جروار(ن پ ا) يارولنڊ ٿاڻي جي حد ڳوٺ لشڪري لنڊ ۾ فهميده زال معشوق لنڊ جو پنهنجي گهر ۾ پکي ۾ لٽڪل لاش هٿ آيو آهي. ان سلسلي ۾ فهميده جي مڙس صحافين کي ٻڌايو ته اسان گهر ۾ موجود نه هئاسين جيئن ئي گهر پهتاسين ته پکي ۾ لٽڪيل لاش ڏسي پوليس کي اطلاع ڪيو آهي، خبر ناهي ته منهنجي گهرواري ڇو خودڪشي ڪئي آهي، هوڏانهن اهڙي اطلاع ملڻ تي يارولنڊ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش سول اسپتال ميرپور ماٿيلو کڻائي وئي پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو. هوڏانهن واقعي جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو آهي يارولنڊ پوليس موجب اسان کي جيئن ئي اطلاع مليو ته اسان واقعي واري هنڌ پهچي لاش پوسٽ مارٽم ڪرائي لاش وارثن حوالي ڪيو آهي وڌيڪ واقعي جي جاچ ڪيو پيا ته واقعي جا اصل ڪارڻ ڪهڙا آهن.فرمان لنڊ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڀيڻ جي پنهنجي سئوٽ معشوق سان شادي ٿيل هيس، ڪو به جهيڙو نه ٿيو هو، خبر ناهي ڇو ڦاهو کاڌو اٿس. هوڏانهن ذريعن وٽان ڄاڻ ملي ته خودڪشي ڪندڙ عورت جي ڀاءُ کي معشوق لنڊ جي ڀيڻ ڏنل هئي جنهن کي گهر ۾ مارڪٽ ڪندا هئا ته عيوضي ۾ ڏنل عورت دانهن کڻي مقتولا جي مڙس ۽ پنهنجي ڀاءُ معشوق کي ڏيندي هئي ته مقتولا جو مڙس پنهنجي ڀائرن کي سمجهائڻ لاءِ چوندو هو ۽ڀائر هن جو چوڻ نه مڃڻ تي ڪاوڙ ۾اچي ڦاهو کائي خدڪشي ڪري ڇڏي.