سجاول (رپورٽر) ڪجھه ڏينھن اڳ چوھڙ جمالي پوليس ھٿان مبينا مقابلي بعد زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيل نوجوان محمد علي ملاڻو جي پيرسن پيءُ عيسيٰ مالاڻو سندس ٻين پٽن سان گڏ نيشنل پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو، هن چيو ته چوھڙ جمالي مان ڦر ٿيل موبائل فون جنھن جي منھنجي پٽ کي محمد علي کي خبر نه ھئي خريد ڪئي، جنھن کي ٽريس ڪندي پوليس منھنجي پٽ محمد علي کي گرفتار ڪري کڻي وئي ۽ ان جي آزاديءَ لاءَ اسان کان رشوت گھري جيڪا نه ڏيڻ تي چوھڙ جمالي پوليس محمد علي کي ھاف فرائي ڪري ڪوڙو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آھي. ھن چيو ته منھنجي پٽ تي زندگيءَ ۾ ڪا به ايف آئي آر ته پري جي ڳالھه پر اين سي به داخل نه ٿيل آھي. پوليس عادي ۽ وڏن ڏوھارين کي ھاف فرائي ڪرڻ بدران غريب ۽ مسڪين ماڻھن کي گرفتار ڪري رشوت گھري رھي آھي، جيڪا نه ڏيڻ تي ھاف فرائي ڪري ڪوڙو مقابلو ڏيکاري پنھنجي ڪارڪردگي ڏيکاري رھي آھي. ھن چيف جسٽس ھائي ڪورٽ سنڌ، آئي جي سنڌ پوليس، ڊي آئي جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي سجاول کي اپيل ڪندي چيو آھي ته منھنجي پٽ کي بي گناھ ھاف فرائي ڪرڻ جو نوٽس وٺي مون سان انصاف ڪيو وڃي.