سنڌو سلطنت ۽ ڪتاب ۾ بند درياهه

0
187
سنڌو سلطنت ۽ ڪتاب ۾ بند درياهه

  سنڌو درياھ، جنهن جو وجود اڄ کان تقريبن پنج ڪروڙ سال پھرين هندو ڪش ۾ يورو ايشين ۽ انڊين پليٽس جي ٽڪرائجڻ ڪري آيو هو، انهيءَ تي شهزاد احمد حميد جو اردو ۾ لکيل ڪتاب “سنڌو سلطنت” هڪ دستاويز جي حيثيت رکي ٿو. سنڌو درياھ تي هر دور ۾ ڪتاب لکجندا رهيا آھن پر ان سان گڏ يا ان ۾ سفر ڪري لکيل ڪتاب جيڪي منهنجي نظر مان گذريا آهن، انهن ۾ ايلس البينا جو “ايمپائرس آف دي انڊس”، رضا علي عابدي جو “شير درياهه” ۽ بدر ابڙي جو “سنڌو جو سفر” شامل آهن. انهيءَ کان علاوه سنڌ آبپاشي کاتي طرفان دريائي بندن جي سار سنڀال لاءِ ڇپايل “بند مينيوئل 1978ع” ۾ پڻ سنڌو درياهه متعلق مواد موجود آهي، خاص ڪري سنڌوءَ جي ڀرتو ندين جو ذڪر تفصيل سان ٿيل آهي.

                 مٿي ذڪر ڪيل محققن مان صرف انگريز اسڪالر ايلس البينا واحد محققه آهي، جيڪا سنڌو سڀيتا جو رستو ڏسڻ لاءِ سنڌو درياهه جي ڇوڙ يعني انڊس ڊيلٽا کان وٺي، ان جي منڍ “سينخاباب” (شينهن جو منهن) تائين وئي آهي. سنڌو درياهه جو منڍ سڀ کان پهرين انگريز محقق ‘ويم مور ڪرافٽ’ مانسرور ڍنڍ ڄاڻايو، جڏهن ته 1907ع ۾ سوئيڊن جي محقق سيون هيڊن “سينخاباب” ڄاڻايو آهي. مٿي ذڪر ڪيل ڪتاب جي مصنفه پاڻ لکيو آهي ته هوءَ تبت ۽ هندستان جي اثر هيٺ ڪشمير واري علائقي کانسواءِ باقي سڄو مفاصلو سنڌوءَ جي وهڪري سان گڏ هلي ۽ سفر دوران جيڪا به ڄاڻ هن کي حاصل ٿي، اها ڪتاب ۾ شامل ڪئي اٿس. سنڌوءَ جي منڍ کان انڊس ڊيلٽا تائين ڍيڳهه 2050 ميل ڄاڻائي آهي، جنهن ۾ منڍ کان تربيلا تائين 1100 ميل، تربيلا کان جناح بئراج (ڪالاباغ) تائين 150 ميل  ۽ جناح بئراج (ڪالا باغ) کان سمنڊ تائين 800 ميل جو مفاصلو ڄاڻايو اٿس. تبت، سري نگر واري ڪشمير جو احوال ليکڪ رضا علي عابدي جي ڪتاب “شير درياهه” تان وٺڻ جو اعتراف ڪيو آهي. هي ڪتاب سفرنامي کان وڌيڪ سنڌو درياهه جن علائقن مان وهي ٿو، ان جي جاگرافي/تاريخ يا ثقافت جو آئينو چئي سگهجي ٿو. حقيقت ۾ هن ڪتاب کي سنڌو درياهه تي تحقيق جي ذمري ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو. ڪتاب جو مهاڳ ٽيليويزن جي دنيا جي وڏي نالي حسن نثار لکيو آهي. جنهن ۾ هن لکيو آهي ته هي ڪتاب تاريخ جي شاگردن لاءِ اهڙو گلدستو آهي، جنهن جا گل ڪڏهن به نه ڪومائجندا، پر وقت سان گڏ انهن جي خوشبوءِ ۾ اضافو ٿيندو ۽ هن اهو به لکيو آهي ته درياهه کي ڪتاب ۾ بند ڪيو ويو آهي. مصنفه هي ڪتاب منفرد انداز ۾ لکيو آهي. جيئن اڳي لوڪ داستان جا قصا ڳايا ۽ ٻڌايا ويندا هئا، انهيءَ طرز تي ڄڻ  سنڌو درياهه ڪو قصو ٻڌائيندو ويو ۽ ليکڪا اهو پنن تي اتاريندي وئي. ائين ڪتاب قصي گوئي جي انداز ۾ لکيو ويو آهي. مصنفه، سنڌو درياهه جتان شروع ٿئي ٿو، اتي ان کي ننڍڙي ٻار سان تشبيهه ڏني آهي ۽ پوءِ جيئن اڳتي وڌي ٿو، ان ۾ ٻيا درياهه اچي شامل ٿين ٿا ۽ درياهه جواني جو روپ اختيار ڪري ٿو ۽ آخر جڏهن انڊس ڊيلٽا تائين پهچي ٿو ته اتي ان جي حالت ڪنهن مرڻينگ جيان پويان پساهه کڻندڙ لڳي ٿي.

