سوال/سروي آبادگارن جو مطالبو جائز قرار: ڪمند جو اگهه 300 رپيا في مڻ ڪيو وڃي: عوام

0
222
سوال/سروي آبادگارن جو مطالبو جائز قرار: ڪمند جو اگهه 300 رپيا في مڻ ڪيو وڃي: عوام

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته زراعت کاتو ڪمند جي اگهه بابت پاسما سان متفق، 228 رپيا في مڻ اگهه رکڻ جي سفارش ڪئي وئي، آبادگارن جو چوڻ آهي ته 300 رپين کان گهٽ اگهه قبول ناهي جڏهن ته شگر ملز مالڪن پاران 227 رپين کان وڌيڪ اگهه ڏيڻ کان انڪار ڪيو آهي،

آبادگارن جي مطالبي، شگر ملز مالڪن جي انڪار ۽ زراعت کاتي جي تجويز کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ ڪمند جو اگهه ڪيترو مقرر ڪرڻ گهرجي؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته آبادگارن جو مطالبو جائز آهي، ڪمند جو في مڻ اگهه 300 رپيا ڪيو وڃي، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي  شنڪر باغي لکيو ته سنڌ جي ننڍن آبادگارن کي مختلف طريقن سان تنگ ڪري وڏن ڀوتارن پاران زمينون خريد ڪري انهن کي روڊن تي آڻي غلام بنائڻ جي سازش آھي حڪمرانن مان ڪا به ڀلائي جي اميد نه رکڻ گهرجي،

وحيد ڄامڙو لکيو ته ھاري جي سڄي سال جو گذارو پوک تي ھوندو آھي محنت باوجود فصل جو مناسب اگھه نه ملڻ ڪري ھاري جا سور ٻيڻا ٿي وڃن ٿا ٻڄ ، ڀاڻ ،زرعي دوائون ٻيڻ تي مھانگيون آھن ڪمند جو اگھه 228 مڻ مناسب ناھي گھٽ ۾ گھٽ 300 روپيا اگهه ڪيو وڃي، اسامه سنڌي لکيو ته 300 رپيا اگهه مقرر ڪري هارين سان انصاف ڪيو وڃي، گل حسن شر لکيو ته منھنجي خيال ۾228 رپيا مناسب آھي پر آبادگار به ويچارا ڇاڪن ڀاڻ جا ريٽ آسمان کي لڳا پيا آھن،

شاهد ميراڻي لکيو ته زراعت کاتي پاسما جي مطالبي واريون تجويزون سنڌ ڪابينا ڏانهن اماڻيون آهن، ان مان لڳي ائين پيو ته هر سال اڻ سڌي طرح پاسما پاڻ ئي من پسند اگهه مقرر ڪندي آهي ۽ رڳو چهرو زراعت کاتي ۽ سنڌ ڪابينا جو سامهون ايندو آهي، خادم گهراڻو لکيو ته پاسما 227 روپيا ۽ آبادگار 300 روپيا اگهه تي هڪٻئي سان منهن مقابل آهن.

جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ڪمند تي ڪيترو خرچ آهي پاڻي سنڀال واڍي گاڏين ۾ ڀرڻ مل تائين پهچائڻ . جيڪڏهن اسان مارڪيٽ مان کنڊ وٺون ته اها 120 روپين کان گهٽ نه ملندي ڪمند ڀلي کڻي سو روپيا هجي تنهن ڪري آبادگارن جو مطالبو صحيح آهي،شاهد ڏاهري لکيو ته آبادگارن جو 300 رپيا مطالبو درست آهي. نماڻو نوناري لکيو ته ڪمند جي آبادگارن سان سدائين ظلم ٿيندو آهي، غلام الله شر لکيو ته ڪمند جو اگهه گهٽ ۾ گهٽ 350 رپيا مڻ ڪيو وڃي، سڪندر علي لکيو ته آبادگار ڏينهون ڏينهن قرضي ٿيندا پيا وڃن، شگر ملز مالڪن انهن کي پنڻ جهڙو ڪري ڇڏيو آهي،آدم پتافي لکيو ته پاسما پاڻ بااختيار آھي پر 250 اگھه مقرر ڪيو وڃي ته بھتر ٿيندو،

