ڪراچي: سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي عمارت ۾ واڌ واري پراجيڪٽ بابت ھاءِ ڪورٽ بار ۽ ايڊووڪيٽ جنرل کي گڏيل طور رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آھي. ھاءِ ڪورٽ بار جي صدر موقف اختيار ڪيو ته ھاءِ ڪورٽ جي ٻنھي پاسن کان سنڌ سيڪريٽريٽ طور ڪم ايندڙ بيرڪون ختم ڪري اھا زمين ھاءِ ڪورٽ کي ڏني وڃي. جنھن سان مستقبل جي ضرورتن کي پورو ڪري سگھجي ٿو، جڏهن ته ٻنھي پاسن وارن بيرڪن تي نئين منصوبي خلاف اسٽي آرڊر کي جاري رکيو وڃي، جنھن تي چيف جسٽس چيو ته خبر ناھي تھ سنڌ سرڪار ڄاڻايل بيرڪس واري ھنڌ بھ ڪو پلازا ٺاھي نه ڇڏي؟ عدالت ھاءِ ڪورٽ بار جي صدر ۽ ايڊووڪيٽ جنرل کي گڏجي ويھي ڄاڻايل معاملي تي غور ڪرڻ ۽ گڏيل رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ڪارروائي ملتوي ڪري ڇڏي.