“سنڌ طاس معاهدي” ۾ سنڌ سان ٿيل تاريخي ناانصافي

0
20
“سنڌ طاس معاهدي” ۾ سنڌ سان ٿيل تاريخي ناانصافي

(ٻيون ۽ آخري حصو)

  آمريڪا ورلڊ بئنڪ جي صدر جي معرفت ٻه خط لکرايا. ان حوالي سان حسن عباس چئي ٿو ته، “نومبر 1951ع ۾ ورلڊ بئنڪ هڪ ٻيو خط لکيو، جنهن ۾ پاڻي جي ورهاست لاءِ پورو فارمولو ڏنو ويو ۽ ان سان گڏ اهو پڻ چيو ويو ته ٻئي ڌريون ماضي نه پر مستقبل جي حوالي سان ڳالهيون ڪنديون، ڇو ته پاڪستان جو ماضي جي حوالي سان ڪيس مضبوط هو. تنهن ڪري هاڻي ورلڊ بئنڪ جي صدر پاران رڳو مستقبل جي ڳالهه ڪرڻ جو سڌو مطلب ته پاڪستان جي ڪيس کي ڪمزور ڪرڻ هو”. ان دوران ٻنهي ملڪن ورلڊ بئنڪ کي خط لکيا. انهن خطن ۾ پاڪستان ۽ ڀارت ڪهڙن دريائن ۽ ڪيتري پاڻي تي پنهنجي دعويٰ ڪئي، ان حوالي سان حسن عباس بيان ڪري ٿو ته، “1953ع ۾ ٻنهي ملڪن لکت ۾ پنهنجو پنهنجو موقف ورلڊ بئنڪ جي آڏو پيش ڪيو، جنهن ۾ ڀارت لکيو ته اوڀر طرف وارا درياءُ اسان کي ڏنا وڃن. جنهن ۾ بياس، ستلج، راوي ۽ ان سان گڏ ست سيڪڙو پاڻي اولهه طرف وارن دريائن مان ڏنو وڃي. پاڪستان لکيو ته اسان کي اولهه وارن دريائن جو پاڻي سئو سيڪڙو ڏنو وڃي ۽ 30 سيڪڙو پاڻي اوڀر وارن دريائن مان پڻ ڏنو وڃي. ان حوالي سان ڳالهين جا ٻه ٽي دور هليا ڪو به حل نه نڪري سگهيو”. ان کانپوءِ ورلڊ بئنڪ جي صدر جنرل ويلر چيو ته اهي ٻئي نٿا مڃين، تنهن ڪري آئون حل ڪڍي ڏيندس. هن ڪهڙو حل ڪڍيو، ان حوالي سان حسن عباس لکي ٿو ته، “هن هڪ سرحدي لائين ڪڍي ۽ چيائين ته هن پاسي جيڪو ڪجهه آهي، اهو ڀارت کڻي ۽ هن پاسي جيڪو ڪجهه آهي، اهو پاڪستان کڻي. جنهن جي معنيٰ 100 سيڪڙو اوڀر وارا دريا ڀارت ۽ اولهه وارا دريا سئو سيڪڙو پاڪستان جي حصي ۾ آيا. جيئن ئي اهو فارمولو آيو، ڀارت ان کي قبول ڪيو. پاڪستان اعتراض ڪيو ۽ چيو ته اوڀر وارن دريائن تي اسان جي پنجاب جي اڌ کان وڌيڪ زمين آباد ٿي رهي آهي، تنهن ڪري اسان ائين دريا نٿا ڏئي سگهون”. پاڪستان وڏي حد تائين مٿي ذڪر ڪيل فارمولي کي قبول ڪيو، ڇو ته ان کي فائدو هو پر اصل ۾ سنڌ جيڪا هڪ ڌر طور ان معاهدي ۾ شامل هئي، تنهن کي شامل نه ڪيو ويو. هاڻي پاڪستان جي حڪمرانن ۽ اعليٰ آفيسرن لاءِ اها هڪ وڏي رڪاوٽ هئي. تنهن کي ڪيئن ختم ڪن يا مُنهن ڏين، ان حوالي سان حسن عباس چوي ٿو ته، “هاڻي پاڪستان ۽ ڀارت جون ميٽنگون ورلڊ بئنڪ جي خرچ تي ڪڏهن روم، ڪڏهن لنڊن، ڪڏهن واشنگٽن، ڪڏهن ڪراچي ته وري ڪڏهن دهلي ۾ ٿي رهيون هيون. هڪڙي ميٽنگ 1954ع ۾ روم ۾ ٿي. ان ۾ ڀارتي وفد خاموش هو، سڄو بحث پاڪستاني وفد ڪري رهيو هو. بحث ان ڳالهه تي هو ته جيڪڏهن مٿي ذڪر ڪيل فارمولي تي عمل ٿا ڪريون ته پنجاب (پاڪستان وارو) کي گهڻين جڳهين تي تمام فائدو آهي ۽ سنڌ کي تمام گهڻو نقصان آهي. ائين سمجهو ته اهو بحث بنيادي طرح سنڌ ۽ پنجاب جو هو. پوءِ 1955ع ۾ پاڪستان ۾ ون يونٽ لاڳو ٿي ويو. ان کانپوءِ ڳالهين ۾ پاڪستان جو هڪ يونٽ يعني اولهه پاڪستان ۽ ڀارت جو هڪ يونٽ جيڪو ڀارتي پنجاب هو، ان وچ ۾ ڳالهيون ٿيڻ لڳيون، يعني سنڌ جو ڪردار ختم، سنڌ جو بحث ختم”. يعني هڪڙي وڏي سازش وسيلي سنڌ کي پاسي تي ڪري ان کان نه صرف نمائندگي جو حق کسيو ويو پر ان جي غير موجودگي ۾ هن سان پاڻي ٺاهه ۾ تاريخي ناانصافي ڪئي وئي. هاڻي پاڪستان جي حڪمران طبقي لاءِ ڀارت سان معاملا طئه ڪرڻ آسان ٿي ويو. حسن عباس چوي ٿو ته، “1958ع ۾ جنرل ايوب خان اچي ويو. ايوب خان کان پهرين ورلڊ بئنڪ سان جيڪي ڳالهيون ٿي رهيون، تن ۾ چيو ويو ته ورلڊ بئنڪ ڀارت کي ٻه ڊيم ٺاهڻ ۾ مدد ڪندو. هڪڙو بياس دريا تي ‘پونگ ڊيم’ ۽ ٻيو راوي دريا تي. ان سان گڏ ڀارت هڪڙي ٽئين ڊيم ‘باکرا’ تي ڪم جاري رکيو. جيئن ته پاڪستان هيٺيون حصيدار هو ۽ ڀارت ان جي اجازت نه ورتي هئي، اهو ڪم انهن 1948ع کان ئي شروع ڪري ڇڏيو هو. فيروزپور هيڊورڪس، جيڪو هو اهو باءِ پاس ٿي ويو. انهن لنڪ ڪئنال ٺاهيا، جيڪي راوي کان پاڻي کڻي هري هيڊورڪس کي ڀريندا هئا ۽ ان کان هيٺ ڀارتي پنجاب جو جيڪو راجسٿان آهي، اتي جيڪي ڪئنال آهن، اتي ڪم شروع ٿي ويو. اهي سڀ وڏا پراجيڪٽ هئا، جيڪي معاهدي کانسواءِ مڪمل ٿي رهيا هئا. اهو سڀ ڪجهه ان وقت جي عالمي قانون يا اصول جي خلاف هو. پاڪستان انهن جي خلاف اٿي کڙو ٿئي ها ته اهو ڪم غيرقانوني ثابت ٿي وڃن ها. ايوب خان چيو ته توهان ڀارت کي ڊيم ٺاهي پيا ڏيو ته اسان کي به ڊيم ٺاهي ڏيو، ته ان تي هڪڙي اسٽڊي ٿي ۽ چيو ويو ته توهان کي ڊيم جي ضرورت ناهي، ڇو ته توهان جو آبپاشي نظام دريا جي وهڻ تي آهي، اهو بلڪل توهان جي زراعت سان ٺهڪندڙ آهي. جنهن فصل کي گهڻو پاڻي گهرجي، اهو گرمي ۾ ٿئي ٿو ۽ جنهن فصل کي ٿورو پاڻي گهرجي، اهو سياري ۾ ٿئي ٿو، تنهن ڪري توهان وٽ گرمين ۾ گهڻو پاڻي اچي ٿو ۽ سردين ۾ ٿورو پاڻي اچي ٿو، توهان کي ڊيم جي ضرورت ناهي. پر پاڪستان چيو ته نه اسان کي ڊيم ضرور ٺاهي ڏيو. اصل ۾ ڇا هو ته ڊيم جي تعمير جي پويان پيسا ۽ ٻيا گهڻا فائدا انهن کي نظر پئي آيا. هيڏانهن پاڪستان تي زور ڏنو ويو ته هو پهرين معاهدو ڪري پوءِ ڊيم ٺاهي ڏينداسين. ڇو ته اهي ڏسن پيا ته مٿي ڀارت ۾ جيڪي هو پاڻي ۽ ڊيمن جي حوالي سان پراجيڪٽن تي ڪم ڪري آيا هئا، اهي سڀ قانون جي پڪڙ ۾ اچي پئي سگهيا، جي پاڪستان انصاف جي عالمي عدالت ۾ ويو ته. ايوب خان چيو ته اسان کي پيسو ملي رهيو آهي ۽ ڊيم ملي رهيا آهن. اسان معاهدي تي صحي ڪريون ٿا. هاڻي جڏهن ڀارت وارن کي خبر پئجي وئي ته پاڪستان کي پيسا ۽ ڊيم ملي رهيا آهن ۽ معاهدو انهن جي مجبوري ٿي پيو آهي، ته انهن به استادي ڪري چيو ته اولهه وارن دريائن مان جيڪو اسان کي 7 سيڪڙو پاڻي ملندو، ان جو ڇا ٿيندو؟ پوءِ ائين ٿيندو جيئن ڀارت چاهيو، يعني معاهدي جي صورت ۾ ڀارت کي اولهه وارن دريائن مان ست سيڪڙو پاڻي ڏيڻ قبول ڪيو ويو ۽ اوڀر وارن دريائن جو سئو سيڪڙو پاڻي جيڪو ڀارت 1953ع ۾ چاهيو پئي، ان کي اهو مليو. اسان ان معاهدي کي اقوام متحده موڪلي قانوني ڪرائي ڇڏيو. يعني پاڪستان صحي ڪري اهو تسليم ڪيو ته ڀارت جيڪو ڪيو اهو قانون مطابق هو”.

