ٽنڊو ڄام(رپورٽ: مبين مگسي )سي ٽي پوليس ڪارروائي ڪري ٽنڊو ڄام جي مظفرآباد واري علائقي مان عزيزالله پٺاڻ نالي شخص کي گرفتار ڪري ورتو آهي،مٿس سرڪار جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو، ڪيس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته عزيز الله پٺاڻ پابندي مڙهيل تنظيم جو غيرملڪي مالي مددگار آهي، گرفتار شخص افغاني شهري آهي، جيڪو بغير پاسپورٽ جي ٽنڊو ڄام ۾ رهيل هو، عزيز الله پٺاڻ پاڪستاني شهري بڻجي ڪيترن ئي سالن کان رهي رهيو هو، گرفتار ٿيل شخص پابندي مڙهيل تنظيم لاءِ چندو گڏ ڪندو آهي،گرفتار ٿيل شخص وٽان چندي جو پرچيون ۽ گڏ ڪيل رقم به هٿ آئي آهي، سي ٽي ڊي پوليس ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. ذريعن موجب گرفتار افغاني جي ڀاءُ جو پاڪستان جو شناختي ڪارڊ ٺهيل آهي، جڏهن ته عزيز الله پٺاڻ جي گهر واري ۽ سندس ٻه ٻار به ٽنڊو ڄام ۾ ترسيل هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، ٻڌايو پيو وڃي ته عزيزالله پٺاڻ ٽنڊو ڄام ۾ جوا هلائيندو، ٽنڊو ڄام پوليس وري ان کان منٿلي وٺندي هئي.