ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) آءِ بي اي ٽيسٽ پاس ڪندڙ استادن جي ڀرتين واري معاملي ۾ 27500 استادن جي ڊيٽا بيس ملڻ باوجود آءِ ڊيز نه ٺاهڻ تان  6 ضلعن جا اڪائونٽس آفيسر راڊار تي اچي ويا، اڪائونٽنٽ جنرل سنڌ پاران 6 ضلعي اڪائونٽس آفيسرن تي ڪاوڙ جو اظهار،ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب  تعليم کاتي ۾ تازو آءِ بي اي ٽيسٽ پاس ڪرڻ بعد ڀرتي ٿيل پي ايس ٽيز ۽ جي اِي ايس ٽيز جي ڀرتين واري عمل ۾ ڊي اِي اوز کانپوءِ اڪائونٽس آفيسرن جي رڪاوٽ به سامهون اچي وئي آهي، اي جي سنڌ پاران دادو، مٽياري، جيڪب آباد، ٽنڊومحمد خان، حيدرآباد ۽ ڪشمور ضلعن جي اڪائونٽس آفيسرن کي خط لکي مٿن سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي، خط ۾ چيو ويو آهي ته مليل ڊيٽا بيس آڌار استادن جون آءِ ڊيز ٺاهيون وڃن، واضح رهي ته انهي کان اڳ تعليم کاتي پاران به ضلعي ايجوڪيشن آفيسرن کي 6 هزار استادن جو ڊيٽابيس جمع نه ڪرائڻ تان آخري وارننگ ڏني وئي آهي.