سنڌڙي(ن پ ا) کيراھو شاخ جي پڇڙي جي آبادگارن جو ڌرڻو، پوليس جي خاطري تي روڊ کوليو ويو، جمڙائو ڪئنال مان نڪرندڙ کيراھو شاخ جي آبادگارن جو غلام حسين مري، عيسو مري، اشرف درس، غلام رسول درس جي اڳواڻي ۾ ميرپورخاص ـ سنڌڙي روڊ بلاڪ ٽريفڪ معطل، اڳواڻن جو مطالبو ھو ته  کيراھو جي ٽيل مڪمل نٿي ٿئي، فصل تباھ آھن، پاڻي آبپاشي وارا مٿي وڪرو ٿا ڪن، ھيٺ پئيڻ جو پاڻي نٿو پھچي، ان دوران مسافرن ۽ مظاھرين ۾ چڪريون ٿينديون رھيون، بعد ۾ پوليس جي خاطري تي 2 ڪلاڪن کانپوءِ روڊ کوليو ويو.