سنڌي ٻولي کي دٻائڻ سان نقصان اردو کي به ٿيندو: لطيف فيسٽيول ۾ مقررن جو خطاب

0
182

اياز لطيف پليجو چيو آهي ته جيئن مائرون سڀ سٺيون آهن تيئن شاعر به سڀ سٺا آهن، هر ڪنهن کي پنهنجي ماءُ وڻندي آهي، شاهه لطيف کي به هتي جيئن پيش ڪرڻ گهرجي ائين پيش ڪيو ويو آهي

ڪراچي ۾ چوٿين لطيف آرٽ اينڊ لٽريچر فيسٽيول ۾ خطاب ڪندي اياز لطيف پليجو چيو ته شاهه لطيف هڪ عالمي للڪار ۽ جنجهوڙيندڙ ڪردار آهي، لطيف کي سنڌ تائين محدود ڪرڻ زيادتي آهي

ڊاڪٽر فهميده حسين چيو ته سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ سنڌي پڙهائڻ تي پابندي وارو معاملو وڌندو پيو وڃي، سنڌي ٻولي کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ان جو نقصان اردو ٻولي کي به ٿيندو

وفاقي وزير مدد علي سنڌي ان صورتحال جو نوٽيس وٺندي مضبوط موقف اختيار ڪري، جامي چانڊيو چيو ته شاهه لطيف کي نون رخن کان پيش ڪرڻ جي سٺي روايت وڌي وئي آهي

هن چيو ته اسان جو تاريخ ڏانهن رويو مجموعي طور رومانٽڪ رهيو آهي، شاهه لطيف تي مذهب جا به اثر هئا، هو هڪ گهڻ پاسائي شاعر آهي