آبپاشي کاتي طرفان ڇپايل “بند مينيوئل 1978ع” ۾ مختلف ڀرتو ندين جي ڪمانڊ ايريا جو ذڪر آهي، پر سنڌو درياهه سان ملڻ جو هنڌ ڄاڻايل نه آهي. مصنفه اها کوٽ پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ليکڪا مطابق سڀ کان پهريون زاسڪر درياهه ڪشمير جي تاشي گانگ واري هنڌ تي سنڌو درياهه سان اچي ملي ٿو، ان کانپوءِ لداخ درياهه سنڌو سان همسفر ٿئي ٿو. بند مينيوئل ۾ ڀرتو ندين ۾ لداخ درياهه جو ذڪر نه آهي. اڪثر ائين ٿيندو آهي جو مقامي ماڻهن وٽ نالو هڪ هوندو آهي ته سرڪاري کاتي ۾ انهيءَ جو نالو ٻيو ڄاڻايل هوندو آهي. انهيءَ ڪري اهو ممڪن آهي ته سرڪاري طرح لداخ جو ٻيو ڪو نالو هجي. دراس درياهه ڪشمير جي لائن آف ڪنٽرول کان هندستان جي طرف سنڌو درياهه سان ملي ٿو. ائين ممڪن آهي ته دراس ۽ لداخ هڪ ئي درياهه جا نالا هجن. پاڪستان ۾ سڀ کان پهرين شيوڪ درياهه (Shyok River) سنڌو درياهه جي ساڄي پاسي تي چومندو جي هنڌ تي اچي ملي ٿو. اهڙي ريت تربيلا کان مٿي سنڌو سان، درياهه شگر، جنگلوٽ کان ست ڪلوميٽر هيٺ درياهه گلگت ۽ بنجي کان ٿورو پهرين درياهه استور اچي ملن ٿا. اٽڪ وٽ درياهه ڪابل ٻن ٻين دريائن سوات ۽ چترال جو پاڻي کڻي اچي سنڌو سان ملڻ جو ذڪر ڪيو اٿس. حقيقت ۾ درياهه چترال جو منهن پاڪستان ۾ آهي، جتان پوءِ افغانستان طرف وڃي ٿو، جتي ان کي ڪنار درياهه جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو، جيڪو جلال آباد ويجهو درياهه ڪابل سان ملي ٿو، جڏهن ته درياهه سوات، وري وارسڪ ڊيم کان ٿورو هيٺ درياهه ڪابل جي کاٻي پاسي اچي ملي ٿو. حقيقت ۾ انهيءَ علائقي ۾ ڪابل درياهه جي ساڄي پاسي بابا درياهه نالي سان هڪ ندي اچي ملي ٿي، ان جو ذڪر نه ڪيو اٿس. ليکڪا مطابق پنجاب ۾ اٽڪ کان هيٺ نياب باغ جي هنڌ تي درياهه هيرو، خوشحال ڳڙهه وٽ درياهه ڪوهاٽي ۽ نيري ۽ پير پائي وٽ درياهه سون اچي سنڌو درياهه ۾ شامل ٿين ٿا. مصنفه درياهه سون جي ميلاپ وٽ ڪالاباغ ڊيم منصوبي جو هنڌ ڄاڻايو آهي، جنهن جي نه ٺهڻ جو هن کي افسوس آهي. چشما بئراج کان پهرين گومل ۽ ڪرم  درياهه جو سنڌو درياهه ۾ ملڻ جو ذڪر ڪيو اٿس. حقيقت ۾ درياهه ڪرم پاڻ سان گڏ ٻن ٻين دريائن توچي ۽ ڪٽو جو پاڻي کڻي اچي سنڌو ۾ ڇوڙ ڪري ٿو. ڪرم توچي، ڪٽو ۽ گومل درياهه افغانستان مان پاڪستان طرف اچن ٿا. پنجاب جي حدن ۾ اڀرندي دريائن جو پاڻي پنجند وٽ ملي اتان مٺن ڪوٽ وٽ اچي سنڌو درياهه سان ملي ٿو. سنڌ ۾ ڪو به ڀرتو ندي/درياهه نه آهي. مصنفه سنڌو سڀيتا جو ذڪر پاڪستاني تهذيب ڄاڻائيندي، مهر ڳڙهه جي حوالي سان ان کي ست هزار سال پراڻو ڄاڻايو اٿس.

