سنڌ جي زراعت لاءِ 24 ارب رپيا مختص، هارين لاءِ اهم اعلان

0
196
هارين لاءِ اهم اعلان
سنڌ جي زراعت لاءِ 24 ارب رپيا مختص، هارين لاءِ اهم اعلان

ڪراچي: سنڌ جي بجيٽ ۾ آبپاشي جي بجيٽ وڌائي 24 ارب رُپيا رکي وئي، سالياني ترقياتي پروگرام ۾ زراعت ۽ آبپاشي جي اسڪيمز لاءِ 36 ارب رُپيا مخصوص  ڪيا ويا آهن

 هارين لاءِ ٻِج، ڀاڻ ۽ جيت مار دوائن جي مد ۾ 3 ارب رُپيا سبسڊي رکي وئي، ڪئنالن جي صفائي لاءِ 7 ڪروڙ 70 لک ۽ آبپاشي منصوبن جي سار سنڀال لاءِ 5 ارب رُپيا مخصوص ڪيا ويا آهن

صحت لاءِ 207 ارب رپيا رکيا ويا، پي پي ايڇ آءِ لاءِ 11 ارب رُپين جي مالي امداد جو اعلان پڻ ڪيو ويو آهي

 ڊائلاسز جي مريضن جي مفت علاج لاءِ ڊائلاسز سينٽرز کي 155 ملين رُپيا امداد ڏني ويندي، ٿيليسيميا جي مريضن جي علاج لاءِ قائم 10 سينٽرز کي 290 ملين ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي

سنڌ جي 1700 ارب رُپين جي ٽئڪس فري خساري واري بجيٽ پيش، پگهارن ۾ واڌ جو اعلان: اپوزيشن جو گوڙ

 

سرڪاري ملازمن کي 15 سيڪڙو ايڊهاڪ رليف الائونس ڏيڻ جو اعلان

 

سنڌ جي بجيٽ: ڪهڙي شعبي لاءِ ڪيترا پئسا مختص ٿيا؟