سنڌ ۾ پاڻي کوٽ جو سياسي ۽ قانوني حل

0
245

سنڌ ۾ پاڻي کوٽ هڪ حقيقت آهي. سنڌ جي چيف منسٽر، قومي اسيمبلي جي ميمبر  يوسف ٽالپر ۽ سند جي وزير آبپاشي  ڄام خان شورو انهيءَ کوٽ بابت بيان ڏنا آهن، جيڪي ريڪارڊ تي آهن. پ پ جو چيئرمين به ان کوٽ بابت پنهنجو بيان ڏئي چڪو آهي. منهنجي خيال ۾ انهيءَ جا ٻه حل ٿي سگھن ٿا،، هڪڙو سياسي ۽ ٻيو قانوني.

سياسي حل:

سنڌ ۾ پاڻي کوٽ بابت پ پ جو چيئرمين وزيراعظم پاڪستان عمران خان سان ڳالهائي سگھي ٿو ته سنڌ ۾ پاڻي کوٽ آهي ۽ هو انهيءَ باري ۾ فيصلو ڪري، فيصلو اهو ٿيڻ کپي ته پاڻي ٺاهه جي شق نمبر 2 تي عمل ٿئي، پنجاب وارا انهي شق تي اعتراض ڪن ٿا ته جيستائين پاڻي پورو نه ٿيندو تيستائين انهي شق تي عمل نٿو ٿي سگھي. پاڻي ٺاهه ۾ اهو آهي ته جيستائين نئوان ڊيم نه ٺهندا تيستائين پاڻي ٺاهه جي شق نمبر 2 تي عمل نٿو ٿي سگھي. ڇو جو ورهايل پاڻي 117.35 ملين ايڪڙ فوٽ آهي، جنهن ۾ 3 ملين ايڪڙ فوٽ خيبرپختونخوا صوبي جو سنڌ کان سواءِ مٿي جو آهي، ته باقي پاڻي بچو 114.35 ملين ايڪڙ فوٽ. جڏهن ته وڌ ۾ وڌ آيل پاڻي آهي رڳو 106 ملين ايڪڙ فوٽ. اٽارني جنرل به لکيو آهي ته جيستائين پاڻي 113.35 ملين ايڪڙ فوٽ نه ٿو ٿئي في الحال ٺاهه تي عمل ڪيو پر اهو معلوم ڪيو ته پاڻي ڪڏهن 114.35 ملين ايڪڙ فوٽ ٿيندو.  پنجاب وارن جو اهو به چوڻ آهي ته 114.35 ملين ايڪڙ فوٽ تڏهن پورو ٿيندو جڏهن 8 ملين ايڪڙ فوٽ جا ٻه نوان ڊيم ٺهندا. جنهن ۾ هڪڙو ڪالاباغ آهي ۽ ٻيو ڪو نئون ڊيم. پر اوهان کي خبر آهي ته ڪالاباغ ڊيم تي سنڌ ۽ خيبرپختونخوا صوبن کي تمام گھڻو اعتراض آهي. هونئن به سنڌ وارن سنڌ پنجاب سرحد تي انهيءَ باري ۾ شهيد بينظير ڀٽو جي حڪومت ۾ ڌرڻو هنيو هو. هاڻي  ٻه ڊيم ٺهيل آهن، جن جي پاڻي گڏ ڪرڻ جي گنجائش 14.6 ملين ايڪڙ فوٽ آهي. لٽجڻ ڪري انهن جي پاڻي گڏ ڪرڻ جي گنجائش گھٽجي وئي آهي. انهي ٻنهي ڊيمن مان سنڌ ۽ بلوچستان کي پاڻي ڏنو وڃي ٿو، جڏهن ته پنجاب وارا چناب ۽ جھلم درياهن مان پاڻي کڻن ٿا. پر ارسا وارا سنڌو درياهه کي سنڌ ۽ بلوچستان لاءِ پاڻي ڏيڻ بابت سمجھن ٿا جڏهن ته پنجاب وارن کي جھلم ۽ چناب درياهن مان پاڻي ڏيڻ سمجھن ٿا. اهو ئي سبب آهي ته هو منگلا ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪن ٿا، جڏهن ته سنڌ ۾ کوٽ هجي ٿي. اهو ذخيرو ايندڙ ربيع لاءِ ڪيو وڃي ٿو، جڏهن ته چوڻي آهي ته “هنج ۾ ٻار هجي ۽ سوچجي پيٽ مان ايندڙ ٻار لاءِ” . ارسا وارا تربيلا مان سنڌ ۽ بلوچستان کي پاڻي ڏين ٿا، جڏهن ته منگلا ڊيم مان رڳو پنجاب کي پاڻي ڏنو وڃي ٿو. وري انهيءَ ۾ واڌ اِها ٿا ڪن ته هو سنڌو درياهه مان لنڪ ڪينالن ذريعي پاڻي کڻن ٿا. جيڪو منهجي خيال ۾ صحيح ناهي.

