم ليڊر ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاسي تي مٺايون ورهايون ھيون. ساڳيو ماڻهو اسان کي ڪھڙا پٽڪا ٻڌائيندو، امر راءِ سنگهه راجپوت لکيو ته انهن سدائين سنڌ جي تباھيءَ جي ڳالهه ڪئي آھي. انتهائي غلط بيان آھي. سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش آھي. قادر بخش زئور لکيو ته انھن لاءِ سنڌ وکر آھي سو پيا وڪڻن، الطاف حسين لنجو لکيو ته پ پ جي سنڌ دشمن پروپيگنڊا ڪامياب نه ٿيڻ ڏينداسين. نثار کھڙو بلڪل غلط آھي، سيد ملوڪ شاهه لکيو ته نثار کھڙا تون ڪي پي ڪي ۾رھي اتي ڪاروبار ڪري اتان جو ڪارڊ ۽ ڊوميسائيل ٺهرائي ڏيکار، سڄي سنڌ توکي سلام ڪندي، نور عمراڻي لکيو ته آبادي جي واڌ تي بجيٽ ھڙپ ڪندڙ به وڏا کلاڙي آھن. عددي لسٽ ۾ ته شمار ڪن پيا پر باقاعده رجسٽريشن کان ان ڪري ڊڄن پيا، غلام رسول راهمون لکيو ته انھن مڪارن آڏو سنڌ وڪامجي ويندي، فضل سبزوئي لکيو ته هن شھيد ڀٽي صاحب جي ڦاسي تي مٺائي ورهائي هئي ان مان وڌيڪ ڇا اميد رکجي، ڪامران علي لکيو ته انهن پ پ وارن ته سنڌ کي مقبوضه ڪشمير ٺاهيو آهي، زوهيب لاڙڪ لکيو ته نثار احمد کھڙو کي پنهنجو موقف معذرت سان واپس وٺڻ گهر جي، منظور حسين لکيو ته ڪاش! پليجو اياز ـ ڊاڪٽر مگسي ۽ ٻيا سنڌ دوست نثار کھڙي جي موقف تي سرعام سامھون بيھي نعرا ھڻن ها، کيس ٻڌائن ھا ته سنڌ دوست اڳواڻ ھاڻ ڇا سوچي رھياآھن، الياس سمون لکيو ته نثار کھڙو ڇا سنڌ تي 15 سالن کان راج ڪندڙ پ پ جي سنڌ سرڪار تي به ڪا معيار ناھي باقي اھي ڪارڊ آھن جيئن مھاجر سنڌي افغاني سنڌي اھڙيء طرح ڪنهن اشو تان توجه ھٽائڻ لاءِ ڪو ڪارڊ اڇليو ويندو آهي جيئن عوام جي توجهه ان طرف ٿي وڃي، طارق حسين ڏيپر لکيو ته پورٽل ۾ نيشنلٽي جي آپشن ۾ ته واحد پاڪستاني هجڻ کپي ها پر ان ۾ افغاني بنگالي چيني ۽ آڌر آپشن به ڏنو ويو آهي جيڪا تعجب جي ڳالهه آهي، محمد موسيٰ لغاري لکيو ته بنگالين ۽ افغانين کي پ پ پنهنجي فورس جيان جوڙي رهي آهي جئين اليڪشن ۾ ڌانڌلي ڪرڻ آسان ٿئي ۽ ڪافي حد تائين پ پ کي سنڌي ڇڏي ويا آهن هڪ وڏو خال بڻجي ويو آهي اهو خال پورو ڪرڻ لاءِ بنگالين ۽ افغانين جو سهارو ورتو پيو وڃي، شنڪر لال لکيو ته نثار کهڙو جو بيان تمام سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي، علي زاهد لکيو ته ٿيندو اھو افغاني جيئن ھاڻي ڪراچي ۾ نعرا ھڻن ٿا افغانستان جا، عبدالستار بلوچ لکيو ته نثار احمد کھڙو کي پنهنجو موقف معذرت سان واپس وٺڻ گهرجي ۽ سنڌ ۾ سڀ قومون رهندڙ پاڻ ۾ ڀائر آھن، ايم اسماعيل بلوچ لکيو ته نثار احمد کھڙو کي پنهنجو موقف معذرت سان واپس وٺڻ گهر جي، حاجي خان پنهور لکيو ته انهن کي جي ڪارڊ جاري ٿيندا ته پاڻ اقيليت ۾ تبديل ٿي وينداسين ان ڪري بنگالين کي پنهنجي ملڪ واپس موڪليو وڃي سنڌ اڳ ئي پٺتي پيل آهي، اظهر علي به پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو، منظور حسين لکيو ته هنن آڏو سنڌ وڪامجڻ لڳي، غلام علي ٻجورو لکيو ته ڌرتي ڌڻي پنهنجي ديس ۾ دربدر آھن جيڪڏهن بنگالين کي ڪارڊ جاري ٿيا ته پوءِ باقي ڇا رهندو؟ کهڙي صاحب کي ڌرتي وارن سان گڏ بيهڻ گهرجي، وحيد ڄامڙو لکيو ته ڌرتي اسان جي پيرن ھيٺان کسڪائي پئي وڃي جڏھن ڌرتي کسجي ويندي ۽ اسان جو حشر به فلسطينن جھڙو ٿيندو ڌرتي تي ڌاريا قابض ٿيندا پيا وڃن پ پ ھردور ۾ سنڌ جي حقن جا سودا ڪيا آھن ھتي ڌارين کي آباد ڪري ڌرتي ڌڻين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، الهڏنو راهمون لکيو ته سياستدانن جي وس سندن زبان ئي ناھي سڀاڻي قسم کڻي چوندا اسان اھا ڳالھ ناھي ڪئي پر ٿي سگھي ٿو ته متان اھا ڳالھ ڪئي ھجي، جاويد احمد جاگيراڻي لکيو ته اهڙي ڳالهه نامنظور، ابراهيم مخدوم لکيو ته عجيب ڳاله ٿو ڪري کهڙو صاحب بس ڏاڍو سو گابو ڇا ٿو ڪري سگهجي. ڪيلاش ڪمار لکيو ته مٿان جو داٻو هوندو هنن تي، شاهد حسين لکيو ته بلڪل سنڌ دشمني اڄ بنگالي سڀاڻي افغاني برمي بيھاري سڀني لاءِ پيپلز پارٽي چوندي، نارائڻ داس لکيو ته تمام غلط سوچ آھي سنڌ تي اھڙو ظلم برداشت نه ڪنداسين، اي بي دائودپوٽو لکيو ته ان کي ڇا آهي چوڻ ۾. اهي اقتدار کان الڳ هوندا آهن ته سنڌ جا سور جاڳندا اٿن،جي اقدار ۾ هوندا آهن ته پوءِ انهن لاءِ سڀ ڪجھ جائز ٿي پوندو آهي. آخر ڪار انهن جون به ڪجهھ مجبوريون هونديون. شوڪت علي لکيو ته اوهان کي پرواهه نه آھي غريبن کان پڇو اوهان کي ووٽ کپن، مير ڌڻي بخش نصيراڻي لکيو ته هنن کان ڪهڙي چڱائي جي اميد رکون مون پڪ سڃاتا پنهنجا هئا ڌارين سان گڏ ڌاڙي ۾، ذيشان علي رستم به راءِ جو اظهار ڪيو، عبدالقيوم لغاري لکيو ته انهن سدائين سنڌ جي تباھيءَ جي ڳالهه ڪئي آھي. انتهائي غلط بيان آھي. سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش آھي.  عمران جوڻيجو لکيو ته اقتدار جا بکيا سنڌ سان غداري ڪرڻ ۾ ڪا به ڪسر ناهن ڇڏيندا وري جيئي سنڌ جو نعرو هڻي حڪومت ڪندا، ممتاز علي سميجو لکيو ته هنن سدائين سنڌ ڪارڊ استعمال ڪري سنڌ کي لٽيو آهي انتهائي غلط بيان آهي حڪومت جو حصو هئڻ باوجود به جي سنڌ جي ڀلائي لاءِ ڪجهه نٿا ڪري سگهن، محمد علي سميجو لکيو ته پ پ وارن کي عرض آھي ته جيڪو ڪارڊ جيڪا ڪاغذ ٺھرائي جيڪي وڻي سو وڃي ڪريو پيسا ڪمايو، مراد علي لکيو ته نثار کھڙو جو اھو بيان پنهنجو ووٽ بينڪ وڌائڻ آهي ٻي ڪابه ڳالهه ڪونهي، ثناءُالله چنا لکيو ته نثار کهڙو سنڌي هوندي به ڌارين کي ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ جي حمايت ڪري ٿو ووٽن خاطر پنهنجي ڌرتي ڌارين حوالي ڪرڻ سنڌين کي اقيليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش هر حڪومت ڪندي ٿي رهي افسوس آ سنڌ حڪومت تي ۽ ان جي وزيرن مشيرن تي جيڪي ڪڏهن افغانن کي ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ جا بيان ٿا ڏين ڪڏهن بنگالين کي، بشير ميراڻي لکيو ته هن کي شرم ناهي، بنگالين کي ڪارڊ به ڏياري ٿو ۽ وري آدمشماري تي خدشات ظاهر ڪري رهيو آهي، سڌو سنئون ٿي چوي ته آدمشماري سنڌ جي لاءِ نقصانڪار آهي ۽ سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جو منصوبو آهي ته هن کي ڇا ٿيندو. عبدالجبار لوڊو لکيو ته هي ووٽ جي لالچ ۾ اهڙي ڳالهه ڪن ٿا، سيد همنه به سروي ۾ حصو ورتو، محمد الياز ۽ محبوب علي به سروي ۾ حصو ورتو، محمد موسيٰ کٽي لکيو ته بنگالين کي سڃاڻپ ڪارڊ مليا ته سنڌ ۾ قبضو ڪندا بنگالين کي ڪارڊ نه ڏنا وڃن ڊجيٽل آدمشماري ڀلي ٿئي.