اقبال مهر لکيو ته ھن مھانگائي جي دور ۾ جتي آبادگار فصل تي لکين رپيا خرچ ڪن ٿا، اتي 227 روپيا اگھه بلڪل گھٽ آھي، جڏھن ته کنڊ جو ريٽ اوھان جي سامھون آھي، زراعت کاتي کي آبادگارن جي مستقبل جي باري ۾ به سوچڻ گھرجي، خاموش خليل شر لکيو ته ڪمند جو اگھه 285 روپيا مقرر ڪيو وڃي، ملن واري کي به انهي اگھه جو پا بند بنايو وڃي، ساجد اقبال کوسو لکيو ته ملڪ ۾ مھانگائي کي نظر ۾ رکندي آبادگار اڳواڻن جو مطالبو صحيح آھي، آصف راڄپر لکيو ته هتي زراعت کاتو ڪجھه به نه ڪري سگهندو ڇو ته هنن ڪڏهن به هارين جي ڀلائي لاءِ سوچو ئي ناهي،

هتي وفاقي حڪومت جي نااهلي جي ڪري يوريا ڪلر ڊي اي پي ڪيترو مهانگو ٿيو آهي، ڪمند جو اگهه 300 رپيا به گهٽ آهي، عرفان جروار لکيو ته آبادگارن جو مطالبو مڃيو وڃي، عاشق حسين لکيو ته آبادگار پنھنجي حق تي آھن، فصل تيار ڪرڻ واري مرحلي ۾ وڏي مشڪلاتن کي منھن ڏيڻو پوي ٿو، اگھه مناسب ملڻ گھرجي، زراعت کاتو ۽ ملز مالڪ ملي ڀڳت ڪري آبادگارن کي نقصان ڏيڻ چاھين ٿا، سردار ايم اي لنجو لکيو ته آبادگارن جو مطالبو درست آھي کنڊ جا اگھه هينئر ئي چوٽ چڙهيل آهن، علي نواز ڀرڳڙي لکيو ته جڏهن ته سنڌ ۾ کنڊ 130 رپيا ڪلو وڪرو ٿي رهي آهي شگر ملون 126 رپيا ڪلو وڪرو ڪري رهيون آهن ته ڪمند جو اگهه 300 رپيا بلڪل جائز آهي، منظور زرداري لکيو ته ڪمند جو اگھه 300 رپيا مقرر ڪيو وڃي،

غفار احمد لغاري لکيو ته آبادگارن جو جائز مطالبو آھي ڇو ته ھر شيءِ مھانگي ٿي آھي ٻنين جا خرچ به وڌيا آهن ڀاڻ ٻج به جام مھانگا ٿا ملن، ثناءُالله چنا لکيو ته آبادگارن جو مطالبو جائز آهي حڪومت کي گهرجي ته ملز مالڪن تي زور رکي به آباد گارن جائز اگهه وٺرائي ڏئي. ممتاز علي سميجو لکيو ته آبادگارن جو مطالبو جائز آهي کنڊ 130 رپيا وڪرو جي حساب سان 228 رپيا اگهه تمام ناجائزي آهي ڊي اي پي 7500 يوريا 2040 انهن ڊيزل جا اگهه آسمان تي پهچي ويا آهن،

عرفان علي لکيو ته ڪمند جو اگھه گھٽ۾ گھٽ 350 رپيا ڪيو وڃي، زاهد باجڪاڻي لکيو ته ڀاڻ دوائن جو اگھه آسمان تي پهچي ويو آهي کنڊ 120 رپيا آهي، آبادگارن جو مطالبو درست آهي، نويد کوڙ لکيو ته اسان کي ڪمند جو اگهه ٣٠٠ کان گهٽ نه گهرجي، آفتاب لغاري لکيو ته آبادگارن جو مطالبو جائز آهي، عبدالرحمان چانگ لکيو ته اگهه هڪ مقرر ٿيندو ملن وارا وري ٻيو ڏيندا،

مجاهد رند لکيو ته جائزو مطالبو آهي، نياز سومرو لکيو ته جڏهن آبادگار ڪمند وڪڻن ٿا ته 228 رپيا مڻ، باقي کنڊ 130 رپيا ڪلو؟ ايتري ناجائزي؟ حاجي خان پنهور لکيو ته آبادگارن کي اڃا تائين پراڻيون رهتون ناهين ڏنيون ويون پاسمان پنهنجا من پسند اگهه مقرر ڪرڻ چاهي ٿو، مسرور شر لکيو ته 300 رپيا اگهه هجڻ گهرجي، شڪر الدين گجو لکيو ته آبادگارن جو مطالبو درست آهي، مبين لغاري لکيو ته ڪمند جو اگھه گھٽ ۾ گھٽ 500 رپيا ھجڻ گھرجي، عبدالغفور انصاري لکيو ته اهو ڪم حڪومت جو آهي، عيدل ڪنڀر لکيو ته آبادگارن جو مطالبو درست آهي.