هينئر ورهاست “ٿري ٽيئر فارمولا” مطابق ڪئي وڃي ٿي، جنهن ۾ اهو آهي ته جيڪڏهن پاڻي گھٽ آهي ته ورهاست 1977ع کان 1982ع مطابق ٿيڻ کپي. جيڪڏهن پاڻي پورو آهي ته پاڻي ٺاهه مطابق ورهاست ٿئي، پر جيڪڏهن وڌيڪ پاڻي اچي ٿو ته هر ڪنهن جي صوبي کي ايترو سيڪڙو ٺاهه کان مٿي پاڻي ڏنو وڃي. 1991ع واري پاڻي ٺاهه ۾ آهي ته صوبن ۾ ورهاست شق نمبر 2 مطابق ٿيڻ کپي. معنيٰ هڪڙي نموني ارسا وارا ٺاهه ۾ تبديلي ڪن ٿا، پر اسيمبلي مان پاس ٿيل قانون ۾ اِرسا وارا تبديلي نٿا ڪري سگھن.  پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ڪري ۽ کيس ٻڌائي ته پاڻي گھٽ هجڻ سبب سنڌ ۾ تمام گھڻي کوٽ آهي، جنهن لاءِ وزيراعظم ڪجھه ڪري، جيڪڏهن نه ڪندو ته سنڌ وارن جا ڌرڻا ٿيندا رهندا ۽ سنڌ وارن جي پاڻي کوٽ تي وفاق لاءِ نفرت وڌندي،جيڪا سٺي ڳالهه ناهي. جڏهن ته مثبت ٺاهه ٺاهيل آهي ته انهي تي عمل ڪرائڻ ارسا معرفت وفاق کي ڪرائڻو پوندو.

قانوني حل:

قانوني حل اهو آهي ته وزيراعظم عمران خان کي قانوني طرح زور ڀرجي ته هو گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي چيئرمين هجڻ جي ڪري ارسا جي غلط فيصلن خلاف پنهنجو فيصلو ڏئي ته ارسا وارن غلط فيصلو ڪيو آهي. جنهن کي بطور سڀ سي سي آءِ جا ميمبر رد ڪن ٿا. انهيءَ فيصلي کانپوءِ به ارسا کي اختيار آهي ته هو قومي اسيمبلي ۾ اِهو جھيڙو رکي ته جيئن قومي اسيمبلي انهيءَ کي رد ڪري، تنهن کانپوءِ به قومي اسيمبلي جي فيصلي خلاف ارسا سينيٽ ۾ وڃي سگهي ٿي ۽ اتان اهو فيصلو رد ڪرائي سگھي ٿي، جنهن کانپوءِ اهو فائنل ٿي ويندو.  پر سنڌ طرفان اها ڳالهه کپي ته هو لکت ۾ سي سي آءِ وارن کي ڏين ته ارسا جو هي فيصلو غلط آهي، جنهن تي سي سي آءِ وارا فيصلو ڏين. پر مون کي جيڪا ڄاڻ آهي ۽ مان سنڌ جي آبپاشي کاتي جي ماڻهن کان اِهو پڇيو آهي ته ڇا اهڙو ليٽرسنڌ سرڪار سي سي آءِ وارن کي لکيو آهي. پر هوُ ان بابت اڻ ڄاڻائي ڏيکارين ٿا. جڏهن سنڌ وارن سي سي آءِ کي انهي بابت لکيو ئي ناهي ته سي سي آءِ وارا ڪهڙو فيصلو ڪن. سنڌ سرڪار کي کپي ته اهڙو ليٽر سي سي آءِ وارن کي لکن ته جيئن هو فيصلو ڪري سگھن.

اميد ته انهيءَ نموني سنڌ جو پاڻي کوٽ جو مسئلو حل ٿي ويندو. الله ڪري ايئن ٿئي. آمين!