سنڌ سرڪار صحت کاتي جي ملازمن جي احتجاج جو نوٽيس ورتو، ڪميٽي قائم

0
245

ڪراچي:سنڌ سرڪار گرينڊ هيلٿ الائنس جي سڏ تي جاري هيلٿ ملازمن جي احتجاج جو نيٺ نوٽيس ورتو، صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي سربراهيءَ ۾ 5 رڪني ڪميٽي قائم ڪئي وئي آھي، نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو

صوبائي وزير شرجيل ميمڻ سان گڏ ڪميٽي ۾ سيد ناصر شاهه، سعيد غني، صحت ۽ ناڻي کاتي جا سيڪريٽريز به شامل، ڪميٽي کي گرينڊ هيلٿ الائنس جي اڳواڻن سان ڳالهيون ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏنو ويو

ڪراچي ۾ پوليس پاران تشدد ۽ تذليل بعد گرفتار ڪيل صحت کاتي جي 4 عورت ملازمن سميت سمورا مظاهرين آزاد ڪيا ويا آھن، ملازم مطالبن جي مڃتا لاءِ سنڌ سيڪريٽريٽ کان سي ايم هائوس ڏانهن وڌيا ته پوليس مٿن ڪڙڪي پئي، عورت ملازمن کي روڊ تي گهلي تذليل ڪئي وئي

صحت کاتي جا ملازم ڊي جي سائنس ڪاليج وٽ ڌرڻو هڻي ويهي رهيا، مطالبا تسليم ٿيڻ تائين احتجاج جاري رکڻ جو اعلان ڪيو ويو آھي، گرينڊ هيلٿ الائنس پاران صوبي جي سمورين اسپتالن ۾ او پي ڊيز جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو ويو

 حيدرآباد، لاڙڪاڻو، دادو، سکر، ٺٽو، مديجي ۽ ٻين شهرن ۾ به مظاهرا، ميروخان، ڇاڇرو، ڏاهلي، مٺي، مورو ۽ ڪنڌڪوٽ ۾ به احتجاج جاري آھي

ھي به پڙھندا

ڪراچي ۾ احتجاج ڪندڙ صحت کاتي جي ملازمن تي تشدد ۽ تذليل: 9 گرفتار