مصنفه ديا مير ڀاشا ڊيم جو ڪم دير سان شروع ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪندي لکيو آهي ته ڊيم جو نالي خاطر ٽي دفعا افتتاح ڪيو ويو، پر ڪم شروع نه ٿيو. اڳتي هلي لکيو اٿس ته هاڻي چين جي ڪمپني اهو ڪم زور و شور سان ڪري رهي آهي ۽ ڊيم مان جيڪا بجلي ٺهندي، اها ملڪي ضرورت پوري ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي. ان کان پهرين مصنفه پن بجلي جي حوالي سان لکيو آهي ته هڪ جاپاني رپورٽ مطابق ملڪ جي اترين علائقن ۾ پنجويهه هزار ميگا واٽ پن بجلي پيدا ڪرڻ جي گنجائش آهي، جيڪا ملڪي ضرورتن کان وڌيڪ آهي. مصنفه ڊيم ٺهڻ ڪري ٺهندڙ بجلي جو ذڪر ته ڪيو آهي پر ڊيم ٺهڻ ڪري ٿيندڙ نقصانن خاص ڪري ڇوڙ واري علائقي جو ڪو به ذڪر نه ڪيو آهي. مصنفه انهي علائقي ۾ ٻڌ ڌرم جي واڌ ويجھ متعلق ڪافي ڄاڻ ڏني آهي، پر ڀاشا ڊيم ٺهڻ ڪري ٻڌ ڌرم جا يادگار پاڻي هيٺ اچڻ جو ڪو به ذڪر نه ڪيو آهي. ايستائين جو لداخ جي ٻڌ ڌرم جي پوئلڳن طرفان ڀاشا ڊيم خلاف ڪيل احتجاج جو ذڪر به نه ڪيو آهي. منڇر جو ذڪر ڪندي، اتي ڪجهه آثارن متعلق لکيو آهي ته اهي ديبل بندر جا آثار آهن ۽ اهو به لکيو آهي ته هڪ مظلوم مسلمان عورت جي دانهن تي حجاج بن يوسف سنڌ جي هندن کي سيکت ڏيڻ لاءِ محمد بن قاسم جي اڳواڻي ۾ سنڌ تي حملو ڪيو. تاريخي طرح ديبل سيوهڻ نه بلڪ ٺٽي ۽ ڪراچي جي وچ تي واقع آهي. ان کان علاوه سنڌ تي اهو پهريون نه بلڪ آخري حملو هو. ان کان اڳ ۾ چوڏهن حملا ڪيا ويا هئا. اهي حملا ڪنهن به مظلوم جي داد رسي لاءِ نه بلڪ پنهنجي ملڪ جي حدن ۾ توسيع پسندي پاليسي هيٺ ڪيا ويا. ڪتاب ۾ ڪراچي کي بمبئي ۾ شامل ڪرڻ ۽ 1937ع ۾ ٻيهر بحال ٿيڻ لکيو اٿس. تاريخ جي پنن اٿلائڻ سان اها حقيقت سامهون اچي ٿي ته 1843ع ۾ جڏهن انگريزن سنڌ تي قبضو ڪيو، ان وقت سنڌ هڪ آزاد ملڪ ھو. ڪجھ سالن کان پوءِ سنڌ جي آزاد حيثيت ختم ڪري ان کي بمبئي صوبي سان ملايو ويو. سنڌ ان فيصلي خلاف سراپا احتجاج رهي ۽ آخر عوامي دٻاءَ جي ڪري 1935ع ۾ سنڌ کي بمبئي کان ڌار ڪيو ويو. ڪراچي ان وقت ۽ هاڻي به سنڌ جي گادي آهي. اها پڻ هڪ سوچ ۽ ذهنيت آهي، جيڪا “سنڌ ۽ ڪراچي” لکي ٿي، جنهن جي جيتري مذمت ڪجي ٿوري آھي.

