ڪراچي(رپورٽ: اياز بروهي) سنڌ ھاءِ ڪورٽ جيلز کاتي ۾ ترقين خلاف داخل ڪيل درخواست تي 19 ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ پرزن ( ڊي ايس پي) جيلز جي عھدي تي ڏنل ترقين وارو گهروکاتي جو نوٽيفڪيشن معطل ڪري ڇڏيو، عدالت ترقين بابت 30 ڊسمبر 2020 تي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۽ 12 جنوري 2022ع واري سرڪيولر تي عملدرآمد روڪڻ جو حڪم ڏيندي اي جي سنڌ کان 18 مارچ تي جواب طلب ڪري ورتو، ان ڏس ۾ گھرو کاتي 16 گريڊ جي 19 اسسٽنٽ سپرنٽينڊنٽس کي  17 گريڊ  ۾ ڊپٽي سپرنٽينڊنٽس  طور ترقي ڏيڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ھو،  جن ۾ فرزانه بلوچ، غلام سرور ڪيريو، نثار بلوچ، مقبول ميمڻ، صدا زرداري ۽ ٻين شامل آهن، درخواست موقف اختيار ڪيو هو ته اهي ترقيون قانون ۽ محڪماڻن رولز جي ابتڙ آھن، پروموشن لاءِ گھٽ ۾ گھٽ 5 سال جي سروس ۽ جسماني طور فٽ ھجڻ لازمي آھي پر  جيلز کاتي جي صلاحڪار اعجاز جکراڻي جي سفارش تي آفيسرن کي ترقيون ڏنيون ويون، جڏهن ته صلاحڪار کي ترقين بابت ڪو اختيار ناھي.