سمنڊ پوڙھا ناهن ٿيندا

0
167
سمنڊ پوڙھا ناهن ٿيندا

يورپ جڏهن عام ماڻھن لاءِ تفريحي پارڪ، راندين جا ميدان، علمي ۽ فلاحي مرڪز ۽ تحقيقاتي ادارا ٺاهي رهيو هو، ان وقت هندوستان جو شھنشاهه پنهنجي محبوبه جي ياد ۾ تاج محل ٺھرائي رهيو هو ۽ عين ان وقت انگلستان جو بادشاهه سندس راڻيءَ جي ٻار ڄڻڻ دوران ٿيل موت جي ڏک ۾ ان جي يادگار طور حامله عورتن جي مفت ويم لاءِ ڪنگ ائڊورڊ ميڊيڪل اسڪول جو بنياد رکي رهيو هو.حڪمرانن جون ٽجوڙيون ڀريل هجن يا شھنشاهن جي تاجن ۾ قيمتي هيرا جواهر مڙھيل هجن، دربارن ۾ طوائفن، زرخريد مورخن، وظيفي خور شاعرن، مثنويون لکندڙ ويڪائو قلمڪارن جي حضوري ڪندڙن جون قطارون هجن يا شراب و شباب و ڪباب، چنگ و رباب ۽ پرڪشش نوخيز خوبصورت رقص ڪندڙ   جوانين سان ڀرپور مدهوش محفلن جو سماءَ ھجي پر تاريخ ۾ انهن لاءِ ڪا جاءِ نه هوندي آھي. انهن جو نالو نشان ڪن سٺن اکرن ۾ ڪونه ملندو. نالو ملندو ته انهن جو جن وٽ انسانيت جو درد هوندو، جن ان درد کي محسوس ڪري، علم کي عقل سانڳنڊي، انسانيت جي خدمت کي پنهنجو شعار بنائي ۽ ان کي پنهنجي زندگيءَ جو معمول بنايو هوندو. جن جي سوچ ۽ لوچ جو هر لمحو ۽ عمل جو هر پل صرف ان ڳالھ تي مرڪوز هو ته ڪيئن ڪنهن کي سک ڏيئي سگهان. ڪيئن مُرجهايل چھرن تي محبتن جون مُرڪون آڻي سگهان. اهڙا انساني درد جي اڻ تڻ لاءِ آتا انسان، چاهي جوان هجن يا جُهرندڙ ھڏن وارا جُهور پوڙھا پر اهي ان ڳالھ تي پورو ۽ پڪو يقين رکن ٿا ته، سمنڊ ڪڏهن به پوڙھا ناهن ٿيندا. سمنڊ ڪڏهن به جَڏا ناهن ٿيندا، سمنڊن جي ڇولين ۽ لهرن ۾ سدا حيات جوڀن ۽ جواني هوندي آھي. جذبا ڪراڙا ناهن ٿيندا، ڀلي وقت جا ڪاڳر ڳري ڳري ڦاٽي وڃن پر انهن اکرن جا ذھنن جي اندر ضم ٿيل اثر شعور، لاشعور ۽ تحت الشعور جي گهراين ۾ پنهنجي وجود جون ميخون مضبوط ڪري چڪا هوندا آھن.

اهي انسان، جن کي ٻين جي اڻ تڻ ۽ اون هوندي آھي ۽ پنهنجن پيارن جي تانگھ ھوندي آھي. انهن جي ڪانبي ۾ ڪينو ڪڏهن به ڪونه هوندو آھي. انهن جي اکين ۾ آئيندي جي آس هوندي آھي. اهي ”ڳنڊين سارو ڏينهن، ڇنڻ مور نه سکيا“ واري محاوري کي سامهون رکي ٿڌي ڪوسي جا سنگتي هوندا آھن. اهي بغض ۽ عناد کان ڪوهين پنڌ پري پيار جي پڙ ۾ پير پائي اندر ۾ رڳي پيار جي ئي آنڌ مانڌ۾ پيا لڇندا آھن. ڇو ته احساس جي انتها جي ڪري انهن جا اندر اڌ ٿيل هوندا آھن. انهن وٽ سومل وارا سانگ هوندا ئي ڪونه آھن. ان انسانيت جي انس جو جاگرافيائي حدن، ملڪي، مذھبي، مسلڪي ۽ زباني حدبندين سان ڪو سروڪار نه هوندو آھي. انهن وٽ انساني جياپي ڪاڻ ڪس کائڻ، کوٽ جو کاتو يا مور جو سودو نه پر سچ صرافن وٽ اڻ توريو ئي اگهاميو واري حيثيت ۾ نفعي واري واپار جو مزو ماڻيندو آھي.

بس سوچ جي ڌارا جو رخ ڀلائيءَ ڏانهن رکجي ته بنا ڪنهن محنت جي پاڻمرادو هر ڪم جي الله توهار ئي ڀلي ٿي ويندي، ان لاءِ ڪي به پاپرا ڪرڻا ڪونه پوندا، ڪو الڪو ئي ڪونه هوندو، ڏينهن جي تپش ۽ رات جي ٿڌڪار ٻئي برابر مزو ڏيندا، سڪون جي ننڊ جو حڪمتي نسخو ان جهڙو شايد لقمان حڪيم يا ابن سينا وٽ به نه هجي.

