ممبئي(شوبز نيوز)آنلائن اسٽريمنگ پليٽفارم تي نشر ٿيڻ واري ڀارتي مشهور ريئلٽي شو بگ باس 3 جو ٽيلر جاري ڪيو ويو آهي. ڀارتي ميڊيا رپورٽس موجب او ٽي ٽي پليٽ فارم تي نشر ٿيڻ واري بگ باس جي سيزن 3 جي ٽيزر ۾ ميزبان جو چهرو ته ناهي ڏيکاريو ويو پر ڀارتي اداڪار انيل ڪپور جو مشهور ڊائيلاگ ٽيزر ۾ ٻڌي سگهجي ٿو. فوٽو اينڊ وڊيو شيئرنگ ايپ انسٽاگرام تي شيئر ڪيل ٽيزر ۾ انيل ڪپور جو مشهور زمانا ڊائيلاگ ”جهڪاس“ ٻڌي سگهجي ٿو. ڄاڻايل وڊيو ۾ بيڪ گرائونڊ ۾ آواز ٻڌي سگهجي ٿو ته “ يي سيزن هوگا خاص اور جهڪاس“ بگ باس 3 جو پهريون ٽيزر جاري ٿيندي ئي سوشل ميڊيا واهپيدارن طرفان بحث ڪيو پيو وڃي ته ايندڙ سيزن ۾ ميزباني سلمان خان نه پر انيل ڪپور ڪندو. واضح رهي ته بگ باس 3 مئي ۾ رليز ٿيڻو هو، اڻڄاتل سببن جي ڪري 3 جون تائين ملتوي ڪيو ويو.