ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ برسات بند نه ٿي، 13 ٻارن ۽ 08 عورتن سميت وڌيڪ 25 ڄڻا فوت، 115 کان وڌيڪ زخمي، 886 گهر ڊهي پٽ، حڪومت متاثرن جي سهائتا نه ڪري سگهي، هزارين خاندان دربدر، خبر موجب سکر جي نيو پنڊ، احمد نگر ڪالوني ۾ گهر جي ڇت ڪِرڻ جي نتيجي ۾ 35 ورهين جي شمائلا عباسي فوت ٿي وئي، جڏهن ته چانڊيا محلي ۾ ٻه ماڙ عمارت جي ڇت ڪرڻ سبب نينگر فائق ميمڻ فوت ٿي ويو

لکي غلام شاھ جي عاقل ڪالوني ۾ گهر جي ڀت ڪرڻ سبب نوجوان محمد يوسف سومرو فوت ٿي ويو، دوداپور ويجهو ڳوٺ ٻيلو وانڍ ۾گهر جي ڀت ڪرڻ سبب 7 ورهين جي ريما ڪٽوهر فوت ٿي وئي، جڏهن ته عورت جيجلان خاتون، 2 ٻارڙا عبدالستار ۽ محمد فاروق ڪٽوهر شديد زخمي ٿي پيا، ٺل جي ڳوٺ غلام مصطفي سومرو ۾ مرزا سومرو جي گهر جي ڇت ڪرڻ سبب 3 ورهين جو عبدالرحمان دٻجي فوت ٿي ويو، جڏهن ته فوتي نينگر جي ماءُ سلميٰ خاتون، صدف، صائما ۽ سلمان زخمي ٿي پيا، ڳوٺ سليمان ڊول ۾ ڀائي خان سومرو جي گهر جي ڇت ڪرڻ سبب ناري سلميٰ سومرو سخت زخمي ٿي پئي، شهدادڪوٽ ۾2 گهرن جون ڇتيون ڪرڻ سبب ڳورهاري عورت سميت 2 ڄڻا فوت ۽ 6 زخمي ٿي پيا

شهر جي وارڊ نمبر 5 ۾ محمد يوسف بروھي جي گهر جي ڇت ڪرڻ سبب سندس زال اميدان خاتون فوت ٿي وئي، جڏهن ته 2 نياڻيون 16 سالا قمرالنساءِ، 13سالا ثانيا ۽ گهر ڌڻي محمد يوسف بروھي سخت زخمي ٿي پيا، ڳوٺ چاڪياڻي ۾ خادم لنجواڻي جي گهر جي ڇت ڪرڻ سبب 22 سالن جي حاملا عورت صائما لنجواڻي دٻجي فوت ٿي وئي، جڏهن ته زخمين ۾ فوتڻ جو والد، امڙ ۽ ڀيڻ شامل آهن، لاڙڪاڻي جي ساگر ڪالوني ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب 50 ورهين جي عورت دٻجي فوت ٿي وئي، مختلف واقعن ۾ 60 کان وڌيڪ شهري زخمي ٿي پيا، جن کي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ داخل ڪرايو ويو، پير وسڻ ويجهو ڳوٺ تاج محمد سولنگيءَ ۾ گھر جي ڇت ڪرڻ سبب پيرسن عورت جمالان سولنگي دٻجي فوت ٿي وئي، جڏهن ته سندس 2 ڌيئرون وحيده ۽ گلڻ خاتون سولنگي شديد زخمي ٿي پيون، نئون ديرو ڀرسان ڳوٺ آباد ڀٽو ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب ارشاد انڙ دٻجي فوت ٿي ويوسنڌ ۾ سڀاڻي کان ٻيهر

