مٽياري (رپورٽر) مٽياري ۾ جميعت علماءِ اسلام ۽ الخير ٽرسٽ پاران برسات متاثرن ۾ امدادي سامان ورهايو ويو الخير ٽرسٽ جي مرڪزي اڳواڻ قاري عثمان چيو ته سنڌ جون حالتون خراب آھن، سنڌ ۾ اڃا تائين پاڻي ۾ ماڻھو ڦاٿل آھن. اڳواڻن چيو ته  سانگھڙ، دادو، نوابشاھ ۽ مٽياري ۾ جيڪا تباھي آئي آھي ان جو ازالو ڪنھن ھڪ اداري جي وس ۾ ناھي. هن چيو ته سڄي سنڌ ۾ ايتري ڪڏھن تباھي ناھي آئي, ڪا به شيءِ نه بچي سگھي. سنڌ جي چپي چپي کي نقصان پھتو، صوبائي حڪومت جي ذميواري آھي ته سڄي سنڌ جي بحالي لاءِ قدم کڻي. جي يو آءِ جي مرڪزي اڳواڻ وڌيڪ چيو ته سڄي سنڌ ۾ وڏيرن به بند ٽوڙي ماڻھن کي ٻوڙيو، اڃا تائين وڏيرن جون سازشون جاري آھن. سانگهڙ ۽ نوابشاھ جي عوام کي فوري طور رليف فراھم ڪرڻ گھرجي، انتظاميه حرڪت ۾ اچي. سڄي صوبي ۾ ايمرجنسي لڳائي عوام کي رليف فراهم ڪري ٻئي صورت ۾ حڪمران کي تاريخ ڪڏھن تاريخ معاف نه ڪندي.