سنڌ واسين جي سخت دٻاءَ کانپوءِ معدنياتي وسيلن واري نيلامي به رد

0
333
سنڌ واسين جي سخت دٻاءَ کانپوءِ معدنياتي وسيلن واري نيلامي به رد
سنڌ واسين جي سخت دٻاءَ کانپوءِ معدنياتي وسيلن واري نيلامي به رد

ڪراچي: سنڌ واسين جي سخت دٻاءَ کانپوءِ صوبائي معدنيات کاتي 4 آگسٽ تي رٿيل معدنياتي وسيلن واري نيلامي به رد ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ جي مختلف علائقن مان معدنيات جي مائيننگ ۽ نيلامي لاءِ پهرين آگسٽ جي تاريخ مقرر ڪئي وئي هئي

بعد ۾ نيلامي ملتوي ڪندي 4 آگسٽ جي نئين تاريخ مقرر ڪئي وئي هئي، نوٽيفڪيشن موجب 4 آگسٽ تي رٿيل نيلامي به رد ڪئي وئي آهي، 4 آگسٽ واري نيلامي لاءِ 29 جولاءِ تي اشتهار جاري ڪيا ويا هئا

اشتهارن ۾ سنڌ جي مختلف علائقن مان ليڪ سالٽ، چائنا ڪِلـَي، ماربل، گريول، ريتي بجري ۽ ٻين معدنيات جي مائيننگ ۽ نيلامي جو اعلان ڪيو ويو هو

عوام جي سخت احتجاج کانپوءِ معدنيات کاتي کي هڪ ڀيرو ٻيهر نيلامي رد ڪرڻي پئي

هن کي به پڙهندا

ڪارونجهر جي نيلامي ۽ ڪٽائي: سنڌ ايڪشن ڪاميٽي پاران به گڏيل احتجاج جو اعلان

ڪارونجهر جبل جي نيلامي خلاف ننگرپارڪر ۾ ريلي