بس هڪ ڳالھ ضرور ذھن ۾ رکجي ته اسان وٽ مرڻ مهل 50 ڪروڙ ھجن يا 50 ارب، اسانجي حيثيت ميت واري هوندي آھي، ميت چاهي کرب پتي جي هجي يا مسڪين ۽ لاوارث جي، ميت ميت ئي هوندي آھي. ٻنهي کي مٽيءَ جي کاهي کڏ ۾ وڃي، مٽيءَ سان ملي مٽي ٿيڻو آھي، بس جيستائين دل جي ڌڙڪن آھي، تيستائين ساهه جي تند هلي رهي آھي پر هيڏانهن تند ڇڄي، هوڏانهن ڪُجھ نه بچندو، نه رشتا نه ناتا، نه دولت نه دوستيون، ان کان اڳ صرف اهو سوچڻو آھي ته، مرڻ وقت اربين کربين ڇڏي وڃان ٿوته ڇا ان کان اهو بهتر نه آھي ته پنهنجي هٿن سان حقدارن کي حق ڏيئي وڃان. جڏهن هِيءَ دنيا ڇڏيان ته پاڻ تي ڪو بار نه هجي، سڪون ۽ اطمينان سان سرخرو ٿي ساهه ڏيان. جيڪڏهن اهو ئي سوچ جو محور هجي ته منهنجو مقصد حيات ڇا هو ۽ آئون لڳي ڪهڙن ڪمن ۾ ويسته سڀ سُٽ سلجهي سگهن ٿا.

هڪ جڳھ تي پڙھيو هئم ته هڪ ڪروڙپتي ماڻھوءَ کان ڪنهن پڇيو ته توکي زندگيءَ ۾ سڀ کان وڌيڪ خوشي ڪهڙي ڳالھ مان ملي، هن جواب ڏنو ته مون وٽ ملڪيت جي کوٽ نه هئي، دنياوي عزت وقار، رعب، دٻدٻو، ٺاٺ ۽ ٺڳ سڀڪجھ هئي پر مونکي دلي سڪون ڪٿان نه مليو. هڪ ڏينهن منهنجي دوست مون کي چيو ته، تون ڪجهه معذور ٻارن کي ويل چيئرس خريد ڪرڻ ۾ حصو وٺ، مون گهربل ويل چيئرس وٺي ڏيئي ڇڏيون پر دوست زور ڀريو ته تون پاڻ پنهنجي هٿن سان هلي اهي ويل چيئرس انهن ٻارن کي ڏي. آئون تيار ٿي ويس. مون تقريب ۾ انهن ٻارن کي اهي ڏنيون. مون ان وقت انهن ٻارن جي اکين ۾ عجيب قسم جي چمڪ ڏٺي. مون ڏٺو ته اهي ٻار هلندڙ ڦرندڙ ڪرسين تي ويهي هيڏانهن هوڏانهن گهمي رهيا هئا پر مونکي حقيقي خوشي تڏهن ٿي جڏهن آئون واپس وڃڻ لڳس ته انهن ٻارن مان هڪ ٻار منهنجي پيرن کي جهلي ورتو. مون نرمي سان پنهنجا پير ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي پر اهو ٻار منهنجي چھري ڏانهن وڏي غور سان ڏسي به رهيو هو ۽ منهنجي پيرن کي جهلي به رکيو هئائين. مون جهڪي ان ٻار کان پڇيو ته توکي ٻيو ڪجھ گهرجي ٿو؟ ان ٻار جيڪو جواب ڏنو ان نه صرف مونکي حقيقي خوشي سان روشناس ڪرايو پر منهنجي زندگي کي به بدلائي ڇڏيو. ان ٻار مون کي چيو ته ”آئون توهانجي چھري جي نقش کي پنهنجي ذھن ۾ ويهارڻ چاهيان ٿو ته جيئن جنت ۾ جڏهن توهان سان ملان ته توهانکي سڃاڻي سگهان ۽ هڪ ڀيرو پنهنجي رب جي سامهون به توهانجو شڪريو ادا ڪري سگهان.“

اسان ظاهري چمڪ ۽ عارضي خواهشن جي پورائي لاءِ دربدر ڦرندا رهون ٿا. شاهي تواضع جي تمنا ۾ اکيون ڪنهن سرڪاري سڏ جي انتظار ۾ رهڻ جا عادي بنبا پيا وڃونپر حقيت ته اها آھي ته بادشاهن جي محلن ۾ جهرمر ڪندڙ رنگين روشنين کي ڏسي وقتي طور مزو ملي سگهي ٿو. مجرن ۾ نچندڙ من موهيندڙ حسينائن جي لچڪيدار لڪڻ جهڙين چيلهين کي ڏسي ٿوري دير لاءِ اکين کي آساس ملي سگهي ٿو، محبوبه جي ياد ۾ مغل بادشاه جي بڻايل تاج محل کي ڏسي ڪجھ وقت لاءِ محظوظ ٿي سگهجي ٿو پر انگلستان جي بادشاهه پاران پنهنجي پياري زال جي ياد ۾ ڪنگ ائڊورڊ ميڊيڪل اسڪول جو بنياد رکڻ جي عمل کي صدين تائين دليون نه صرف داد ڏينديون رهنديون پر هر دور جي هر پيڙھي کي ان لاءِ اتساهه ڏينديون رهنديون ته،”روزا ۽ نماز اي پڻ چڱو ڪم، او ڪو ٻيو فهم جنهن سان پسين پرينءَ کي….“ ان وقت سمجھ ۾ ايندو ته سمنڊ پوڙھا ناهن ٿيندا رڳو جذبن کي جوان رکجي.