سنڌ مان قانون جي گمشدگي!

0
167
عام چونڊن جو اهم مرحلو به تڪميل تي پهتو!

گمشدگيءَ جي ڪنهن اشتهار ۾ اهو پڻ ڄاڻايو ويندو آهي ته، “(گم ٿيل) پاڻ پڙهي ته موٽي اچي، کيس ڪجهه به نه چيو ويندو”، اهي ئي لفظ سنڌ مان “گم ٿيل” قانون جي گمشدگيءَ جي اشتهار ۾ به لکي سگهجن ٿا. قانون سنڌ مان “گم” آهي يا کنڀي گم ڪيو ويو آهي. حڪمران عوام کي چون ٿا ته قانون سنڌ ۾ موجود آهي. نه صرف موجود آهي، پر ان جي عملداري به قائم آهي، رڳو عوام جي بصارت (سماعت به) خراب آهي ۽ ساڳئي وقت جڏهن حڪمرانن کي ڪمانڊوز جي گهيري ۾، بلٽ پروف گاڏين ۾ هلندي ڏسون ٿا ته، ذهن حڪمرانن جي ان دعوا تي ويساهه ڪرڻ کان روڪي ٿو ۽ ڪثرت سان ٿيندڙ قبيلائي دهشتگرديءَ جا واقعا به حڪمرانن جي دعوا کي قبوليت ڏيڻ ۾ رنڊڪ آهن. حڪمرانن جي، قانون جي عملداريءَ وارين دعوائن جي نفي ڪندڙ هڪ اهڙو ئي واقعو شڪارپور ضلعي ۾ مدئجي ڀرسان جهٻر شيخ ٿاڻي جي حد ۾ ڪچي واري علائقي ۾ پڻ رپورٽ ٿيو آهي، جتي جوڻيجا ۽ ڪلهوڙا برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ هلندڙ پراڻي خوني تڪرار تان ڌرين هڪٻئي مٿان جديد هٿيارن سان فائرنگ ۽ راڪيٽ لانچر جا گولا فائر ڪيا ويا، ٻنهي ڌرين جا 6 ڄڻا مارجي ويا. خبرن موجب، چئن ڪلاڪن تائين جاري فائرنگ سبب علائقو نو گو ايريا بڻجي ويو، ماڻهو گهرن تائين محدود ٿي ويا، پوري علائقي ۾ سخت خوف ۽ هراس پکڙجي ويو. اطلاع باوجود عوام جي ٽيڪسن جي ناڻي تي چٽي بڻجي پلجندڙ پوليس واقعي واري هنڌ وڃڻ بدران فائرنگ بند ٿيڻ جو انتظار ڪندي رهي. خوني تڪرار ۾ هن وقت تائين 38 انساني جانيون ضايع ٿي چڪيون آھن. فائرنگ بند ٿيڻ کانپوءِ پوليس مارجي ويلن جا لاش کڻائي پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقي اسپتال مدئجي پهچايا.

هونئن ته سڄي سنڌ ۾ امن امان جي حالت اهڙي نه آهي، جنهن کي بهتر ته پري جي ڳالهه، اطمينان جوڳي به چئي سگهجي، پر سمورن ضلعن مان به شڪارپور “انسانن جي شڪار گاهه” وارو تعارف برقرار رکندو اچي، جتي قبيلائي دهشتگردي عروج تي آهي. سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته اسان پاڻ کي قوم سڏايون ٿا ۽ قبيلو ته ارتقا جي ادنيٰ درجي تي هوندو آهي، پر هتي ته سڄي اُڻت قبيلائي نظر ايندي. اهي ئي ڪيترين پيڙهين کان هلندڙ قبيلائي جهيڙا، اهي ئي عورتن جي قتل جا واقعا. اهي ئي ماڻهن جا اغوا. جوڻيجا ۽ ڪلهوڙا برادري جي جهيڙي ۾ هيستائين 38 حياتيون ضايع ٿي چڪيون آهن. اهو تعداد ته هڪ خوني تڪرار جو آهي. هن ضلعي ۾ هڪ ئي وقت ڪيترائي تڪرار هلندڙ آهن ۽ سوين ماڻهو انهن جهيڙن ۾ مارجي ويا آهن، پر سنڌ جي منتظمين کي ته ڪا به پرواهه ناهي. اهي وڏي عرصي کان انتهائي ‘عفو ۽ درگذر’ جو مظاهرو ڪندي ڏسندا رهيا آهن، ڄڻ ته امن امان انهن جي آئيني ۽ منصبي ذميواري ئي نه هجي! هن جديد دور ۾ سنڌ ۾ اهي قديم زمانن واريون حالتون ڇو آهن؟ قديم زمانن ۾ ائين تڏهن ٿيندو هو، جڏهن اڃا رياست جو وجود نه هوندو هو، جڏهن وسندين تي لشڪر هلان ڪندا هئا، لُٽ مار ڪري، ماڻهو ماري وستين کي تاراج ڪندا هئا. ڳوٺن ۽ شهرن کي اجاڙي ڇڏيندا هئا. تڏهن نه ڪو قانون هوندو هو ۽ نه ئي ڪا مرڪزي حڪومت. شڪارپور ضلعي ۾ به قانون، جي موجود هجي ها ته ان جو فولادي هٿ ضرور حرڪت ۾ اچي ها. ان قبيلائي دهشتگرديءَ ۾ 6 ڄڻا قتل نه ٿين ها.

سنڌ ۾ امن امان جون حالتون ته اڳ ۾ به خراب هيون، اڳ ۾ به قبيلائي دهشتگردي ٿيندي هئي پر نگرانن جي هن دور ۾ سنڌ ۾ قانون جي موجودگيءَ کي ڪنهن به ريت ثابت نٿو ڪري سگهجي. جڏهن به ڪو اهڙو واقعو ٿئي ٿو ته پوليس اتي وڃڻ بدران جهيڙو ختم ٿيڻ جو انتظار ڪندي آهي. ڄاڻايل جهيڙي ۾ جديد هٿيارن سان فائرنگ ۽ راڪيٽ لانچر جا گولا فائر ڪيا ويا آهن. سوال اهو آهي ته اهي جديد ۽ ڳرا هٿيار هتي ڪيئن ٿا پهچن؟ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته جهيڙيندڙ ڌرين کي بي هٿيار ڪري خوني جهيڙن جو خاتمو آندو وڃي. سنڌ ۾ جديد ۽ خطرناڪ هٿيارن جي پهچ ۽ وڪرو بند ڪرايو وڃي.