سنڌ ۾ ڊينگي جي ڪيسن تي ضابطو نه آيو،  وڌيڪ 62 نوان ڪيس ظاهر

0
190
ملڪ ۾ ڊينگي ڪيسن ۾

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ ڊينگي ڪيسن تي ضابطو نه آيو، 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 62 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن.

ڪراچي ڊويزن ۾ 24 ڪلاڪن اندر 27 ڪيسن جي تصديق ڪئي وئي،

مٽياري ضلعو ڪراچي کان پوءِ ڊينگي ڪيسن ۾ سڀ کان وڌيڪ متاثر ضلعو قرارڏنو ويو.

مٽياري ۾ ڊينگي جا وڌيڪ 28 نوان ڪيس ظاهرٿيا، جڏهن ته ٿرپارڪر ۾ 5 ڪيس سامهون آيا آهن.

حيدرآباد ۽ بدين ضلعن ۾ به 24 ڪلاڪن دوران هڪ هڪ نئون ڪيس ظاهر ٿيو آهي، هلندڙ آڪٽوبر مهيني ۾ صوبي اندر ڊينگي ڪيسن جو انگ 229 تائين پهچي ويو.