سجاول جوڻيجو  (ن پ ا )سجاول جوڻيجو ٿاڻي جي حد ۾ عرضي ڀٽو بخشو ساريو روڊ تان ھٿياربند موٽر سائيڪل سوارن ٽن ڳوٺاڻن پوليس جمعدار جي ٻن پٽن ۽ پڦاٽ کي اغوا ڪري ويا.2 ڪلوميٽر پند ڪرڻ بعد پوليس ٻن ڀائرن  مجاھد ساريو،سندس ننڍي ڀاءُ 8 سال جي حسنين ساريو کي ڇڏي سندن پڦاٽ لياقت ساريو کي اغوا ڪري ويا.هٿياربندن پاران ڇڏيل ٻن ڀائرن گھر ڀاتين کي اطلاع ڏنو.پوليس ۽ ڳوٺاڻن پيرا کنيا جيڪي رتوديرو روڊ تي گم ٿي ويا.پوليس جمعدار ذوالفقار ساريو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته منھنجي ٻن پٽن مجاھد ساريو حسنين ساريو ۽ منھنجي نياڻي ڀاڻيجي لياقت ساريو کي اغوا ڪري موٽر سائيڪل، روڪ رقم ۽ موبائل ڦري ويا.هن چيو ته هٿياربند منھنجن ٻن پٽن کي رستي ۾ ڇڏي ڀاڻيجي کي اغوا ڪري ويا آھن.