سون وري مهانگو، تولو هڪ ٻيرو بيهر هڪ لک 12 هزارن جو ٿي ويو

0
404
سون 234000 رپين جي تاريخي اگهه تي پهتو: ڊالر 289.5 رپيا ٿي ويو
سون 234000 رپين جي تاريخي اگهه تي پهتو: ڊالر 289.5 رپيا ٿي ويو

ڪراچي (ڪامرس نيوز) سڄي ملڪ ۾ هڪ ڀيرو وري سون جو في تولو مهانگو ٿي ويو آهي ۽ نئين قيمت هڪ لک 12 هزار رپين کان وڌي وئي آهي. عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون جي قيمت ۾ ته گهٽتائي ٿي، عالمي مارڪيٽ ۾ سون 9 ڊالر في اونس جي حساب سان سستو ٿيو ۽ قيمت هڪ هزار 904 ڊالر ٿي وئي. عالمي مارڪيٽ ۾ قيمتون گهٽجڻ باوجود ملڪي صرافا مارڪيٽن لاهور، ڪراچي، اسلام آباد، پشاور، ڪوئيٽا، حيدرآباد، سکر، راولپنڊي، گجرانوالا ۽ ٻين شهرن ۾ في تولو ۽ 10 گرام سون جي قيمت ۾ اضافو ٿيو. سون جي نئين قيمت هڪ لک 12 هزار 100 رپيا في تو لو ۽ 10 گرام جي قيمت 96 هزار 108 رپيا ٿي وئي. چاندي جي قيمت هڪ هزار 440 رپيا رهي.