خيرپور لڳ ڳوٺ مير خان شاهاڻيءَ ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب پورهيت محمد سچل شاهاڻي دٻجي فوت ٿي ويو، ڳوٺ منٺار جاگيراڻيءَ ۾ گهر جي ڀت ڪرڻ سبب نديم جاگيراڻي ۽ يامين جاگيراڻي، جڏهن ته ڳوٺ جمعو ڦلپوٽو ۾ مسمات پيراڻي ڦلپوٽو، ماروي، نينگري اريبا، اقصيٰ، وقار علي زخمي ٿي پيا، ڳوٺ وريو ڦلپوٽو ۾ مشتاق ڦلپوٽو، زاهده ڦلپوٽو سميت 15 ڄڻا گهرن جون ڀتيون ۽ ڇتيون ڪرڻ سبب زخمي ٿي پيا، مريد شاخ ويجهو ڳوٺ حضوري شاهه ۾ پورهيت عبدالقادر سولنگيءَ جو ڪچو گهر ڊهي پوڻ جي نتيجي ۾ سندس گهر واري اشرف خاتون ۽ ستن سالن جو پٽ نويد دٻجي فوت ٿي ويا، ڳوٺ ڪينچي مان لڏي گمبٽ ۾ دڪان اندر پناهه وٺندڙ نينگر اجمل کهڙو دڪان جي ڇت ڪرڻ سبب فوت ٿي ويو، جڏهن ته 2 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، گهوٽڪي ويجهو ڳوٺ مولودي چاچڙ ۾ برڪت علي ميرالي جي گهر جي ڇت ڪرڻ سبب سندس گهرواري 25 ورهين جي زبيده ميرالي فوت ٿي وئي، نئون ڳوٺ لڳ ڳوٺ احمد خان ڍلو ۾ پورھيت محمد خان ڍلو جو گھر ڪرڻ سبب سندس ھڪ سال جو پٽ پپو فوت ٿي ويو، جڏهن ته عورت زخمي ٿي پئي، جمال شاھ ڀرسان ڳوٺ رضا محمد راهو ۾4 ورهين جو ذوھيب علي راهو گهر اڳيان بيٺل برساتي پاڻي ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو، ڳيريلي ۾پرويز شاھ جي گهر جي ڇت ڪرڻ سبب2 ڀائر 13ورهين جو ڪاشان، 9 ورهين جو احتشام ۽ 7 ورهين جي بسمه دٻجي فوت ٿي ويا، ميھڙ جي ڳوٺ صابن ٻلھڙو ۾ گھر جي ڇت ڪرڻ سبب پيرسن عورت شرما خاتون زخمي ٿي پئي، جنهن کي اسپتال نيو ويو جتي هوءُ فوت ٿي وئي، بهرام ۾ گهرن جو ڇتيون ۽ ڀتيون ڪرڻ سبب 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن ۾ 4 سالن جو الهه بخش، 7سالن جو امام الدين، نويدا ۽ حوران شامل آهن

سٺ ميل ڀرسان ھوت فقير رند ۾گھر ڪرڻ سبب 40 سالا محمد بچل رند ۽ ڳوٺ ماڻو خان رند ۾ ڀت ڪرڻ سبب مسمات شھزادي زخمي ٿي پئي، ميهڙ جي ڳوٺ رسول بخش چانڊيو ۾ گھر ڪرڻ سبب پورھيت علي شير ۽ گھر جا 3 ڀاتي زخمي ٿي پيا، ٻئي پاسي نوشهروفيروز ۾ 3 سئو کان وڌيڪ گھر ۽ 80 دوڪان، سٺ ميل ڀرسان ڳوٺ غوث بخش رند ۾ 6 گھر، نئون ديرو ويجهو پير جو ڳوٺ، ننڍا موهل، پير جان محمد، صابل جوڻيجو، ڪوڙل ڪڙيو، خانواهه، سانول ۽ ٻين ڳوٺن ۾ 60 کان وڌيڪ گهر، راڄوخاناڻي ۾ 10 گهر، ڀٽ شاهه ۾ 200 گهر، ٽنڊو رحيم خان ۾ 300 گهر، وارھ ۾  اديب ۽ عوامي تحريڪ اڳواڻ عرفان منان، مختيار راڌاڻي، ڪنڍو فقير معرفاڻي، احمد شيخ، ڪاشف ماڇي، بشير ابڙو، فتاح چولياڻي، شريف چانڊيو، بشير لوهر ۽ ٻين جا گهر ڊھي پٽ ٿي ويا، هوڏانهن نوابشاهه، ميرپور خاص، ڦل، گپچاڻي، کپرو، کڏڙو، مقصودو رند، شهدادپور، جروار، رائونتي، مريد شاخ، ميرپور ماٿيلو، پنوعاقل، سکر، پير وسڻ، شاهپور چاڪر، ۽ ٻين هنڌن تي برسات پئي، جنهن ڪري متاثرن جي اهنجن ۾ اضافو ٿي ويو،سکر بيورو جي رپورٽ موجب ڪنڌرا ۾ پورهيت سبحان علي ٻرڙو جي گهر جي ڇت اوچتو ڪرڻ جي نتيجي ۾ سندس 8 ورهين جي نياڻي مديحا، 11 ورهين جو پٽ عامر حسين ۽ 10 ورهين جو فرزند علي معاويه ٿڏي تي ملبي هيٺيان دٻجي فوت ٿي ويا،  باقي گهر ڀاتين کي ڪڍيو ويو.  هڪ ئي گهر مان 4 ٻارڙن جا لاش کڃڻ تي علائقي ۾ سوڳ برپا ٿي ويو.

