رياض (م ڊ) سعودي حڪومت سياحتي ويزا رکڻ وارن کي به عمري جي ادائيگي جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب حج واري وزارت سياحتي ويزا تي ايندڙ ماڻهن کي عمرو ادا ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. عالمي ميڊيا موجب سياحتي ويزا لاءِ 49 ملڪ درخواست ڏيڻ جي اهل هوندا. سعودي جي حج واري وزارت چيو آهي ته آمريڪا، برطانيا ۽ يورپي ويزا رکڻ وارا ماڻهو به سعودي عرب جي دوري دوران عمرو ادا ڪري سگهندا، جڏهن ته فيملي ويزا رکڻ وارا ماڻهو به ايپليڪيشن ذريعي درخواست ڏئي عمرو ادا ڪري سگهن ٿا.