ڪراچي(رپورٽ:فقير سليم) پي ٽي آءِ سنڌ ۾ پ پ سرڪار کي ٽف ٽائيم ڏيڻ لاءِ چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي سميت گذريل 10 سالن کان سنڌ ۾ مقرر وفاقي آفيسرن توڙي نيب سان پلي بارگين ڪندڙن کي هٽائڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو، ڏوهن ۽ منشيات جي روڪٿام لاءِ اينٽي نارڪو ٽڪس فورس، ايف آءِ اي ۽ رينجرز ڪارروايون ڪندا، اهڙي تصديق ڪندي سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته سنڌ ۾ پي ٽي آءِ پاران گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ جو ڪو ارادو ناهي، هتي وزيراعظم راڄ لاڳو ڪيو ويندو، وزيراعظم ۽ وفاقي حڪومت سنڌ واسين جي مدد لاءِ پنهنجا سمورا اختيار استعمال ڪندا، هن چيو ته وفاقي حڪومت سنڌ ۾ ترقياتي ڪم ڪرائڻ سميت منشيات جي روڪٿام لاءِ آپريشن جو فيصلو ڪيو آهي ، اينٽي نارڪوٽڪس فورس ۽ ٻيا ادارا منشيات فروشن ۽ ڌاڙيلن جو گهيرو تنگ ڪندا، جن به آفيسرن نيب سان پلي بارگين ڪئي آهي يا سنڌ ۾ سروس جو مدو پورو ڪري چڪا آهن، انهن سمورن آفيسرن کي سنڌ مان نيڪالي ڏني ويندي، هن چيو ته ارباب غلام رحيم ايماندار سياستدان آهي، کيس سنڌ جي معاملن جي ذميواري ڏني وئي آهي، سنڌ مان ڪيترائي اهم ماڻهو پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيندا، 8 آگسٽ تي وفاقي وزير مخدوم شاه محمود قريشي ٿر پهچي اقليتن سان يڪجهتي جو اظهار ڪندو