ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌ ۾ جمعي ڏينهن مڪمل لاڪ ڊائون تي عمل ڪرائڻ لاءِ پوليس مختلف شهرن ۾ ڪارروايون ڪندي کليل دڪان بند ڪرايا، ڪراچيءَ ۾ 4 بينڪون سيل، لاڙڪاڻي ۾ لاڪ ڊائون جي ڀڃڪڙي ڪندڙ 50 دڪاندار گرفتار، ٽنڊوآدم ۾ امير ٽاور مارڪيٽ سيل ڪئي وئي. ان سلسلي ۾ ڪراچي جي آءِ آءِ چندريگر روڊ، آرام باغ ۽ گارڊن ۾ واقع اسٽينڊرڊ چارٽر بينڪ ۽ حبيب بينڪ جون 3 برانچون سيل ڪيون ويون، جڏهن ته ڪيترن ئي بينڪن کي واڌو ملازمن جي حاضري سبب وارننگ ڏني وئي. ڪلفٽن ۾ هڪ خانگي اسڪول کي پڻ سيل ڪيو ويو. ضلعي انتظاميا جو چوڻ آهي ته 50 سيڪڙو حاضري واري ايس او پيز جي ڀڃڪڙي ڪندڙ بينڪن ۽ خانگي اسڪول خلاف ڪاروائي ڪئي وئي آهي. ٻئي طرف لاڙڪاڻي پوليس اسٽيشن روڊ، ريشم گلي، شاهي بازار، پاڪستاني چوڪ، بندر روڊ ، رائل چوڪ، باقراڻي روڊ ۽ اولڊ ٽينڪ چوڪ سميت ٻين مُک ڪاروباري بازارن ۾ لاڪ ڊائون واري ڏهاڙي کليل سوين دڪانن کي بند ڪرائي ڇڏيو، ايس او پيز جي ڀڃڪڙي ڪندڙ 50 کان وڌيڪ دڪاندارن کي حراست ۾ وٺي مختلف ٿاڻن تي منتقل ڪيو ويو، ڪارروائي دوران پوليس اهلڪارن ۽ شهرين وچ ۾ منهن ماري پڻ ٿي. ٻئي طرف کوسڪي پوليس لاڪ ڊائون واري فيصلي تي عملدرآمد ڪرائڻ لاءِ گوشت ڪري شهر بند ڪرائي ڇڏيو. هوڏانهن ڇاڇرو ۾مختيارڪار ڇاڇرو جي اڳواڻيءَ ۾ رينجرز ۽ پوليس پاران فليگ مارچ ڪري شهر جي مارڪيٽن ۾ دڪاندارن کي ايس او پيز تي عمل ڪرڻ جون هدايتون ڪيون. ان موقعي تي مسافرن، مزدورن ۽ شهرين ۾ ماسڪ ورهايا ويا. هوڏانهن تلھار پوليس پيرولاشاري شھر بند ڪرائي ڇڏيو. ننگرپارڪر، نندو ۽ نئون دمبالو شهر ۾ فليگ مارچ، مڪمل لاڪ ڊائون رهيو. ٻئي طرف ميرپورماٿيلو ۾ لاڪ ڊائون واري فيصلي تي عمل درآمد نه ٿيو دڪان ۽ مارڪيٽون کليل رهيون، هوڏانهن ٽنڊو آدم ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر اعجاز احمد جتوئي امير ٽاور تي ڇاپو هڻي مارڪيٽ ۾ کليل دڪاندارن کي دوڪان بند ڪرڻ جي هدايت ڪئي ته دڪاندارن ساڻس منهن ماري ڪئي، جنهن تي دوڪاندارن تي ڏنڊ ھڻڻ کان پوءِ سڄي مارڪيٽ کي سيل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته امير ٽاور جي مالڪ کي پوليس پنهنجي حراست ۾ وٺي ڇڏيو. ڦل ۾ پوليس ميڊيڪل اسٽور کان علاوه سڀ دڪان بند ڪرائي ڇڏيا، کير ۽ سبزي وارن پاران احتجاج ڪيو ويو. ٻئي طرف ٺاروشاهه، درٻيلو، مڄٺ، ڀورٽي، دلي پوٽا شھر پوليس مڪمل بند ڪرائي ڇڏيا. گپچاڻي ۾ سمورا دڪان کليل رهيا. گمبٽ ۾ بازارون بند ڪرايون ويون، ايس او پيز جي ڀڃڪڙي ڪندڙ وڌيڪ 10 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو 13 ڄڻن مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو. هوڏانهن ميرواهه گورچاني ۾ پاڪ آرمي ۽ پوليس رورل هيلٿ سينٽر جو دورو ڪري آئيسوليشن وارڊ جو معائنو ڪيو. ٻئي طرف ڪوٽ غلام محمد ۾ پاڪ فوج جو دستو پھچي ويو، احتياطي اپاءَ اختيار ڪرڻ بابت آگاھي ڏني وئي. مورو ۽ کڏڙو شهر پوليس مڪمل بند ڪرائي ڇڏيا.