ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ پوليو کان بچاءُ وارا ڦڙا پيارڻ واري مهم ٻه آگسٽ کان شروع ٿيندي، جيڪا ستن ڏينهن تائين جاري رهندي، چيف سيڪريٽري سيد ممتاز علي شاهه جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته 22 ضلعن ۾ 74 لک ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياريا ويندا. ڪورونا وائرس سبب 50 هزار پوليو ورڪرن کي 535111 سرجيڪل ماسڪ ۽ 63 هزار 643 هينڊ سينيٽائيزر ڏنا ويندا، اجلاس ۾ سنڌ جي چيف سيڪريٽري سيد ممتاز علي شاهه لاڳاپيل ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن کي هدايت ڪئي ته پوليو مهم جو مقرر ڪيل حدف سو سيڪڙو پورو ڪيو وڃي.