سنڌ ڪابينا ۾ تبديليون ۽ هزار ڪهاڻيون

0
474

سنڌ ڪابينا ۾ ٿيل وڏين ۽ غير امڪاني تبدلين نه رڳو عوامي ۽ سياسي ڌرين کي حيران ڪري ڇڏيو آهي پر انهي سان پاڪستان پپيلز پارٽي ۽ سنڌ حڪومت جا اندروني معاملا به منظر عام تي اچي ويا آهن، جيڪي پهرين عوام کان لڪل هئا هڪ ئي وقت پنڊوار باڪس کلي ويو آهي.
نثار احمد کهڙو ۽ سهيل انور سيال جهڙن سينئر اڳواڻن جي سنڌ ڪابينا مان برطرفي پيپلز پارٽي جي هڪ اهڙي اندروني ڪهاڻي سامهون آندي آهي جيڪا هزار ڪهاڻين ۾ تبديل ٿي سگهي ٿي، جنهن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي اميدوار جميل سومرو کي گرينڊ ڊيموڪريٽيڪ الائنس ( جي ڊي اي) جي معظم عباسي شڪست ڏني هئي. جميل سومري کي انهي سيٽ تي ٽڪيٽ ڏيڻ جو پيپلز پارٽي جي قيادت جو فيصلو به هزار ڪهاڻين جو هڪ قصو آهي. جميل سومرو پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو سيڪريٽري آهي انهي ۾ اليڪٽ ايبلز (Electables )واري ڪا ڳالهه نه آهي.
جميل سومري جي شڪست تي پيپلز پارتي هڪ جاچ ڪميٽي جوڙي هئي. ڪميٽي اها رپورٽ بلاول ڀٽو ۽ آصف علي زرداري کي پيش ڪري ڇڏي هئي، جنهن ۾ شڪست جا سبب ٻڌايا ويا هئا. رپورٽ تي غور ڪرڻ ۽ ڪو فيصلو ڪرڻ لاءِ بلاول ڀٽو زرداري جي صدرات ۾ هڪ اجلاس ٿيو جنهن ۾ جاچ ڪميٽي جا ميمبر تاج حيدر ۽ مولا بخش چانڊيو کان علاوه نثار کهڙو، سهيل انور سيال، فريال ٽالپر ۽ جميل سومرو شرڪت ڪئي، انهي اجلاس ۾ ڪيتريون ئي ڪهاڻيون سامهون آيون ۽ فيصلا ٿيا.
انهي اجلاس ۾ اها ڳالهه به ٿي ته چونڊ مهم دوران ڪير بيمار ٿي اسپتال داخل ٿيو ته ڪير چونڊن مهم ۾ هئو ئي نه. انهي اجلاس ۾ ايس ايس پي لاڙڪاڻو مسعود بنگش جي بدلي تي به سوال ٿيندا رهيا ۽ آخرڪار اهو طئي ٿيو ته سهيل انور سيال کي ڪابينا مان ڪڍيو وڃي، جيڪو فريال ٽالپر جي تمام گهڻو ويجهو آهي رڳو انهي کي هٽائڻ سان ڪيترائي سوال پيدا ٿين ها تنهن ڪري نثار کهڙي کي به انهي سان ڳنڍيو ويو، جڏهن ته جاچ رپورٽ ۾ انهي تي ڪا به چارج شيت نه ٺهي سگهي هئي.
هاڻي انهي ڪهاڻي سان ڳنڍيل هزار ڪهاڻين جي قصي ڏانهن اچون ٿا. نثار کهڙو عام چونڊن 2018 ع ۾ نا اهل ٿي ويوهو ، اهو به هڪ داستان آهي. هو 2008 ع ۽ 2013 ع جي عام چونڊن ۾ به وڏ وزارت جومضبوط اميدوار هو پر وڏ وزير نه ٿي سگهيو، اهو به هڪ داستان آهي. 2018 ع ۾ جيڪڏهن هو نا اهل نه ٿئي ها ته وڏ وزارت جو عهدي ۾ کيس نظر انداز ڪرڻ مشڪل هجي ها. عام چونڊن ۾ پي ايس 11 لاڙڪاڻي تي سندس نياڻي ندا کهڙو جي شڪست به هڪ ڪهاڻي آهي، جنهن جي ڪا به جاچ نه ٿي. سهيل انور سيال جي ڪابينا مان برطرفي به هڪ ڪهاڻي آهي ڇو ته کيس فريال ٽالپر جو اعتماد حاصل هو،۽ هو هڪ مرحلي تي پيپلز پارٽي جو مضبوط ترين اڳواڻ ٿي ويو هو، جيڪو پنهنجي وزارت کانسواءِ ٻيون وزارتون به هلائيندو هو ۽ کيس وڏ وزارت جو اميدوار تصور ڪيو پئي ويو، انهي کي فريال ٽالپر ڇو نه بچائي سگهي، اها به هڪ ڪهاڻي آهي.
نثار کهڙو جون ڇڏيل ٻئي وزارتون ڪيئن ورهايون ويون، انهي ۾ به ڪيتريون ئي ڪهاڻيون آهن. هڪ وزارت يونيورسٽيز اينڊ بورڊز اسماعيل راهو کي ڏني وئي آهي ۽ ان کان زراعت جو قلمدان واپس ورتو ويو آهي. انهي جي پٺيان هڪ قصو اهو آهي ته پيپلز پارٽي جي قيادت بدين ضلعي ۾ آيل چئلينجز سبب ايندڙ چونڊن ۾ ٻي حڪمت عملي تي غور ڪري رهي آهي. ٺٽي جا شيرازي به پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿي خوش ناهن، انهن کي ڪابينا ۾ ڪا نمائيندگي ناهي ملي. اسماعيل راهو کان زراعت جو قلمدان واپس وٺي منظور وساڻ کي ڏنو ويو آهي، جنهن کي پارٽي قيادت جي پهرين واري خوشنودي حاصل نه هئي ۽ انهي کي گهڻي عرصي کان حڪومت ۽ پارٽي ذميواريون نه مليون هيون، هاڻي کيس زراعت جهڙي اهم وزارت ڏيڻ جي پٺيان ڪهاڻي اها آهي ته کيس پيپلز پارٽي سنڌ جو صدر ڪري سگهجي ٿو. انهي امڪاني فيصلي جي نتيجن کان اڳوڻي وڏي وزير قائم علي شاهه هڪ اطلاع مطابق بلاول ڀٽو کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. نثارکهڙو جي ٻي اهم وزارت ورڪس اينڊ سروسز ٽنڊوالهيار جي نوجوان سنڌ اسميبلي جي ميمبر ضياءَ عباس شاهه کي ڏني وئي آهي. انهي جي پٺيان هڪ ڪهاڻي آهي. سهيل انور سيال واري وزارت آبپاشي جو قلمدان ڄام خان شورو جي حوالي ڪيو ويو آهي، جيڪو پهرئين دور حڪومت ۾ سنڌ ڪابينا جو طاقتور وزير هو ۽ مڪاني ادارن جهڙي وزارت وٽس هئي، پوءِ اوچتو هو منظرتان غائب ٿي ويو ۽ هاڻي ٻيهر کيس اهم وزارت ملي وئي آهي، اها به هڪ ڪهاڻي آهي. ڪراچي مان پيپلز پارٽي جي اڀرندڙ اڳواڻ سعيد غني کان تعليم جو قلمدان واپس ورتو ويو آهي. جڏهن ته هن نه رڳو پنهنجي وزارتن ۾ گهڻي محنت ڪئي آهي بلڪه پيپلز پارٽي ڪراچي ڊويزن جي صدر جي حيثيت ۾ هن ڪراچي ۾ پيپلز پارٽي لاءِ گهڻو ڪم ڪيو آهي. قومي اسيمبلي تڪ اين اي 249 ڪراچي جي ننڍي چونڊ ۾ پيپلز پارٽي جي اميدوار قادر مندو خيل جي ڪامابي جو ڪريڊٽ سعيد غني ڏانهن وڃي ٿو. سعيد غني ڪراچي مان پيپلز پارٽي جو قدآور سياسي اڳواڻ ٿي ويو آهي. انهي کان تعليم وزارت کسڻ ۽ سيد ناصر شاهه جي اطلاعات واري وزارت ڏيڻ پٺيان به ڪيتريون ڪهاڻيون آهن. مرتضيٰ وهاب ڪراچي جو ايڊمنسٽريٽر ٿيڻ سان گڏوگڏ سنڌ حڪومت جو ترجمان هوندو ۽ سعيد غني بدران مرتضيٰ وهاب پيپيلز پارٽي ڪراچي جو ليڊر هوندو.
سيد سردار شاهه کي تعليم جي وزارت ٻيهر ڇو ڏني وئي آهي؟ انهي جي پٺيان به صلح صفائي جي ڪهاڻي آهي. ٽنڊوالهيار جي امداد پتافي وٽ پهرين ورڪس اينڊ سروسز جي وزارت هئي انهي کي اها وزارت ڏيڻ بجاءُ ٽنڊوالهيار جي ضياءَ عباس شاهه کي اها وزارت ڏني وئي، اهو به الڳ قصو آهي. سنڌ ڪابينا ۾ ڪا اهڙي تبديلي ناهي ڪئي وئي جيڪا روايت کان هٽيل هجي، چهرن جي مٽا سٽا ڪئي وئي آهي.وڌيڪ پئسن واريون وزارتون هڪ مخصوص لابي وٽ آهن، باقي ماڻهن وٽ وزارتون ته آهن پر هلائيندو ڪو ٻيو آهي. حڪومت هلائڻ ۾ ڪيترائي سسٽم ڪم ڪندا آهن. ڪابينا ۾ ميرٽ يا ڪارڪردگي جي بنياد تي فيصلا ناهن ٿيا، ڪابينا ۾ تبديلي سان رڳو وڏي وزير مراد علي شاهه جي وڌيڪ مضبوط ٿيڻ جو تاثر ملي ٿو. اهو سهي آهي ته سنڌ ۾ پيپلز پارٽي کي اپوزيشن مان وڏو سياسي چئيلنج ناهي پر پيپلز پارٽي جي قيادت جهڙي طرح فيصلا ڪري رهي آهي، خاص ڪري ڪابينا ۾ جيڪي تبديليون ڪيون ويون آهن انهن مان لڳي ٿو ته پارٽي کي ايندڙ چونڊن ۾ ڏکيائيون نظر اچي رهيون آهن. انهي جو سبب اهو آهي جو پي ايس 11 لاڙڪاڻي ۾ پارٽي قيادت ٻه ڀيرا شڪست جا اصل سبب ڳولي نه سگهي آهي، انهي لاءِ پارٽي جي اندر جون لابيون پارٽي قيادت تي اثرانداز ٿي رهيون آهن ۽ اهڙي ڪابينا ٺهي رهي آهي جنهن سان نه رڳو ناراضگيون بلڪه اختلاف به سامهون ايندا. هاڻي اهي حالتون ناهن رهيون جو جميل سومرو يا ان جهڙي ماڻهن کي ٽڪيٽ ڏني وڃي ته پارٽي هرحال ۾ کٽي وڃي ۽ شڪست جا اصل سبب ڄاڻڻ بدران ڪاوڙ ۾ فيصلا ڪيا وڃن.