سنڌ ۾ برساتي تباهه ڪارين بابت 22 ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن پاران تفصيلي رپورٽ سنڌسرڪار حوالي، ڪراچي جي 7 ضلعن ۽ ٿرپارڪر کانسواءِ 22 ضلعن جي زراعت متاثر تباھه ٿيڻ بابت حڪومت کي تفصيلي آگاهي ڏني وئي، ملير ضلعي جون رڳو 2 ديهون متاثر قرار، سنڌ حڪومت گھوٽڪي، لاڙڪاڻو، ميرپورخاص، قمبر، دادو، بدين، سکر ۽ خيرپور سميت 22 ضلعن کي آفت سٽيل قرار ڏئي ڇڏيو

آفت سٽيل قرار ڏنل 22 ضلعن جي زميندارن جي خريف جي مند جي ڍل ۽ آبيانو معاف ڪيو ويو، جڏهن ته وفاقي سرڪار کي خط لکي 22 ضلعن جي زميندارن پاران زرعي بينڪن مان کنيل قرضن جي هڪ سال تائين اوڳاڙي نه ڪرڻ جي سفارش اماڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو ، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ته سنڌ ۾ ڪافي هفتن کان هلندڙ تيز برساتن سبب سنڌ جي 22 ضلعن ۾ خريف جي فصلن ڦٽي، سارين، مرچن  ۽ ڪمند کي ڪاپاري نقصان پهتو آهي

ڄاڻايل ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن پاران اهڙي رپورٽ سنڌ حڪومت حوالي ڪئي وئي آهي، جنهن بعد وڏي وزير سيد مراد علي شاھ جي مننظوري کانپوءِ بورڊ آف روينيو جي سينيئر ميمبر ۽ رليف ڪمشنر پاران  پرڳڻي جي 22 ضلعن بدين، دادو، گھوٽڪي، حيدرآباد، جيڪب آباد، ڪشمور، ڄامشورو،  خيرپور، لاڙڪاڻو، مٽياري، ميرپورخاص، عمرڪوٽ، نوشهروفيروز، شهيدبينظيرآباد، قمبر ، سانگھڙ، شڪارپور، سکر، ٽنڊوالهيار، ٽنڊومحمد خان، ٺٽو، ۽ سجاول ضلعن کي آفت سٽيل قرار ڏنو ويو آهي، جڏهن ته ملير ضلعي جون 2 ديهون ڪنڊ جھنگ ۽ گڏاپ متاثر ڄاڻايون ويون آهن

ان ڏس ۾  سنڌ حڪومت جو چوڻ آهي ته آفت سٽيل قرار ڏنل 22 ضلعن جي آبادگارن جي خريف جي مند جي ڍل ۽ آبيانو معاف ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڄاڻايل 22 ضلعن جي آبادگارن پاران زرعي بينڪ مان کنيل قرضن جي حوالي سان به سنڌ سرڪار پاران وفاقي سرڪار کي قرض اوڳاڙي هڪ سال لاءِ ملتوي ڪرڻ جي حوالي سان سفارشي خط اماڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. سانوڻي جي برساتن کان پوءِ سنڌ سرڪار پاران سمورن ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن کي هدايت ڪئي وئي هئي ته ضلعن ۾ برساتن سبب ٿيل نقصان جي حوالي سان تفصيلي سروي ڪيو وڃي، ڊپٽي ڪمشنرن پاران سروي مڪمل ڪري ڇرڪائيندڙ رپورٽ سنڌ حڪومت حوالي ڪئي وئي، جنهن ۾ ڄاڻايل ويو ته ڄاڻايل 22 ضلعن ۾ تيار فصل سڙي تباھ ٿي ويا آهن، ڊپٽي ڪمشنرن پاران رپورٽ ۾ به ڄاڻايل ضلعن کي آفت سٽيل قرار ڏيڻ جي سفارش ڪئي وئي هئي

ھي به پڙھندا

سنڌ ۾ جاري طوفاني وسڪارن ھزارين گهر اُجاڙي ڇڏيا، گھرن جون ڇتيون ۽ ڀتيون ڊھڻ سبب 35 ڄڻا اجل جو شڪار

سنڌ ۾برسات سبب وڌيڪ 57 ڄڻا فوت