ٺٽو : ڪيٽي بندر ويجھو سامونڊي ڪريڪ حجامڙو ۾ تيز هوائن جي گھلڻ  سبب پيش آيل 3 هوڙن جي واقعي ۾ لاپتا مهاڻن جي ڳولا جي سلسلي ۾وڏي وزير جي خصوصي معاون صادق علي ميمڻ،  عاشق علي زرداري، حميد پنهور ۽ ٻين پڻ ڪيٽي بندر پهچي هلندڙ ريسڪيو جي ڪارروائين ۾ حصو ورتو، ٻئي پاسي اهو به معلوم ٿيو آهي سمنڊ ۾ تيز هوائن جي گھلڻ ڪري هلندڙ ريسڪيو جي ڪم ۾ پڻ حصي وٺندڙن کي سخت ڏکيائين جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي.