سنڌ نئين عظيم تاريخ کي جنميو آهي

0
77
سنڌ نئين عظيم تاريخ کي جنميو آهي

  سنڌ هڪڙي نئين عظيم تاريخ کي جنميو آهي، اُن تاريخ دنيا تي چٽو ڪيو آهي ته اسان وطن جي وڻ ٽڻ، فطرتي نظارن ۽ اُن ۾ جيئندڙ جيوت جا عاشق آهيون. مٺي ۾ شڪار ڪيل معصوم هرڻن جي قتل تي نه رڳو شديد احتجاج ڪيو ويو پر اُنهن هرڻن کي پوري محبت ۽ اعزاز سان دفن ڪري پنهنجي فطرت جي بقا جو وچن به ڪيو ويو. ٿر مان جنم وٺندڙ هن نئين عظيم روايت ۽ نئين تاريخ کي قومي سلام پيش ڪجي ٿو. اسان اڄ ثابت ڪيو آهي ته اسان پنهنجي وطن سنڌ جي مالڪي ڪنداسين ۽ اُن جي فطرت، تهذيب، ثقافت جي بقا اسان جي بقا آهي. (فيس بوڪ وال تان ورتل)