سنڌ ۾ گجگوڙ سان طوفاني وسڪاري ڪيترائي شهر ٻوڙي ڇڏيا

0
159

سنڌ ۾ گجگوڙ سان  طوفاني وسڪاري ڪيترائي شهر ٻوڙي ڇڏيا، لاڙڪاڻي جي سول اسپتال سميت اهم روڊ رستا ۽ علائقا پاڻيءَ هيٺ اچي ويا

 ايس ايس پي چوڪ، سبحان الله چوڪ، اسٽيشن روڊ، لاهوري محلا ۽ ٻيا علائقا تلاءَ جو ڏيک ڏيڻ لڳا، شهر جي ڪاروباري مرڪزن ۽ اهم روڊن تي پاڻي بيٺل هئڻ سبب ڪارونهوار متاثر رهيو

 ميونسپل ڪارپوريشن توڙي ضلعي انتظاميا پاڻي نيڪال ڪرڻ ۾ ناڪام، بجلي بندش ويتر شهرين جا اهنج وڌائي ڇڏيا، سکر شهر جا به اڪثر علائقا ۽ روڊ رستا برساتي پاڻيءَ ٻوڙي ڇڏيا

 ڪجهه ڪلاڪن جي برسات اڳواٽ ڪيل انتظامن جي پت وائکي ڪري ڇڏي، جيل روڊ، پراڻي سکر ۽ بکر چوڪ سميت ٻين اهم علائقن ۽ روڊ رستن تي گوڏي جيڏو پاڻي بيهجي ويو

 قريشي ڳوٺ، گلشن اقبال ڪالوني ۽ پير مراد شاهه سميت ٻين علائقن ۾ نيڪال جي ناڪاره نظام سبب پاڻي تلاءُ جي صورت ۾ بيٺل، ڊرينيج ۽ برساتي پاڻي دڪانن ۽ گهرن اندر به داخل ٿي ويو، شهدادڪوٽ شهر جا به ڪيترائي علائقا ۽ روڊ رستا برساتي پاڻيءَ ۾ ٻڏل آهن

 شڪارپور، خيرپور، قمبر ۽ ٺٽي ۾ به وسڪارو، ڪنڌڪوٽ، ڪشمور، ڄام صاحب ۽ ٺڪراٺو  ۾ هلڪي برسات، سٺ ميل، ڪنڌرا، ڪنب، ٺري ميرواهه، پير وسڻ، فيض گنج، ڪوٽڏيجي ۽ درياخان مري ۾ به وسڪارو پيو

 هڱورجا، اڪري چودڳي، واهي پانڌي ۽ کهڙا ۾ به برسات، پيرڳوٺ، ٺل، همايون، راڻيپور ۽ ميان صاحب ۾ به موسم جل ٿل، پکو، گاجي کهاوڙ، نصيرآباد، نئون ڳوٺ، پيارو اسٽيشن، ڳيريلو، مديجي، ڏوڪري، مبارڪپور ۽ باڊهه ۾ به برسات

سوڀوديرو جي ڳوٺ غلام محمد بهليم ۾ طوفاني برسات دوران کجيءَ جو وڻ ڪرڻ سبب عورت بختاور ڄامڙو دٻجي فوت، طوفاني وسڪارن دوران سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزنز ۾ بجليءَ جا 212 کان وڌيڪ فيڊرز ٽرپ ٿي ويا، بجليءَ جو بدترين بحران جاري آهي