سنڌ ۾ سڪيورٽي ٿريٽس آهن، ڪٿي به هٿيارن جي نمائش ٿي ته سخت ايڪشن ٿيندو: صوبائي گهرو وزير

0
54
سنڌ ۾ سڪيورٽي ٿريٽس آهن، ڪٿي به هٿيارن جي نمائش ٿي ته سخت ايڪشن ٿيندو: صوبائي گهرو وزير
سنڌ ۾ سڪيورٽي ٿريٽس آهن، ڪٿي به هٿيارن جي نمائش ٿي ته سخت ايڪشن ٿيندو: صوبائي گهرو وزير

نگران صوبائي گهرو وزير حارث نواز چيو آهي ته پولنگ بوٿ واري ڪمري ۾ ڪو به سڪيورٽي اهلڪار داخل نه ٿيندو، جيڪڏهن ضرورت پئي ته رينجرز اهلڪار اندر ويندا، سنڌ ۾ سڪيورٽي ٿريٽس آهن، ڪٿي به هٿيارن جي نمائش ٿي ته سخت ايڪشن ٿيندو، اليڪشن ڪميشن کي چونڊن لاءِ سموريون سهولتون فراهم ڪنداسين

نگران صوبائي گهرو وزير حارث نواز نگران وزيرن سان گڏيل پريس ڪانفرنس ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اليڪشن ۾ هٿيارن جي نمائش تي پابندي آهي، ڪٿي به هٿيارن جي نمائش ٿي ته سختي سان ايڪشن ورتو ويندو، اليڪشن ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي

هن چيو ته اسان اليڪشن ڪميشن جي معاونت ڪري رهيا آهيون، سنڌ ۾ چونڊن جون تياريون جاري آهن، سنڌ ۾ 5 هزار 954  نارمل ۽ 12 هزار کان وڌيڪ حساس پولنگ اسٽيشنز آهن، سڪيورٽي تي هڪ لک 22 هزار پوليس اهلڪار هوندا

هن چيو ته رينجرز ۽ پوليس پولنگ اسٽيشن جي ٻاهران هوندي،اندر رڳو پولنگ عملو هوندو، جيڪڏهن ضرورت پئي ته رينجرز اندر ويندي، 4 هزار 500 پولنگ اسٽيشنز تي ڪيمرا لڳائڻ جا انتظام مڪمل ڪري ورتا آهن

هن چيو ته پولنگ بوٿ وارن ڪمرن ۾ ڪو به سڪيورٽي اهلڪار دخل نه ٿيندو، جن پولنگ اسٽيشنز ۾ بجلي ناهي، اتي سولر لڳايا ويندا، اسان جي ڪوشش آهي ته شفاف ۽ اڻ ڌري اليڪشن ٿئي، امن امان کي بهتر بنائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻون پيا