ستل عالمي ضمير ۽ اسرائيل جا فلسطين تي حملا

0
266
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

هي دنيا پنهنجا رنگ ڏيکاريندي آهي، اهي به اهڙا اهڙا رنگ جو رنگ ڏسندڙ ۽ ڏيکاريندڙ ٻئي دنگ رهجي ويندا آهن. هن وقت به دنيا رنگ ڏسي رهي آهي ۽ خاموش تماشائي بڻيل آهي. اهي رنگ آهن اسرائيل جهڙي مست ڏاند هٿان فلسطينين جي قتل عام جا. هڪ پاسي معصوم ٻارن جا لاش آهن، عورتن جا مڙهه آهن، جوانن جون قربان ٿيل جانيون آهن، ڪراڙن جي جسمن جا بم سان اڏايل ٽڪرا آهن، مائرن، ڀينرن، ڌيئرن، والدن، پٽن، ڀائرن جون آهون ۽ دانهون آهن ته ٻئي طرف دنيا آهي جيڪا ان جي رڳو مذمت ڪري رهي آهي. مسلمان ملڪ آهن جيڪي ٺلهن بيانن تائين محدود آهن، اسلامي ملڪن جي تنظيم آهي جنهن کان رڳو بيان جاري ڪرائي مقصد پورو ڪيو پيو وڃي. عرب ليگ آهي جنهن جي بيانن ۾ ته مذمت به ڇسي هوندي آهي، نار ڪائونسل آهي جنهن کي ته بيان ڏيڻ جي به توفيق ناهي ٿيندي. مسلمان ملڪن جا سربراهه آهن جن جي اڪثريت جو ته ڪو بيان به ناهي آيو، ڪجهه ملڪ آهن جن جا سربراهه هڪ پاسي بيان ڏئي اسرائيل جي مذمت ڪندا آهن ته ٻئي پاسي وري اسرائيل سان سفارتي لاڳاپا به قائم ڪيو ويٺا آهن جو ان طريقي سان سندن معاشي هدف محفوظ ٿي ويا آهن. ٽئين طرف دنيا جا طاقتور ملڪ آهي جن کي هي ظلم نظر ئي نه ٿا اچن. آمريڪا ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ اسرائيل جو معاملو اٿڻ ئي نه ڏنو ۽ سلامتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ فلسطين جي معاملي کي بلاڪ ڪري ڇڏيو. يورپي يونين کي به آمريڪا جيان اسرائيل تي فلسطين جا اڇلايل راڪيٽ ته نظر آيا آهن پر يروشلم جي علائقي شيخ جراح ۾ واقع فلسطينين جي وسندي کي خالي ڪرائڻ ۽ رمضان مهيني جي آخري ڏهاڪي ۾ بيت المقدس تي اسرائيل جون ڪيل چڙهايون نظر نه آيون جن سان مسلمانن جي پهرئين قبلي مسجد اقصيٰ جي بيحرمتي ڪئي وئي. ۽ نه ئي اسرائيلي حملن ۾ تباهه ٿيل گهرن ۽ 140 ماڻهن جا لاش نظر آيا آهن. پوءِ به طاقتور ملڪ ان ظالم ملڪ جي ظلم کي بچائڻ لاءِ ڍال جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.
فلسطين مان آيل اطلاعن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اسرائيل عيد جي ٻنهي ڏينهن سميت پنجين ڏينهن به فلسطين تي بمباري جو سلسلو جاري رکيو، پنجن ڏينهن جي حملن ۾ هيل تائين شهيد ٿيل فلسطينين جو انگ 140 ٿي ويو آهي. انهن شهيدن ۾ 31 معصوم گلن جهڙا ٻارڙا ۽ 15 عورتون به شامل آهن. زخمين جو انگ 12 سئو کان وڌي ويو آهي. اسرائيلي فوج جي وحشياڻي بمباري ۾ ڪيتريون ئي عمارتون مٽي جي ڍير ۾ تبديل ٿي ويون آهن، ۽ غزه جو علائقو هر پاسي کان تباهي جا منظر پيش ڪري رهيو آهي. فلسطينين تي ظلم جي ڪاري رات جاري آهي جيڪا 1948ع ۾ ان وقت شروع ٿي جڏهن برطانوي سرڪار فلسطين جا ڪيترائي قبضو ڪيل علائقا يهودين حوالي ڪيا ۽ اسرائيل وري فوجي طاقت وسيلي ڪمزور مسلمان رياست فلسطين جي زمين تي قبضو ڪندو ويو ۽ آهستي آهستي فلسطين جي 80 سيڪڙو علائقي کان وڌيڪ علائقو قبضي ۾ ڪري ورتو، نه رڳو ايترو پر پاڙيسري ملڪن شام، اردن، لبنان جي به ڪيترن ئي علائقن تي قبضو ڪيو. ان قبضي کي جيتوڻيڪ گڏيل قومن جو ادارو جنرل اسيمبلي ۽ سلامتي ڪائونسل جي قراردادن وسيلي غيرقانوني ۽ غيراخلاقي قرار ڏئي چڪو آهي، انصاف واري عالمي عدالت ۾ به ان قبضي ۽ اسرائيل جي حملن ۾ بيگناهه فلسطينين جي قتل جا ڪيس هلي رهيا آهن پر اهي سموريون عالمي ڪوششون بنا ڪنهن طاقت جي آهن ان ڪري انهن تي اسرائيل ڪو عمل ناهي ڪيو. اسرائيل کي آمريڪا ۽ يورپ جي پٺڀرائي حاصل آهي. ان ڪري انهن ظلمن جي خاتمي جو ويجهي مستقبل ۾ ڪو به امڪان نظر نه ٿو اچي. اسان سمجهون ٿا ته عالمي ضمير کي اسرائيل جي ان ظلم کي ٺلهين ڳالهين سان نه پر عملي طور طاقت سان روڪڻ گهرجي. جيئن عراق، لبيا، شام، افغانستان ۾ ڪارروائي ڪئي وئي تيئن اسرائيل کي به طاقت سان مجبور ڪرڻ گهرجي ته هو بيگناهه ماڻهن تي ظلم ڪرڻ بند ڪري. جيڪڏهن ائين نه ڪيو ويو ته پوءِ ظلم جي ستايل ماڻهن وٽ ٻيو ڪجهه ناهي هوندو ته هو پنهنجي جسم کي ئي هٿيار بڻائي دشمن تي حملا ڪندو آهي پوءِ چاهي دنيا ان کي دهشتگردي جو نالو ڏئي يا ڪجهه به چوي. عالمي برادري کي سوچڻ گهرجي ته انساني ۽ دفاع جا حق رڳو غاصب طاقتن ۽ ملڪن جا ناهن هوندا پر، مظلوم ماڻهن جا به هوندا آهن. انهن کي به هن دنيا ۾ جيئڻ ۽ هن ڪائنات جي ڪشادگين مان فائدو کڻڻ جو اوترو ئي حق آهي جيترو طاقتور ملڪن کي آهي. هي ظلم جي رات نيٺ ته کٽڻي آهي پر ائين نه ٿئي جو جيڪا نئين پرهه ڦٽي ان جو دارومدار رتوڇاڻ ۽ انساني لاشن جي ڍيرن تي هجي. دنيا هاڻ به اک نه پٽي ته پوءِ ڪڏهن پنهنجي ضمير کي جاڳائيندي؟