سنڌ جي پاڻي جي چوري ۽ ڌاڙا ڪير بند ڪرائيندو؟

0
189
سنڌ جي پاڻي جي چوري ۽ ڌاڙا ڪير بند ڪرائيندو؟

سنڌ پاڻي جي معاملي تي مختلف ناانصافيون ڀوڳي رهي آهي،جنهن ڪري سنڌ جي زراعت کي نقصان پهچي رهيو آهي.گذري ويل سانوڻي ۾ برساتون پيون ۽ سسٽم ۾ پاڻي وڌيڪ هو ته اهو واڌو پاڻي به سنڌ ڏانهن ڇڏيو ويو جنهن ڪري برساتن ۽ انهي ٻوڏ جي پاڻي سنڌ ۾ وڏي تباهي مچائي ۽ جڏهن وري پاڻي کوٽ ٿيندي آهي ته پنجاب پاڻي روڪي پنهنجي پورت ڪندو آهي ۽ سنڌ ۾ فصل سڪندا رهندا آهن، آبادگار ته احتجاج تي مجبور هوندا آهن پر سنڌ جا ڪيترائي علائقا پيئڻ جي پاڻي کان به محروم هوندا آهن.ٻوڏ دوارن اضافي پاڻي جو بندوبست ڪيو ويو ته چشما جهلم ۽ تونسا پنجند لنڪ ڪينال ٺاهيا ويا جيڪي ٻوڏ دوران کوليا ويندا ته جيئن سسٽم تي دٻاءُ نه ٿئي  پر هتي قصو ان جي ابتڙ هلي رهيو آهي جڏهن ٻوڏ هوندي آهي ته سسٽم ۾ موجود واڌو پاڻي به سنڌ ڏانهن موڪليو ويندو آهي  جنهن ڪري سنڌ انهي موسم ۾ هر وقت خطري هيٺ هوندي آهي جڏهن وري پاڻي کوٽ هوندي آهي ته سنڌ جي پورت جو خيال ڪرڻ بدران پنجاب اهي ٻئي فلڊ ڪئنال کولي ڇڏيندو آهي جنهن سان سنڌ سوڪهڙي جو شڪار ٿيندي آهي مطلب ته ٻڏي ته به سنڌ ۽ جي سڪي ته به سنڌ ۽ هن سال سنڌ انهن ٻنهي مرحلن مان گذري آهي. اڳ ۾ سنڌ ٻوڏ هيٺ هئي هاڻي وري سڪي رهي آهي.

سنڌ جي انهي پاڻي چوري يا سينا زوري تي ڪو ازالو نه ٿو ٿئي ڇاڪاڻ ته پنجاب  منڍ ۾ هئڻ جو ڀرپور ناجائز فائدو حاصل ڪري رهيو آهي ۽ پاڻي جي ورڇ جي ذميوار اداري ارسا سميت وفاقي حڪومت به پنجاب جي انهي ڏاڍ جو ڪو نوٽيس نه ٿي وٺي.ڪجهه وقت اڳ قومي اسيمبلي ۾ پاڻي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ اهو معاملو آيو ته جيڪو پاڻي سنڌ لاءِ ڇڏيو ويو ان مان تقريبن ويهه هزار ڪيوسڪ پاڻي پنجاب ۾ ئي چوري ٿي ويو ۽ سنڌ ۾ گهٽ پاڻي پهتو جنهن ڪري سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي پورو نه مليو ته اتان وري بلوچستان لاءِ گهٽ پاڻي ڇڏيو ويو. اڃا انهي مسئلي جو ئي ڪو حل نه نڪتو ته هاڻي وري هڪ ٻيو مسئلو سامهون آيو آهي ته پنجاب اهي ڪينال کولي پاڻي کڻي رهيو آهي جيڪي صرف ٻوڏ ۾ استعمال ڪري سگهجن ٿا.خبر آهي ته پنجاب جي آبپاشي کاتي هڪ ڀيرو وري تڪراري سي جي لنڪ ڪينال کولي ڇڏيو آهي. گذريل ڇنڇر ڏينهن پنجاب جي آبپاشي کاتي سي جي لنڪ ڪينال مان 3021 ڪيوسڪ پاڻي کنيو، جڏهن ته 12 فيبروري تي پنجاب جي آبپاشي کاتي سي جي لنڪ ڪينال مان پاڻي جي کڻت وڌائي 5 هزار ڪيوسڪس تي آڻي ڇڏي، پنجاب جي آبپاشي کاتي سي جي لنڪ ڪينال مان پاڻي جي کڻت 3 جنوري تي بند ڪئي هئي، 38 ڏينهن کان پوءِ پنجاب جي آبپاشي کاتي سي جي لنڪ ڪينال کي ٻيهر کولي پاڻي کڻت شروع ڪئي، ان کان اڳ هلندڙ ربيع سيزن دوران پنجاب جي آبپاشي کاتي پهرين آڪٽوبر کان 3 جنوري تائين تڪراري سي جي لنڪ ڪينال مان مسلسل 3 لک 22 هزار 664 ڪيوسڪ پاڻي کڻي چڪو آهي، 11 ۽ 12 فيبروري دوران پنجاب 8021 ڪيوسڪ پاڻي سي جي لنڪ ڪينال مان کنيو، مجموعي طور تي هلندڙ ربيع سيزن دوران 3 لک 30 هزار 685 ڪيوسڪس پاڻي کڻي چڪو آهي،  ٽي پي لنڪ ڪينال مان پنجاب جي آبپاشي کاتي پاڻي کڻت پهرين جنوري کان بند ڪئي هئي،  پر پنجاب جي آبپاشي کاتي 31 ڊسمبر  تائين تڪراري ٽي پي لنڪ ڪينال مان به هلندڙ ربيع سيزن دوران 5 لک 90 هزار 871 ڪيوسڪ پاڻي کڻي چڪو آهي.مطلب ته پنجاب ٻوڏ جي سيزن ختم ٿيڻ کانپوءِ ايه ٻئي فلڊ ڪينال وهائي نه صرف معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي پر گڏوگڏ سنڌ جي اڳ ئي ٻوڏ ۾ تباهه ٿي ويل زراعت کي وڌيڪ تباهه ڪرڻ جو سبب بڻجي رهيو آهي.

اسان سمجهون ٿا ته پنجاب جي هن روش جو نه رڳو ارسا پر وفاقي حڪومت کي به نوٽيس وٺڻ گهرجي جنهن سان ٻن صوبن ۾ پاڻي جي معاملي تي بدگمانيون پيدا ٿي رهيون آهن ۽ سنڌ سان سراسر ناانصافي ڪئي پئي وڃي.جيڪڏهن اها پاڻي جي چوري ۽ فلڊڪينال وهائڻ جي سينا زوري ختم نه ٿي ته سنڌ زراعت ته ٺهيو پيئڻ جي پاڻي لاءِ به پريشان هوندي.