ملير (رپورٽر) آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم چيو آهي ته تاريخي قبرستان چوڪنڊي فنڪارانه مهارت ۽ نقش ونگاري جو اعليٰ نمونو آهي، چوڪنڊي جي مقبرن ۽ قبرن جي تعميراتي ترتيب ۽ طرز تعميرات ڪاريگري ۽ هنرمندي جي قابليت کي ظاهر آهي، سنڌ جي تاريخي ماڳ چوڪنڊي قبرستان جي دوري دوران هن چيو ته چوڪنڊي سميت سنڌ جي تاريخي ماڳ مڪانن کي ِ يونيسڪو جي سهڪار سان بهتر بڻايو ويندو، جنهن سان سياحت جي صنعت کي هٿي ملندي. ان موقعي تي ثقافت واري وزير سيد ذوالفقار علي شاهه چيو آهي ته پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ لاڳاپا مضبوط ۽ دوستاڻا آهن، ٻنهي ملڪن وچ ۾ سياحتي لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيارڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، اسان سياحن  لاءِ ويزا پاليسي ۾ نرمي ڪنداسين، هتي سياحن کي سازگار ماحول فراهم ڪيو ويندو، هن چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو جي خواهش آهي ته سنڌ جي سياحت ۽ ثقافت جي دنيا آڏو الڳ سڃاڻپ ڪرائي وڃي، صوبائي وزير سيد ذوالفقار شاهه آمريڪي مهمانن کي اجرڪ، ٽوپي  ۽ موهن جي دڙي جي ماڊل پيش ڪيا.