سرحد (ن پ ا) سرحد ڀرسان سکر ملتان ايم فائيو موٽروي تي ڪار جو ٽرالر سان ٽڪر جي نتيجي ۾ اسلام آباد واسي عباس شيخ عرف تخفور شيخ موقعي تي ئي فوت ٿي ويو حادثي سبب ڪار مڪمل طور تي تباهه ٿي وئي، واقعي بعد موٽروي پوليس ۽ مقامي ماڻهن گڏجي فوتي جو لاش گاڏي مان ڪڍي سول اسپتال منقتل ڪيو جتي ضروري ڪارروائي بعد لاش مرده خاني ۾ رکيو ويو ان سلسلي ۾ اسپتال انتظاميا جو چوڻ هو ته فوتي جي وارثن جي اچڻ بعد لاش سندن حوالي ڪيو ويندو،