ڪتاب ۾ سنڌ جي بئراجن متعلق غلط انگ اکر ڏنل آهن. گڊو بئراج  لاءِ لکيو اٿس ته هن بئراج تي ٽي لک ايڪڙ زمين آباد ٿئي ٿي، حالانڪ گڊو بئراج تي 29 لک ايڪڙ زمين آبادي هيٺ آهي. سکر بئراج تي آباد ٿيندڙ ايراضي پنج لک ڄاڻائي اٿس، جيڪا ڇاهتر لک آهي. ڪوٽڙي بئراج جو ذڪر ڪندي لکيو اٿس ته اسين ڪوٽڙي کان ڪوٽڙي بئراج تان اڪري حيدرآباد آياسين، جيڪا ڳالهه غلط آهي. ڪوٽڙي بئراج ڄامشوري ۽ حيدرآباد کي ملائي ٿو، جڏهن ته ڪوٽڙِي ۽ حيدرآباد وري ڪوٽڙي بئراج کان هيٺين ڀر ريلوي پل وسيلي پاڻ ۾ ڳنڍيل آهن.

انڊس ڊيلٽا جي تباهي جو ذڪر ڪندي لکيو اٿس ته ڊيلٽا جيڪو 3500 ڪلوميٽر تي مشتمل هو، اهو هاڻي صرف 240 ڪلوميٽرن تي رهيو آهي. سمنڊ ۾ درياهه جي ڇوڙ جي منظر ڪشي ڪندي لکيو اٿس ته سنڌو کي مرڻينگ حال ۾ ڏسي، مونکي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا آهن. هڪ هنڌ محترما بينظير جي شهادت جو ذڪر ڪندي لکيو اٿس ته محترما جي شهادت کانپوءِ ملڪ جي وحدت ۽ سلامتي جي واحد نشاني سنڌو درياهه آهي. ملڪي وحدت جي واحد نشاني کي مرندو ڏسي واڳونءَ وارا ڳوڙها ته ڳاڙيا اٿس پر ان جي بچاءَ لاءِ ڪو هڪ لفظ به نه لکيو اٿس. الٽو ڪالاباغ ڊيم ۽ ڀاشا ڊيم جي حمايت ۾ لکيو اٿس، جيڪي سنڌو جي مرڻ ۽ انڊس ڊيلٽا جي تباهي جا ذميدار آهن.

مصنفه سڄي سفر ۾ شامل سندس ساٿين جو ڪتاب ۾ ذڪر به سٺي نموني ڪيو آهي. جتي هن قضا نماز پڙھڻ جو ذڪر ڪيو آھي، اتي سندس ھمسفر  عافيه ڪشميري، جنهن کي هو ڪتاب ۾ ‘نين’ جي نالي سان لکي ٿي، سان اڪيلائي ۾ گهاريل گهڙين جو  ذڪر پڻ ڪيو آهي. مجموعي طرح سنڌو درياهه تي هي هڪ ڪارائتو ۽ ڄاڻ سان ڀرپور ڪتاب آهي.