ھمايون شريف (ن پ ا) سلطان ڪوٽ سول اسپتال جي پيرا ميڊيڪل اسٽافَ ايم ايس ڊاڪٽر خليل الرحمان سيال جي اڳواڻي ۾ او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو، پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي ملازمن چيو ته سنڌ حڪومت جيڪڏهن آءِ ايچ ايس کي ٻيهر بحال نه ڪيو ته اسان جي گهرن جا چُلها به نه ٻري سگهندا ۽ اسان ڦاڪاڪشي واري زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي وينداسين، هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته اسان کي يا سنڌ حڪومت ۾ زم ڪيو وڃي يا وري ڪانٽريڪٽ وڌايو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌائي ضلعي هيڊ ڪوارٽر اڳيان ڌرڻو هنيو ويندو.