سنڌ جي مختلف علائقن ۾ سرڪاري زمينن تان قبضا ڇڏائڻ لاءِ آپريشن، ڪيترائي گھر ۽ دڪان ڊاھي پٽ

0
566
حيدرآباد: حددخلين خلاف

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف علائقن ۾ سرڪاري زمينن تان قبضا ڇڏائڻ لاءِ آپريشن جاري، قبو سعيد خان ۾ قبو شاخ جي آر ڊي 19 جي ڪنارن تي قبضن خلاف ٻئي ڏينهن به آپريشن، آبپاشي عملي ڳري مشينري سان دڪان، ڪيبن ۽ ٻيون اڏاوتون ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيون، متاثرن جون دانهون، ڪنڊياري جي ڪچي ۾ ٻيلي کاتي جي زمينن تان قبضن خلاف ٻئي ڏينهن به آپريشن، عملي وونئڻ، تر ۽ جوئر سوڌو ٻيو فصل ڀيلي جهڏيو، حيدرآباد ۾ بدين روڊ تي ريلوي جي زمين تان قبضا ڇڏائڻ لاءِ به آپريشن جاري، ريلوي اختيارين جو چوڻ آهي ته آپريشن دوران 4.14 ڪنال زمين خالي ڪرائي وئي آهي، ريلوي جي زمين تي غيرقانوني طور تعمير ٿيل پيٽرول پمپ، هڪ سي اين جي اسٽيشن ۽ اسٽورز ڊاهي پٽ ڪيا ويا.