صرف قرض ۽ پيسا ملڻ جي لالچ ۾ پاڪستان ڀارت سان هڪ اهڙو ٺاهه ڪيو، جنهن ۾ پاڪستان ۽ خاص طور تي سنڌ کي هڪ وڏو ۽ تاريخي نقصان رسايو ويو. هاڻي پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ پاڻي تي هڪڙي قسم جو جهيڙو آهي، ان حوالي سان حسن عباس چوي ٿو ته، “هن وقت پاڪستان ۽ ڀارت جا جيڪي پاڻي جي حوالي سان جهيڙا ٿي رهيا آهن، اهي اولهه وارن دريائن تي ٿي رهيا آهن. اوڀر وارن دريائن تي ڪو جهيڙو ناهي. ڇو ته اهي اسان انهن کي ائين ڏئي ڇڏيا آهن. اولهه واري دريائن تي بگهليار جو جهيڙو، ڪشن گنگا جو جهيڙو ۽ ٻيا جهيڙا آهن. هاڻي توهان معاهدي کي غور سان پڙهندا ته ان ۾ ڏسندا ته تقريبن اولهه وارن دريائن جي پاڻي مان جيڪو ست سيڪڙو آهي، ان مان ڀارت پنهنجي ست لک ايڪڙ زمين آباد ڪري سگهي ٿو ۽ ان سان گڏ اتي پاڻي کي جمع پڻ ڪري سگهي ٿو، جيڪو تقريبن 4 کان 8 ملين ايڪڙ فوٽ تائين ٿي وڃي ٿو. يعني پاڪستان 10 کان 12 ايڪڙ ملين فوٽ پاڻي ڀارت کي مفت ۾ ڏئي ڇڏيو”. هڪڙي پاسي اهو ڪيو ويو ته وري ٻئي پاسي ڀارت مان جيڪي گندا نالا وهي پاڪستان آيا پئي، ان بابت ڀارت ڇا چيو، ان حوالي سان حسن عباس لکي ٿو ته، “ڀارت سمجهي ويو ته هاڻي هي قرض وٺڻ جي لاءِ راضي ٿي ويا آهن ۽ معاهدو به ڪندا ته ان چيو هي جيڪي اسان جا گندي پاڻي وارا نالا آهن، اهي پاڪستاني دريائن ۾ وهندا رهندا. جنهن ۾ مشهور اڊيالا ڊيم جيڪو بحريا ٽائون لاهور مان گذري ٿو، قصور جو ڊرين هو، سليم شاهه ڊرين وغيره. ڀارت جي اوڀر پنجاب جي شهرن لوڌيان، هوشيارپور، امرتسر، جالنڌر، اهي سڀئي نالا انهن شهرن جي وچ مان گذرن ٿا، جتي انڊسٽري لڳل آهي، دنيا جهان جو زهريلو ڪچرو، صنعتي زهريلو مواد، گهريلو گندو پاڻي، هيوي ميٽل، نڪل، ڪرومنيا وغيره اهو سڄو گند ڪچرو پاڪستان ۾ وهي اچي ٿو. اڃا اڳتي انهن چيو ته هي راوي ۽ ستلج جو بيلٽ ته خالي ٿي ويو آهي ۽ اتان دريا بند ٿي ويو آهي، اتي به اسان پنهنجو گند اڇلائينداسين. ٻيو ان معاهدي ۾ لکيو ويو آهي ته ٻئي پارٽيون ٻوڏ جو پاڻي ڇڏي سگهنديون. ٻئي پارٽيون ڪيئن؟ پاڻي ته صرف هڪڙي پارٽي ڀارت ڇڏي سگهندي، جيڪڏهن پاڪستان پاڻي ڇڏيندو ته اهو واپس پاڪستان ايندو. پر اهو ساڳيو اصول اتي نه لکيل آهي. ٻئي ملڪ گندا نالا گڏجي صاف ڪندا، اتي لکيل آهي ته اهو ڪم پاڪستان پاڻ ڪندو. هاڻي اهڙيون جٺون به پاڪستان سان ڪيون ويون آهن ۽ پاڪستان اهي معاهدي جي صورت ۾ قبول ڪيون”.