سنڌ اسيمبلي ۾ سنڌ پوليس آرڊر ترميمي ايڪٽ بل اپوزيشن جي غير موجودگي ۾ منظور

0
215
سنڌ ۾ نئون مڪاني

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي سنڌ پوليس آرڊر ترميمي ايڪٽ بل اپوزيشن جي غير موجودگي ۾ منظور ڪري ورتو، صوبائي وزير مڪيش ڪمار ايوان ۾ بل پيش ڪيو جيڪو منظور ڪيو ويو، بل بابت ڳالهائيندي مڪيش ڪمار جو چوڻ هو ته پوليس اهلڪار امن جي قيام لاءِ قربانيون ڏئي رهيا آهن، شهيدن جي خاندانن جي ڪفالت بهتر ٿيڻ گهرجي، ڊيوٽي دوران مستقل معذور ٿيندڙ پوليس اهلڪارن کي سموريون مراعتون ملنديون، ترميمي ايڪٽ ۾ چيو ويو آهي ته پوليس جي شهيد اهلڪارن جي گهرڀارتي کي ان جي تعليمي قابليت تي ملازمت ڏني ويندي، قانوني سازي وقت اپوزيشن ميمبرز ايوان ۾ موجود نه هئا.