بهرام (ن پ ا) پاڻي کوٽ خلاف احتجاج ڪندڙ بهرام جي 40 آبادگارن خلاف ڪيس داخل، آبادگارن پاران اڄ احتجاج جو اعلان. خبر موجب 23 ڏينهن اڳ وارهه برانچ ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف اڳوڻي آبپاشي وزير سھيل انور سيال جي گهر آڏو ڌرڻو هڻندڙ 40 آبادگارن خلاف لاڙڪاڻي جي مارڪيٽ ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ان ڏس ۾ ڪيس داخل ٿيڻ تي آبادگارن ۾ سخت تاءُ پکڙجي ويو آهي. آبادگارن جو حاڪم شاهه ۾ هڪ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ محسن قاضي، نويد حسن بروهي، مشتاق بروهي، مرتضيٰ لاشاري، علي محمد کوسو ۽ بين شرڪت ڪئي، آبادگار اڳواڻن صحافين آڏو دانهيندي چيو ته اڳوڻي صوبائي وزير اسان کي زرعي پاڻي ته نه ڏنو الٽو ڪاوڙجي 40 آبادگارن مٿان مارڪيٽ ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايو آهي، هنن چيو ته انتقامي ڪارواين کان ڊڄڻ وارا ناهيون، ڪيس داخل ٿيڻ خلاف اڄ آچر ڏينهن اڳوڻي صوبائي وزير سهيل انور سيال جي گهر آڏو احتجاج ڪيو ويندو، جيڪو ڪيس ختم ٿيڻ تائين جاري رهندو.